ٻارن جو تحفظ ڪرڻ جو مطلب آهي ته اسين پنهنجي مستقبل جو تحفظ ڪري رهيا آهيون پر اهو تحفظ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. ان تحفظ لاءِ اسان کي نه رڳو ٻارن کي تعليم يافته ڪرڻو پوندو پر ان سان گڏ انهن کي اهو سهولتون پڻ ڏيڻيون پونديون، جيڪي انهن جو حق آهن. پر پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. ٻار هڪ پاسي گهرو تشدد جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي اهي جبري پورهيو پڻ ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ اهي پنهنجو مستقبل تباهه ڪري رهيا آهن. پر هر ٻار کي رياستي سطح تي اهو حق مليل آهي ته اهو تعليم پرائي ۽ ننڍي ڄمار ۾ ڪوبه پورهيو نه ڪري. پر ملڪ ۾ اڄ به ڪروڙ کان مٿي ٻار محنت مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا آهن.
ٻارڙن جي حقن جي تحفظ بابت قومي ڪميشن پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 25 لک ٻار محنت ۽ مزدوري ڪن ٿا ۽ هي انگ ڪل ٻارڙن جي آبادي جو 16 سيڪڙو آهي. ڪميشن مطابق ٻارڙن کي محنت کان روڪڻ ۽ تشدد کان بچائڻ لاءِ قانون ته موجود آهن پر عمل نٿو ٿئي. ٻارڙن جي تحفظ بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونن ۾ هم آهنگي آڻڻ جي ضرورت آهي. قومي ڪميشن جي چيئرمين افغان تحسين ٻڌايو ته ڊوميسٽڪ ليبر ۽ ٻارڙن تي تشدد روڪڻ لاءِ ڪميشن ايڪٽو ٿي وئي آهي ۽ هن وقت تائين 250 شڪايتن جي شنوائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يونيسيف مطابق پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جا 2 ڪروڙ 28 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. ليگل ايڊوائيزر قومي ڪميشن لائبه قيوم چيو ته ٻارڙن تي وڌندڙ تشدد جي واقعن جو سبب قانونن تي مناسب عمل جو نه ٿيڻ آهي. قومي ڪميشن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارڙن کي جيل ۾ رکڻ بدران کين بحالي مرڪزن ۾ رکيو وڃي ته جيئن اهي ڏوهن کان پري رهن ۽ کين مختلف مهارتون به سيکاري سگهجن.
اسين سمجهون ٿا ته ٻارن جي حوالي سان هي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. ٻارن جو هر سطح تي تحفظ ڪرڻ ضروري آهي. انهن کي نه رڳو جبري پورهيي کان بچائڻ جي ضرورت آهي پر تشدد کان به بچائڻ جي ضرورت آهي. هن وقت تائين انهن ڳالهين تي ڪو عمل نه ٿي رهيو آهي. ان ڪري ٻارن تي تشدد واري معاملي تي قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي.
ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ
دنيا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو معاملو ڪيترن ئي سالن کان سنجيده شڪل اختيار ڪري ويو آهي. جڏهن به ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي آهي ته ان ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ڀوڳيندي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ سدائين سورن ۾ رهندي آئي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي صورتحال کان گهڻي بهتر نظر نه اچي رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه مهينا اڳ ئي سنڌ ٻوڏ کي ڀوڳيو آهي پر تنهن هوندي به هاڻ وري ملڪ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. تازو جيڪي انگ اکر پڌرا ٿيا آهن، انهن مان لڳي رهيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ اها کوٽ اڃا به وڌي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب پاڻيءَ جي کوٽ ته سڄي دنيا لاءِ سنگين مسئلو آهي ۽ پاڪستان پڻ اهڙن ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي جيڪي پاڻيءَ جي سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. واپڊا اختيارين چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي في ڪس موجودگي 908 ڪيوبڪ ميٽر ساليانو جي ڳڻتي جوڳي سطح تائين ڪِري چڪي آهي، جيڪو تمام گهٽ مقدار آهي. خاص طور تي جيڪڏهن ان جي ڀيٽ سال 1951ع سان ڪئي وڃي. 1951ع ۾ پاڻيءَ جي في ڪس موجودگي پنج هزار ڇهه سئو پنجاهه ڪيوبڪ ميٽر ساليانو هئي. واپڊا موجب پاڪستان پنهنجي دريائن ۾ ايندڙ ساليانو پاڻيءَ جو رڳو ڏهه سيڪڙو ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته دنيا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سراسري صلاحيت 40 سيڪڙو آهي. اختيارين موجب پاڪستان ۾ ذخيري ٿيل پاڻي ذريعي ملڪ جي رڳو 30 ڏينهن جون گهرجون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت پنهنجي ذخيري ڪيل پاڻي ذريعي 170 ڏينهن، مصر 7 سئو ڏينهن ۽ آمريڪا 9 سئو ڏينهن تائين گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو. واپڊا اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجودا صلاحيت وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 120 ڏينهن تي آڻڻ ضروري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪو به پاڻي موجود آهي، ان جي ورڇ منصفاڻي نموني ڪئي وڃي. جڏهن به ملڪ ۾ پاڻي کوٽ پيدا ٿيندي آهي ته ان کي سڀئي صوبا ڀوڳڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن پر اهو بار سنڌ تي وڌو ويندو آهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ سوڪهڙُو هوندو آهي ۽ آبادگار احتجاج ڪندا رهندا آهن. تنهنڪري ملڪ ۾ جيترو به پاڻي بچيل آهي، ان جي ورڇ ايمانداريءَ سان ٿيڻ ضروري آهي. هيستائين ارسا جهڙي ريت پاڻيءَ جي ورڇ ڪندو پيو اچي. اها ورڇ سدائين تڪراري رهندي آئي آهي. اهڙي ريت هن ڀيري به جيڪڏهن اها ورڇ غير منصفاڻي رهي ته سنڌ ان تي اعتراض واريندي رهندي. تنهنڪري ملڪ ۾ موجود پاڻيءَ کي احتياط سان استعمال ڪيو وڃي.