ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عظيم آڪٽوبر جو ورثو

Editorial-Article-Yameen Jatoi

هر سال جيان هن سال پڻ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي سالگرهه ملهائي پئي وڃي، سڄي دنيا جي ڪميونسٽ پارٽيون ۽ ڪميونسٽ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي 104ين سالگرهه جي موقعي تي سوويت يونين ۽ سوشلزم جي انساني زندگيءَ جي مڙني دائرن ۾، آندل انقلابي اٿل پٿل جي اهميت کي اجاگر ڪندا. اهم ڳالهه اها آهي جو، هر سال ان واقعي کي ملهائڻ واري سرگرميءَ ۾ شدت اچي رهي آهي. نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر سڄي دنيا اندر پورهيت تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو احياءُ ٿي رهيو آهي. ان جو سبب، ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته، اڄ سڄي دنيا اندر پورهيت عوام طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر سرمائيداريءَ جي متبادل جي ضرورت کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. مطلب ته اڄ وري سرخ سويري جو سپنو نئين ولولي ۽ امنگ سان دنيا جي اربين عوام ۽ هڪ منصفاڻي انساني سماج جي قيام جي مشعل کڻي نڪتل ڪميونسٽن جي اکين ۾ سرجي رهيو آهي. عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي سالگرهه جي سلسلي ۾ ڪجهه سال اڳ بين الاقوامي ڪميونسٽ پريس پنهنجو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو هو. جيڪو اڄ هتي پڙهنداڙن سان ونڊي رهيا آهيون. پڌرنامو چئي ٿو:
“سوشلزم ضروري ۽ وقتائتو آهي: عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب 7 نومبر 1917ع ٿي فتحياب ٿيو. اسان پيرس ڪميون جي يادگيريءَ جي تعظيم ڪيون ٿا. اسان مارڪس، اينگلز ۽ لينن جو احترام ڪيون ٿا ۽ منجهانئن اتساهه پڻ ورتو آهي. جن اشتراڪي آئيندي لاءِ پورهيتن جي جدوجهد جي رهنمائي ڪئي ۽ سائنسي طور ان کي دستاويزي شڪل ڏني ته، ان منزل تائين ڪيئن پهچجي.
ايڪيهين صديءَ ۾ رهندي؛ اسان لاءِ عظيم آڪٽوبر جو مطلب ڇا آهي؟
1- عظيم آڪٽوبر ڪل انسانذات آڏو نروار ڪيو ته، عوام ان سماجي-معاشي نظام جي چونڊ ڪري سگهي ٿو، جيڪو سندن مفادن جو تحفظ ڪري. اهو به ڏيکاريائين ته، سرمائيداري انساني تاريخ جي پڄاڻي نه آهي، ان جي ٺاهه ٺوهه نه ٿي ٿي سگهي. اها جنگ، غربت، مصيبتن، بيروزگاري ۽ هجرت جهڙن مسئلن کي جنم ڏيئي ٿي. انسانذات وٽ ان جو متبادل آهي ۽ اهو آهي سوشلزم.
2- عظيم آڪٽوبر ڏيکاريو ته، جيڪڏهن عوام پنهنجين زندگين ۾ بنيادي ڦيرو آڻڻ چاهي ٿو ته، کيس پنهنجي قسمت کي پنهنجن ئي هٿن ۾ کڻڻو پوندو. سرمائيداري هڪ اهڙو سماج آهي، جتي سرمائيدار پيداواري ذريعن جو مالڪ آهي ۽ پورهيت طبقي، عوام جو سرمائيدار طبقي لاءِ استحصال ڪيو وڃي ٿو.
3- عظيم آڪٽوبر پورهيتن ۽ محنت ڪش عوام جو انقلاب هو. جنهن سماج اندر گهري تبديلي-سماجي انقلاب آندو.
4- عظيم آڪٽوبر اهو به ڏيکاريو ته، پورهيت ۽ محنت ڪش عوام تڏهن ئي سوڀارو ٿي سگهندو، جڏهن ان جي انقلابي حڪمت عمليءَ سان گڏ ڪميونسٽ پارٽيون رهنمائي ڪن. آڪٽوبر انقلاب اهو به ڏيکاريو ته، ڪميونسٽن جو مقصد سرمائيداريءَ جي راڄ جو خاتمو آڻي، سوشلزم قائم ڪرڻ آهي.
5- عظيم آڪٽوبر اهو به ثابت ڪيو ته، حڪمت عمليءَ سان گڏ هڪ منظم ۽ نظم ضبط تي ٻڌل مارڪسي-لينني پارٽي، جنهن جو مقصد بورجوا اقتدار جو خاتمو آڻڻ آهي، کانسواءِ پورهيت طبقو ۽ عوام فتحياب نٿو ٿي سگهي.
