ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ خوفناڪ صورتحال ۽ صف بنديون

Editorial-Article-Ali Muhammad

ملڪ جي صورتحال تمام گهڻي خوفناڪ ۽ حالتون ڳڻتي وارو رخ اختيار ڪري رهيون آهن، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ کي واڳوئن، بگهڙن ۽ مانگر مڇن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ملڪ کي چنبڙيل اهي خوفناڪ بلائون سموري رياست، صوبن ۽ 22 ڪروڙ عوام کي ڳڙڪائڻ لا زور آزمائي ڪري رهيون آهن. ملڪ جي اهڙي قسم جي اذيت ۽ تڪليف واري صورتحال ۾ مزاحمت ڪندڙ عوام ۽ عوامي قوتون ۽ ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ڌريون پڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿينديون محسوس ٿي رهيون آهن. ملڪ کي ٻاهريان، ڌاريا ۽ مختلف فرقن ۽ نفرتن وارا گروهه ڳڙڪائڻ ۽ هضم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن. حڪومت عملي طور تي مفلوج ۽ سندس هٿ پير هلڻ کان جواب ڏئي ويا آهن. ملڪ تي حڪمران سونامي سرڪار جي ساڍن ٽن سالن واري حڪمراني ۾ ملڪ جون حالتون خراب ۽ امن امان واري صورتحال پٽ پئجي وئي آهي. هاڻي اهي حڪمران ڏيڍ سال وڌيڪ ملڪ جي ڀيل ڪرڻ بعد اڳتي وڌيڪ 5 سالن واري مدي لا چونڊ نتيجا پنهنجي حق ۾ ۽ هٿ وس ڪرڻ لا اليڪشن ڪميشن کي بيوس بنائڻ ۽ بي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ مسلح جٿن ۽ گروهن سان به چونڊ اتحاد قائم ڪرڻ وارا اعلان ڪري چڪا آهن. يعني ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام جو مقابلو مسلح جٿن سان ۽ ووٽن جو مقابلو بندوقن سان ٿيندو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي حال بي حال ٿيڻ بعد هاڻي ملڪ جي صوبن، قومن ۽ جملي عوام جو مستقبل پڻ دا تي لڳڻ وڃي رهيو آهي.
حڪومت طرفان ملڪ کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ آ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ بعد پابندي مڙهيل تحريڪ اڳيان به گوڏا کوڙڻ بعد هاڻي ملڪ ۽ عوام جي حالت يقينن قابل رحم بڻجي چڪي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته، ملڪ ۾ عوام جي سنڀال ڪندڙ حڪومت جو ڪوبه وجود ئي نه آهي. ملڪ جي سرشتي ۾ تيزي سان وڌندڙ ڏارن سبب سمورو ملڪ تمام وڏي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو آهي. حڪومت پنهنجي اڻوڻندڙ ڪارگذارين سبب غير مقبول ٿيڻ بعد اها پنهنجي وزن سان ئي ڪرڻ لڳي آهي. ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ڪنهن به وڏي حادثي ٿيڻ واريون ڳڻتيون محسوس ڪيون پيون وڃن. حڪمران جماعت جي پڻ احتساب ٿيڻ جو وقت اچي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ هلندڙ فارن فنڊنگ ڪيسن ۽ دوائن، کنڊ، ڪڻڪ، اٽي ۽ ٻين مختلف ڪيسن يا بي اعتمادي واري رٿ جو شڪار ٿي ڌماڪي سان ڪرڻ کان بچڻ لا ڪنهن مدد يا سبب جي ڳولها ۾ نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي سياسي قوتن ۽ ادارن ۾ پڻ تيزي سان نئين صف بندي ٿي رهي آهي، حڪومت جي صفن ۾ ڏار پوڻ سان گڏوگڏ پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر جون جماعتون پڻ ٻن ڪئمپن ۽ ٻن اتحادن ۾ ورهايل آهن. ۽ هر قسم جي حادثاتي صورتحال ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جون تياريون هن وقت کان ئي شروع ٿي ويون آهن. ان صورتحال مان ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته شايد حڪومت وقت کان اڳ ئي ڊهي پوي يا وزير اعظم، اسيمبلين کي ٽوڙڻ وارو رهيل هڪ غيرمقبول ۽ بدنامي وارو ڪم پڻ پاڻ ڪري وڃي. اها ڳالهه هاڻي صاف ٿي چڪي آهي ته رانديگرن جي حڪومت، ملڪ جي آئين ۽ ڪنهن به قانون جي پاڻ کي قانوني ۽ اخلاقي پابندي سمجهڻ کان مڪمل طور تي انڪاري هئڻ کان علاوه پنهنجي انا، ضد ۽ خوف واري حالت جو وڌيڪ شڪار آهي.
