رانديون

ڪشمير پريميئر ليگ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن کي مليل چيڪ بائونس ٿيڻ لڳا

ڪشمير پريميئر ليگ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن کي ادائيگين جا مليل اڪثر چيڪ بائونس ٿيڻ لڳا آهن. ميڊيا مطابق ڪي پي ايل جي پهرين ڪامياب ايڊيشن کانپو مالي بيقائدگين واري معاملي زور سان ڪر کنيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ليگ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن کي ادائيگين جا مليل چيڪ بائونس ٿيڻ ڪري اهي پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن. ڪي پي ايل ڪانٽريڪٽ تحت رانديگرن کي پهرين ادائيگي طور 50 سيڪڙو رقم ملي چڪي آهي. جڏهن تھ کين ٻي ادائيگي جا چيڪ ڏنا ويا، جيڪي معاهدي تحت آگسٽ ۾ ڪيش ٿيڻا هئا، پر اهي بائونس ٿيڻ لڳا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ فرنچائيزز پيسا ليگ اختيارين کي چئي چڪيون آهن ۽ رانديگرن جا چيڪ بائونس ٿيڻ غلطي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button