ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اتحادي حڪومت لاءِ اهم قوتن جو اسٽيٽس ڪو!

Editorial-Aricle-Allah Bux Rathor

هي ڳالهه گهڻو اڳ محسوس ڪئي وئي ته هن ملڪ جا طاقتور حلقا هميشه ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ “مامو” بڻايو پاليسي تي عمل ڪندا رهيا. هو هڪ ئي وقت، انهن قوتن سان گڏ به رهيا، جن جي رستا روڪ ڪرڻ ناممڪن ٿي وئي، انهن جي به مٿي تي هٿ رکندا رهيا، جيڪي سياسي يتيم ٿي ويا! هي ٻٽي پاليسي، “چور کي چون ته چوري ڪر ۽ ڀاڳئي کي چيائون ته گهر ٿو لٽجي”، خبر ناهي ڪڏهن ختم ٿيندي. هينئر توڙي جو اهم ايوانن ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، پر پراڻي پاليسي جو ڇا ٿيندو، جيڪا ڊگهي عرصي تائين جاري رکي وئي. هي به ڏٺو ويو آهي ته جنهن وقت عسڪري هائوس ۾ تبديلي ايندي آهي ته ان سان گڏ “تبديلي” جي هوا جا جهوٽا سڀ محسوس ڪندا آهن. پر ائين لڳي ٿو ته هينئر ٻڏتر واري پاليسي آهي. عمران خان جي روئي ۾ اوچتو تبديلي آئي آهي، هن هڪ طرف لانگ مارچ وغيره، پنهنجي ليکي يا اشاري سان ختم ڪري ڇڏيو، پر هاڻ ته جن کي هو “چور ۽ ڌاڙيل”، جن کي بوٽ پالشي سڏيندو رهيو، انهن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويو آهي!
عمران خان، پنڊي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو اعلان ته ڪري ڇڏيو، پر سندس هي اعلان ڳيچي ۾ پيل نوڙ جيان محسوس ٿي رهيو آهي. اهي ڌريون، جيڪي عمران خان جون اينٽي ٿيسز آهن، انهن جيڪا جوابي حڪمت تيار ڪئي، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته ممڪن آهي، عمران خان جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته ڪي پي ڪي ۾ ته هن جي ڪاميابي جا ڪافي امڪان موجود آهن، پر پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ ڪو خواب لڳي ٿو. ڪي سياسي پنڊت چون ٿا ته پنجاب ۽ ق ليگ جي حڪومت، اصل ۾ باجوا ڊاڪٽرائين جي امانت آهي، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. باجوا ڊاڪٽرائين، جنهن کي اڳوڻي صدر آصف زرداري، ڪجهه سٺو ۽ ڪجهه خراب سڏيو آهي، پر هي به چيو ته ان ڊاڪٽرائين لاءِ هن سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو. هي ڊاڪٽرائين ڀلي ففٿ جنريشن وار جي چوڌاري گهمندو هجي، پر اهو اينٽي نواز هو. هي ان وقت به اينٽي نواز شريف هو، جنهن وقت ن ليگ جي حڪومت هئي ۽ ان کانپوءِ ڏهن سالن جي عمران خان پروجيڪٽ کي به ان جي حصي طور متعارف ڪرايو ويو. وڏي ڳالهه ته جنهن وقت عمران خان پروجيڪٽ نان اسٽارٽر ٿي ويو، ان وقت به پاليسي ساڳي رهي. توڙي جو وڏيون ڳالهيون ٿينديون رهيون. پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي ته ان سموري رٿابندي تان پردو کڻي ڇڏيو. پنجاب ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته عمران خان جي حڪومت ٻيهر قائم ٿي نه سگهندي، ان سان گڏ باقي قوتون، جن ۾ ن ليگ، پ پ ۽ ق ليگ شامل هيون، اهي هڪ پليٽ فارم تي هيون، اوچتو اشارو ٿيو ته ق ليگ کي ن ليگ سان گڏجي صوبي جي حڪومت ناهي ٺاهڻي، ٻئي پاسي وري عدالت به ڪسر پوري ڪري ڇڏي. هينئر ان حوالي سان ڪافي بحث ٿي رهيا آهن، چيو پيو وڃي ته عدالتي فيصلو به سڌي يا اڻ سڌي طرح باجوا ڊاڪٽرائين جو حصو هو! جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، اهي سمجهن ٿا ته هينئر به گهٽ ۾ گهٽ هڪ طاقتور اداري، جنهن جي گيٽ نمبر چار جو گهڻو ذڪر ٿيندو رهيو آهي، ان کي ڇڏي ڪري، ٻئي اهم اداري پنهنجي پراڻي پاليسي کي جاري رکيو آهي. ممڪن آهي ته هي پاليسي 2023 تائين جاري رهي. سڀني ڏٺو ته ججز جي اشو تي ن ليگ ڪيئن يوٽرن ورتو ۽ هي جيڪي سنڌ جي ججن جي حق جي ڳالهه ڪندا هئا، انهن سياسي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هينئر ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪوبه جج ناهي! ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي سينئر جج، قاضي فائز عيسيٰ اسٽينڊ به ورتو، پر حڪومت جي مفادن، معاملي کي خراب ڪري ڇڏيو. پ پ جيڪا، موجوده اتحادي حڪومت جو اهم حصو آهي، ان به خاموشي اختيار ڪئي ۽ اقتدار خاطر سوديبازي ڪئي.!
