“موت انڌو فقير آهي، جيڪو بنا تفريق، سڀني جي در تي سين هڻي ٿو.” ايئن ئي گذريل سال نومبر جي مهيني جي ڪنهن منحوس ڏينهن تي فقير اچي رسول ميمڻ گلي جو در کڙڪايو ۽ راهه مولا ۾ سندس ساهه کي قبضي ۾ ڪري اک ڇنڀ ۾ پرلوڪ هليو ويو.
رسول ميمڻ سنڌي ادب جو هڪ باب هو، بُنيادي طور آئون کائنس وفات کان پوءِ ئي چڱي طرح واقف ٿيس. رسول ميڻ جي لکڻين کي پَڙهندي ذهن مان ٺَڪاءَ نڪريو وڃن ٿا. رسول ميڻ جا ڪتاب پڙهندي هڪ نئين سفر ڏانهن ماڻهو هليو وڃي ٿو، اهڙي دُنيا جتي دل نه پَر دماغ جو استعمال لازم آهي. سوچن جو هڪ نئون دڳ ملي پوي ٿو. سوچون جيڪي وڄ جي اوچتي چمڪڻ جيان دماغ ۾ پيدا ٿي هڪ الهامي صورت اختيار ڪن ٿيون.
آئون جيترو محسوس ڪري سگهيو آهيان ته رسول ميمڻ درد جو نوحو لکي ٿو، هن وَٽ آٿت آهي، همدردي آهي، قلم جي روپ ۾ زبان آهي جيڪا ٻين جي احساسن کي خلاصو ڪري ٿي جن کي ڪير ڪڏهن به بيان ناهي ڪري سگهيو. هر پڙهندڙ سندس لکڻين جي ڪردارن ۽ ٿيم کي پنهنجي آس پاس ٿيندڙ لڪائن سان تشبيهه ڏئي محسوس ڪري ٿو ته سمورو ڪجهه انهن سان ۽ انهن جي اڳيان ٿيو آهي. هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ مُرادو هن ڏانهن مقناطيس جيئان ڇڪجو اچي ٿو.
جيئن ته رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر هو، ان ڪري زندگي جي پيچيدگين جي نفسيات، وجودي بُحران ۽ فلسفي کي اپٽارڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ هو، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، جن ۾ واضح طور انساني جذبن جي اُپٽار ٿيل آهي، جيڪي هر عام ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ خوبيون ۽ خاميون آهن سي سندس تحريرن ۾ نمايان ظاهر آهن.
اهي اڄ جي سنڌ سان جڙيل ماضي ۽ حال جو نوحو به آهن ته انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ به سلهاڙيل آهي، جنهن جو مثال اسان اک ڇنڀ ناول جيڪو ماضي جي ورقن ۾ دفن ٿيل تاريخ کي ڇنڊي ڦوڪي حال ۾ اڳيان آڻي ٿو ته سندس سينڊروم ڪهاڻين جو ڪتاب کڻي ڏسجي جيڪو انسان جي احساسن ۾ ٿيندڙ وڳوڙ کي نفسياتي فلسفي انداز سان چٽي ٿو.
رسول ميمڻ هڪ منفرد ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نويس ۽ ناول نگار هو. جنهن جي موضوعن جي چونڊ ناياب هُئي، هن جي هر لکڻي سائنسي فلسفي تي آڌاريل هُئي ۽ اها ئي ٽيڪنڪ هن کي مُنفرد ۽ هڪ الڳ صف ۾ بيهاري ٿي. سنڌي ادب جي بدقسمتي اها رهي آهي ته، جيئري هن جهان ۾ تنقيدن، نفرتن، حسد جا هار هر ڪوئي پارائي ٿو پر مجال آهي جو ڪنهن مهان ليکڪ جي ڪنهن لکڻي کي هُن جي حيات ۾ هوندي ئي مڃتا ملي پئي. سنڌي ادب ۾ چند ليکڪن کي ڇڏي جيڪي ماضي جو حصو ٿي رهيا، جن کي ڪنهن به حوالي سان مڃتا ملي پر افسوس هن ويجهر وارن ڏهاڪن ۾ ان ڳالهه کي نه صرف محسوس ڪيو ويو آهي، پر شدت سان ضرورت پڻ رهي آهي.