ملڪ ۾ حڪومت جو رهيل باقي ڏيڍ سال مدي بعد وقت تي عام چونڊون ٿين ٿيون يا اسيمبليون ٽوڙڻ جي صورت ۾ هڪ سال اڳ ٿين ٿيون پر اها به حقيقت آهي ته هن وقت سياسي جماعتن جي تياري اڃا مڪمل نظر نه اچي رهي آهي. مخالف ڌر جي جماعتن جو اتحاد پي ڊي ايم ۽ ان اتحاد کان ڌار ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي کليل نموني هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي چڪيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز لا للڪار بنجڻ کان پري رکڻ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهي بلاول ڀٽو جي حوالي ڪرڻ کان روڪڻ لا ٻن جماعتن جي قيادت جي رٿيل سازش ذريعي پيپلز پارٽي کي ئي پنهنجي ٺاهيل اتحاد کان ڌار ڪرڻ بعد پي ڊي ايم اتحاد لڳاتار زوال ۽ ناڪامين جو شڪار آهي. ٻئي پاسي، مسلم ليگ نواز جي اندر به پارٽي جي آئيني صدر شهباز شريف کي پنهنجي جماعت جي سربراهي ڪرڻ کان روڪڻ لا مريم نواز شريف ۽ ان خاندان جي خدمتگارن اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين واري ڇڪتاڻ جهڙي ريت هن جماعت جي طاقت کي نپوڙي ۽ مفلوج ڪري رهي آهي ان سان ائين نظر اچي رهيو آهي ته، مسلم ليگ نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ به پٺتي رهجي ويندي.
پنجاب صوبو، جنهن جو ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ يا حڪومت سازي ۾ اهم ڪردار آهي، جرمني جهڙي ملڪ جيڏي هيڏي وڏي صوبي ۾ عام چونڊن وارا اصل مقابلا ٿيڻا آهن. جتي وقت کان ئي اڳ وڏن دنگلن ۽ مقابلن لا ميدان هموار ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هن ڀيري پنجاب صوبو عملي طور تي ٽن وڏين سياسي ڌرين، مسلم ليگ ن، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آ ۾ مقابلي ۽ دنگل وارو ميدان بنجڻ وڃي رهيو آهي. جنهن مان وچ پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز کي سرسي ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سگهاري طاقت جا مرڪز بنجندي نظر اچي رهيا آهن. پي ٽي آ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ملڪ تي آندل سونامي واريون تباهه ڪاريون برپا ڪرڻ وارو پنهنجو وقت پورو ڪرڻ بعد تيزي سان واپس سمنڊ طرف لهڻ ۽ سمنڊ جي موجن جو کاڄ ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اهو پڻ ممڪن آهي ته، پي ٽي آ وري پنهنجي پراڻي حيثيت ۽ مخالف ڌر واري مختصر جماعت ۾ تبديل ٿي وڃي.
بيشڪ ملڪ کي درپيش هر قسم جي حالتن جي باوجود آخرڪار تبديلي ۽ سونامي جي تباهه ڪارين کان نجات ۽ ان جي احتساب وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۾ ڄام ڪمال جي حڪومت وڏي ڌماڪي سان ڪرندي نظر آئي ۽ هاڻي وارو صوبي پنجاب ۽ حڪومت جو آهي ان بعد وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ به تياري جي مرحلن ۾ آهي.
ملڪ جي سياسي ڌرين ۽ جمهوريت ۽ پارلياماني نظام ۽ بقا ملڪ جي سلامتي لا قدم کڻڻ جو وقت هاڻي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪيو آهي. اهو ملڪ جي سمورن ترقي پسندن، جمهوريت پسندن، وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي، سماج سڌارڪن ۽ ساڃهه وندن لا پڻ امتحان آهي ته، ڏسجي ته، ملڪ جو آئين، جمهوريت، علم، ڏاهپ ۽ عقل سوڀارو ٿئي ٿو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button