6- 1917ع جي عظيم آڪٽوبر ثابت ڪيو ته، سرمائيداريءَ کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ان سوشلسٽ انقلابن جي عهد جا در کولي ڇڏيا، هنگري، سلوويڪيا ۽ بويريا ۾ 1919ع ۾ انقلاب آيا ۽ جيڪي سوشلسٽ رياستون قائم ٿيون، انهن واضح ڪيو ته، سوشلزم ڇڙو روسي لقاءُ نه آهي، پر اهو ته ڪيترن ئي ملڪن اندر پورهيتن جي گڏيل آرزو آهي. عظيم آڪٽوبر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ يورپ ۽ سڄي دنيا اندر ڪميونسٽ پارٽين کي جنم ڏنو، جن جو سرمائيدار ملڪن اندر عوام جي فتح ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سرمائيدار ملڪن سوشلسٽ رياستن جي دٻاءُ هيٺ رعايتون ڏنيون، جيڪي رعايتون هڪ هڪ ڪري ختم ڪيون پيون وڃن.
اها سرمائيداري ئي هئي، جنهن ٻي عالمي جنگ کي جنم ڏنو، پر اها سوشلسٽ سوويت يونين ئي هئي، جنهن عوام جي فاشزم خلاف عظيم فتح ۾ تمام وڏو حصو وڌو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اوڀرندي ۽ مرڪزي يورپ جي رياستن، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا سوشلسٽ واٽ ورتي.
رنڊڪن ۽ ردانقلابن باوجود اسان جو عهد سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن عبور جو عهد آهي، جيتوڻيڪ ڪاميابين ۽ ناڪامين جون ۽ انقلابن جون اوچيون ۽ ماٺيون لهرون رهيون آهن، پر اهو اڻٽر طور سوشلزم جي عالمي فتحيابيءَ ڏانهن وٺي ويندو.
7- سرمائيداري انسانذات جي مسئلن کي حل نٿي ڪري سگهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي اربين عوام جي سٺي زندگيءَ جي تخليق ڪري سگهي ٿي، پر سرمائيداري ان آڏو رڪاوٽ بڻيل آهي. سوشلزم ئي اهو فريضو سرانجام ڏئي سگهي ٿو.
سوشلزم، ان جي ڪمزورين باوجود، بنيادي مسئلن، جيئن ڪم سڀنيءَ لاءِ، مفت تعليم، صحت ۽ مستقبل جي تحفظ جهڙن مسئلن کي نبيريو، جن کي عوام سرمائيداريءَ هيٺ ڏهاڪا گذرڻ کان پوءِ به اڃا تائين ڀوڳي رهيو آهي. سوشلزم ناڪام ناهي ٿيو، جيئن سرمائيداريءَ جا معذرت خواهه دعويٰ ڪن ٿا. سوشلسٽ تعمير جي قانونن جي هم آهنگ هئڻ جي اهميت کي مڃيو ويو، ڪوڙن، اينٽي-ڪميونسٽ بگاڙ، اينٽي سوشلسٽ پروپئگنڊا، يورپي يونين ۽ سرمائيدار حڪومتن پاران يورپ ۾ تاريخ جي جعلسازيءَ باوجود عوام ۽ خاص طور نوجوان، جن کي سوشلزم بابت ڄاڻ ڪانهي، تاريخي حقيقتن جي ڳولها ۽ استحصال ڪندڙن ۽ سرمائيداراڻي نظام خلاف اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
8- عظيم آڪٽوبر انقلاب ان ڳالهه جي به ثابتي ڏني ته، سوشلزم اهڙو سماجي نظام آهي، جتي سياسي اقتدار پورهيتن جي هٿن ۾ هوندو آهي ۽ سائنسي طور منصوبابند معيشت عوام جي ضرورتن جي تسڪين ڪري ٿي ۽ اتي مارڪيٽي معيشت جي نراج، چٽاڀيٽي ۽ سرمائيداراڻي درندگيءَ جي حاڪميت ناهي هوندي.
اچو ته سڄي دنيا اندر پورهيت طبقي لاءِ، ان غيرمعمولي واقعي کي گڏجي ملهايون، جنهن دنيا تي پنهنجو فيصلائتو اثر وڌو ۽ عالمي پورهيت تحريڪ لاءِ نوان تناظر کوليا.
اچو ته دنيا اندر ڪميونسٽن جي انقلابي ٻڌيءَ ۽ ان ڪروڙين محنت ڪش عوام کي مضبوط ڪيون، جيڪي اجاريدارين جي اقتدار خلاف ۽ انسان هٿان انسان جي استحصال جي خاتمي ۽ نئين دنيا، سوشلزم-ڪميونزم قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پورهيت طبقي ۽ غريب سماجي پرتن جي اتحاد جي تشڪيل لاءِ وڙهي رهيا آهن.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button