ڪافي عرصي کان هي چوٻول هئا ته طاقتور ڌرين جي هي سوچ آهي ته جيڪي پارٽي وفاق ۾ اقتدار ۾ هوندي، يا ان جو وزير اعظم هوندو، پنجاب ان جي حوالي نه ڪيو ويندو. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته اها پاليسي هينئر به ساڳي آهي. شريف ڀائر جن کي طاقت ملندي ئي پنجاب مان هئي، انهن کي پاسيرو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن پراڻي پاليسي تي عمل جاري رهي ٿو ته پوءِ هينئر به پنجاب ۾ ڪنهن تبديلي جي اميد ڪري نٿي سگهجي. پر جيئن ته ماضي جا سمورا قصا ۽ ڪهاڻيون آرڪائيز جو حصو ٿي ويا آهن، انڪري جيستائين نئين سوچ ۽ پاليسي سامهون اچي، ان دوران عبوري دور آهي، انڪري پنجاب ۾ جيڪڏهن ٽربل شوٽرز کي لاٿو ويو ته پرويز الاهي جي رهڻ جو امڪان ختم ٿي ويندو. هينئر اتحادي حڪومت ۾ هي سوچ آهي ته جيڪڏهن سرائيڪي بيلٽ مان خسرو بختيار جو سرائيڪي صوبو محاذ انهن جو ساٿ ڏئي ٿو ته ٺيڪ آهي، ٻي صورت ۾ هو پرويز الاهي تي به شرط لڳائي سگهن ٿا! ان حوالي سان گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف زرداري هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ايترو ضروري چيو ته جيڪڏهن ن ليگ انهن کي چوندي ته هو پرويز الاهي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪندا، پر انهن وٽ جيڪي آپشنز آهن، انهن ۾ پرويز الاهي به شامل آهي. ان حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر چوڌري شجاعت حسين جي شٽل ڊپلوميسي ڪم ڪري سگهي ٿي، ته جيئن پنجاب جو اقتدار چوڌرين جي گهر ۾ رهي ۽ واڳ ڌڻين جي پراڻي سوچ تحت ن ليگ کي پنجاب کان پري رکجي! ن ليگ ماضي ۾ به آصف زرداري فارمولي تي اعتراض واريو هو، پر ڪوڙي گوري کائي گڏ هليا، هن ڀيري به ساڳي صورتحال ٿي سگهي ٿي.
پنجاب، جيئن اقتدار جي آربٽ ۾ گهڻي اهميت رکي ٿو. واڳ ڌڻين جا اهم مهرا به ان ئي صوبي سان واسطو رکن ٿا، انڪري اهي پنهنجن مفادن جي تحفظ خاطر، پنجاب اهڙي پارٽي جي حوالي ٿيڻ نٿا ڏين، جيڪا، سندن شيئرز ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي. ان سان گڏ ن ليگ کي حدن ۾ به رکڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ميان نواز شريف جو ڀاري مينڊيٽ ڏسي چڪا آهن، هي ڳالهه اتحادين کي به سمجهه ۾ اچي ٿي، اهي به چاهيندا ته جيڪڏهن پنجاب ۾ اتحادي حڪومت ٺهي ٿي ته ان ۾ ن ليگ جي بالادستي نه هجي. هي به سڀني ڏٺو ته حمزا شهباز جيترا ڏينهن پنجاب جو وڏو وزير رهيو، هو ڪابينا ته ٺاهي نه سگهيو، پر اتحادين جي شيئرز کي به محدود ڪندو رهيو. ان معاملي تي ڪجهه ناراضگيون به ٿيون، پر پوءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي صورتحال کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو.
