ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گانڌي: هندستان جو عظيم سپوت-II

Editorial-Article- Yameen Jatoi

جيستائين گانڌيءَ ۽ سندس سرگرمين جي مختلف پاسن بابت سوويت تحقيق جو سوال آهي ته اهڙا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن.
هتي هيءُ بيان ڪرڻ مناسب ٿيندو ته ڪيترن ئي سوويت ليکڪن جي شروعاتي ڪتابن ۾ گانڌيءَ جو هڪ طرفو ۽ اڪثر غلط جائزو ورتو ويو. ان جو وڏو سبب سندس فڪر جي پيچيدي ڪردار، سندس ڪجهه عملي سرگرمين جا تضاد ۽ سندس سرگرمين جي تفصيلي مطالعي لاءِ مواد جي کوٽ هئي.
پر سوويت اورينٽلسٽن جي ڄاڻايل لکڻين ۾ هندستاني عوام جي قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ گانڌيءَ جي رول جو معروضي سائنسي تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ سندس فڪر جي ارتقا ۽ تضادن کي واضح ڪيو ويو آهي.
گانڌيءَ جي سئو سالا جنم جي جشن جي سلسلي ۾ جيڪو آڪٽوبر ۾ ملهايو پيو وڃي، ڪيترائي اهم ۽ سنجيده نوعيت جا ڪم ڪيا پيا وڃن. سوويت سائنسي اڪيڊميءَ جي پهل تي هڪ تنظيمي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ وڏا سائنسدان ۽ عوامي شخصيتون شامل آهن. ڪميٽي ان موقعي لاءِ هڪ رٿا جوڙي آهي.
ان ۾ گانڌيءَ جي انهن لکڻين کي اهم مقام حاصل آهي جن جو ترجمو ٿي چڪو آهي اهڙيءَ ريت گانڌيءَ جي “سوانح عمري” (حق جي ڳولها) جو ٽيون ايڊيشن تيار ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته پهريان ٻه ايڊيشن ڳچ وقت اڳ وڪامي چڪا آهن، گانڌيءَ بابت سوويت پڙهندڙن جي دلچسپي جا ڪجهه مضمون روسي ٻوليءَ ۾ به ڇاپيا ويندا جن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سندس ڪردار کي واضح ڪيو ويو آهي.
اي اين ڪوماروف ۽ اي ڊي لتمان جو هڪ ڪتاب “گانڌيءَ جو عالمي نقطه نظر” به ڇپڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.
سوويت سائنسي اڪيڊميءَ جي اوڀر جي اڀياس واري انسٽيٽيوٽ ۾ آڪٽوبر مهيني ۾ گانڌيءَ بابت هڪ جوبلي اجلاس ٿيندو. اوڀر جي وڏن سوويت اسڪالرز ۽ وڏين عوامي شخصيتن جا مقالا ان موقعي تي پڙهيا ويندا. اميد آهي ته ان اجلاس ۾ اسان جا ڪجهه هندستاني دوست به اهم حصو وٺندا. ان موقعي تي ماسڪو، لينن گراڊ ۽ تاشقند ۾ به جلسا ٿيندا.
تنظيمي ڪميٽي تحقيقاتي ادارن ۽ لائبريرين ۾ گانڌيءَ جي لکڻين ۽ هن بابت ڪتابن جي نمائش منظم ڪرڻ تي به سڄو توجهه ڏئي رهي آهي. سوويت يونين دهلي گانڌي درشن بين الاقوامي نمائش ۾ حصو وٺي رهي آهي.
سوويت يونين جي مواصلات واري وزارت هڪ گانڌي اسٽامپ به جاري ڪري چڪي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هندستاني عوام جي ان عظيم سپوت مهاتما گانڌيءَ جي سئو سالا جشن جي انهن تقريبن سان هندستان ۽ سوويت يونين جي عوام وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button