رسول ميمڻ ظاهري طور ته ماڻهن جي هڏن ۽ جسم جي وَڍ ٽڪ ڪندڙ ۽ جوڙيندڙ هيو، هو ان فعل ۾ ڪيترو ڪامياب رهيو اُهو ته آئو نٿو ڄاڻان ته ان اسپتال جا مريض کائنس ڪيترا مطمئن هئا جيڪي چوديواري جي قيد ۾ ئي هيا. پر پنهنجي فلاسافي واري رويي، اسلوب، فڪر، سوچ ۾ ايترو ئي گهرو هو جنهن جي سوچ مان اندازو ايئبڱن ئي لڳائڻ مشڪل هو جيئن سمنڊ ۾ هيرن ۽ جواهرن جي اڳڪٿي ڪري انهن تائين پهچڻ آهي. هو جيڪو سماجي بگاڙ، ڏَک، تنهائين جي پيڙاءُ، جوڀن جي بهار جو خزان ۾ تبديل ٿيندي درد کي محسوس ڪري پئي سگهيو، هو ان اسپتال ۾ يقينن مشهور هُو جنهن جا مريض پاڻ کي مريض نٿا ڀائن، جنهن ۾ بيمارين جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي، اهي بيماريون به اهڙيون جيڪي فطري نه پَر سماهي ڪاروهنوار جي ڪري سماج ۾ فسادن جي جڙ ۽ شخصيت جي بگاڙ جو سبب آهن، هو هڪ اديب طور يقينن سُٺو طبيب هو، جنهن کي سنڌي سماج جي هر ماڻهوءَ جي بيماري جي چڱي نموني سُڌ هُئي، جهالت، انڌن ۽ ڪوڙن عقيدن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل سماج لاءِ هُن وٽ ڪافي حڪمت عمليون هيون جن تي هو پوري عُمر غور فڪر ڪندو رهيو.
بنيادي طور آئون سندس مطالعو ڪندي ايترو محسوس ڪيو آهي ته رسول ميمڻ جون ڳالهيون آساني سان سمجهه اچڻ واريون ناهن، موضوع جي چونڊ، پختگي ۽ انداز رواني دلفريب هُئڻ جي باوجود سندس ڳالهيون پيچيده ئي رهيون آهن. هُن زندگي جي ڳنڀير مسئلن تي لکيو ۽ ڇپيل رازن کي فاش ڪري عوام کي سمجهائڻ جي اعليٰ ڪوشش ڪئي، هُن جون ڳالهيون منطقي هيون، هن جون تحريرون سطحي سوچ کان مٿانهيون هيون جنهن جي بنياد تي کيس اهڙو عظيم مُفڪر چئي سگهجي ٿو، جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ ڳوڙهو فلسفو سمايل آهي، هن جي لکڻ جو طور طريقو تمام مُختلف ۽ منفرد رهيو، هن جي سمورن موضوعن ۾ حقيقت پسندي ڇُلڪي ٿي، کيس پڙهڻ وقت ڪٿي به تسلسل نٿو ٽُٽي ڄڻ ماڻهو ساڻس هوبهو هم ڪلام آهي يا ڪردارن سان پيو هٿ وٺي دنيا گهمي.
هو لفظن جي پختگي ۽ احساسن جي پاڪيزگي جو علمبردار هو، سندس سريئلسٽڪ ۽ ريئلسٽڪ طرز تي ڪيل ڪم سنڌي ادب جو اثاثو آهي. رسول ميمڻ جي نالي جي آئون سمجهان ٿو سڃاڻپ ان ڪري به نه هيم جو هو ميلن ۽ ادبي پروگرامن کان گهڻو پري رهيو هو، عُهدا، ڪرسيون سندس خواهش ۾ نه رهيا، صدارتون، شامون، ايوارڊ، اعزاز سندس مصروفيت جو ڪارڻ نه رهيا، هو تنهائين جي اونداهين ۾ رهي لازوال فن پارا تخليق ڪندو رهيو آهي. هو پنهنجي ڪردارن جي پيڙاءَ کي رنڀون ڪرائي تاثر پيدا ڪرڻ گهري ٿو ته واقعي اهو حقيقت آهي، هو آئيندي جي اُميد ۽ هو حب الوطني ۾ ديس وندين جو آواز هو، هن جي ڪهاڻين کي پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۾ اسلوبيت ۽ نواڻ اڃا جدت ۾ پئي اچي. هو سنڌ جو اڀرندڙ ستارو هو جيڪو موت جهڙي بليڪ هول جي ور چڙهي ويو ۽ يقينن هڪ وڏو خال ڇڏي ويو. رسول ميمڻ کي مليل ڪجهه ايوارڊ سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌالاجي انجمن ترقي پسند منصفين، سنڌي ادبي سنگت، سارنگا ايوارڊ، ريکائون ايوارڊ شامل آهن. هڪ گلشن جيڪو ويران بڻجي ويو.