عمران خان کي هينئر به مشورا ڏنا پيا وڃن ته هو، انهن قوتن سان ٻيهر رابطا ڪري، جن جي ڪلهي تي چڙهي اقتدار ۾ آيو. هي ساڳيون قوتون هيون، جنهن عمران خان کي پنجاب تائين محدود ڪيو آهي. هينئر جنگ جو ميدان، وري به پنجاب ئي آهي. پنجاب جي اهميت کان سڀ واقف آهن،پر ن ليگ لاءِ هي ساهه جي رڳ جيان آهي. هينئر ڪجهه پکي لنڊن مان اڏاڻا، جن سرائيڪي بيلٽ ۾ پر ساهيا آهن. انهن سان صلاح مشورا به ڪيا پيا وڃن، انهن اڳواڻن کي سرائيڪي صوبو، جيڪو ٽن مهينن ۾ قائم ڪرڻ جو ڏٽو ڏنو ويو هو، انهن کي ٻيهر عام چونڊن ۾ به حصو وٺڻو آهي ۽ عوام کي ٻڌائڻو آهي ته عمران خان ساڻن ڌوڪو ڪيو، انڪري رڳو سرائيڪي صوبي جي سيڪريٽريٽ به اڏجي نه سگهي. انڪري انهن کي پنهنجي سياسي تڪ کي به محفوظ رکڻو آهي. ان حوالي سان جوڙ توڙ ۾ اهي قوتون شامل آهن، جيڪي اليڪٽيبلز جي صورت ۾ عمران خان سان گڏ هئا، انهن کي خاص اشاري جي بنياد تي پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو. هنن به سٺن ٻارن جيان، واڳ ڌڻين جي اشاري تي لبيڪ چيو هو!
هينئر ملڪ ۾ عام چونڊن جو معاملو هجي يا صوبن جي اندر تبديلي، ان جو دارومدار اسٽيبلشمينٽ تي آهي. انهن جيڪي به ڳالهيون ڪيون، انهن تي عمل جاري رکيو وڃي ٿو يا لٺ ۽ چٺ واري پاليسي تي عمل ٿئي ٿو. اهي جن کلي عام چيو ته هينئر تائين جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو، اهو غير آئيني هو، انهن اها ڳالهه هوا ۾ ته نه چئي هوندي. اهي جيڪي سمجهن ٿا ته اهم تبديلي جي محرڪ، جيڪو ڪجهه ماضي ۾ چيو، ان تي هينئر به جيئن جو تيئن عمل ٿيندو، شايد ائين نه ٿئي. هينئر ڪنهن حد تائين ماضي جي پاليسين ۾ تبديلي ايندي. هي ڳالهه به اهم آهي ته ملڪ ۾ تمام گهڻي سياسي ڇڪتاڻ آهي، جنهن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. عام چونڊن کان اڳ به انهن سمورين سياسي ڌرين کي جيڪڏهن هڪ پليٽ فارم تي آڻي نٿو سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي Restraint واري پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ ضرور چيو ويندو، جيئن حالتون معمول تي آڻي سگهجن. هينئر سموريون سياسي ڌريون سمجهن ٿيون ته جيڪڏهن انهن ۾ سوجهه ٻوجهه هوندي ته، اهي پنهنجي حصي جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينديون. ان حوالي سان Reassessment جو عمل جاري آهي. هي ڳالهه به ڪنهن حد تائين واضح ٿي آهي ته اتحادي حڪومت جو هي سيٽ اپ مستقبل ۾ به برقرار رهندو، ڪنهن نئين سياسي آرڊر جي سامهون اچڻ کانپوءِ شايد ڪا نئين پاليسي به سامهون اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button