ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا سازشن جو انت ايندو؟

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

هن رياست ۾ بحرانن جو اچڻ نه نئين ڳالهھ آهي ۽ نه وري انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪا سنجيده ۽ بردبارانا سياسي حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي انهيءَ ڪري هتي بحران در بحران هر دور جو معمول بڻيل نظر اچي ٿو پر ڇا هي مسلسل ۽ تسلسل سان هڪ ٻئي جي پويان پيدا ٿيندڙ بحران سياسي بحران آهن جيڪڏهن اهي سياسي بحران آهن يا هجن يا هجن ها ته يقينن انهن جو تسلسل سان اچڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ممڪن هو نه وري رياست ۽ سياست انهن کي برداشت ڪري سگھي ها، هتي معاملو بحرانن کان وڌيڪ يعني سياسي بحرانن کان وڌيڪ ٻيو ڪجھه آهي ۽ ان ٻئي ڪجھه جو نالو يا عمل صرف ۽ صرف سازش ۽ سازشون چئي ٿو سگھجي.
دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ خاص ڪري جمهوري پراسس ۾ هلندڙ ملڪ هلندي نظر نه ايندو جتي سياسي بحران يا ڇڪتاڻ پيدا نه ٿي هجي. گذريل آمريڪا جي اليڪشن ۾ به شديد بحران پيدا ٿيو پر رياست ۽ سياست جي ادارن پنهنجي ملڪ ۽ جمهوريت کي بچائڻ جي لاءِ ڪنهن پارٽي جي ڌر ڀر ٿيڻ جي بجاءِ قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي سخت قدم کنيو ۽ آمريڪا کي ڌوڏيندڙ اهو سياسي بحران ماٺو ٿي ويو. هاڻي تسلسل سان برطانيا اندر معاشي بحران ٻن وزير اعظمن کي وزارت اعظميٰ تان هٽڻ تي مجبور ڪيو، انهيءَ مان هي اندازو لڳائڻ بلڪل آسان آهي ته فرد جڏهن پنهنجو ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪندي ملڪ کي ڪنهن معاشي يا سياسي بحران کان ڪڍي نٿو سگھي ته اخلاقي طور پاڻ کي پاسيرو ڪرڻ بهتر ٿو سمجھي ۽ اهوئي بهتر طريقو هوندو آهي ته ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ فرد پنهنجي سياسي حيثيت جي قرباني ڏي پر جڏهن ڪو فرد پنهنجو پاڻ کي عظيم ۽ اعليٰ انسان تصور ڪندي ليڊري جي بلندياتي مفروضي ۾ جڪڙيل هوندو آهي تڏهن هو سياسي ۽ معاشي بحرانن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ نه بلڪ پنهنجي پارٽي ۽ اپوزيشن ٻنهي ڌڙن مان مخالفن کي ختم ڪرڻ لاءِ مخالفن کي هٽائڻ ۽ انهن کي دٻائڻ جو هڪ فاشي ۽ آمرانه طريقو اختيار ڪندو آهي ته پوءِ لازم اهوئي ٿيندو ته انهن جي خلاف هو جرئت مندانا کليل بحث يا جواب ڏيڻ جي طريقي کان هٽي سازشن جو رستو يا عمل شروع ڪندو. جڏهن سازش جو عمل شروع ٿو ٿئي ته پوءِ اصول ۽ اخلاقيات جو پهريون قتل ٿيندو آهي اصول ۽ اخلاقيات جي قتل ٿين کان پوءِ لازمي نتيجو هي نڪرندو ته اپوزيشن يعني مخالف ڌر انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهي ئي چالون ۽ ٽول استعمال ڪندي ۽ ٻنهي طرفن کان سازشن جو سلسلو شروع ٿيندو، اقتدار جي ان شيطاني گيم ۾ فردن جو ته نقصان ٿئي ٿو پر وڌ کان وڌ نقصان رياست ۽ سياست جو ٿئي ٿو ڇو ته قانون ۽ اخلاقيات جا پلر رياست جي امارت کي بيهارڻ ۾ بنيادي طاقت هوندا آهن جڏهن اهي ڊهي پوندا ته پوءِ سڀ کان پهريان يا وڌ کان وڌ ڪمزور رياست ٿيندي. معاملو صرف ايترو نٿو ٿئي ته سياست جي اخلاقيات ختم ٿي ٿئي قانون جو انحراف ٿئي ٿو يعني احترام نٿو رهي بلڪ سازشي گيم ۾ سڀ کان وڌيڪ غلط استعمال رياست جي ادارن جو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي.
رياست جا اهي ادارا جيڪي عوام جي لاءِ بنيادي تحفظ جو ڪردار ادا ڪندا آهن اهي عوام کان ڪٽجي الڳ ٿي ان اقتداري سازش جو ٽول بڻجندي زوال جي طرف وڌندا آهن ۽ زوال جي سفر ۾ هو پوري رياست کي پنهنجو پاڻ سان گهليندا ويندا آهن. پوري سماج جي اندر رياست جي ادارن جو عوام جي لاءِ ڪو به ڪردار نظر ناهي ايندو ۽ هر طرف انارڪي نظر اچڻ شروع ٿيندي آهي ان انارڪي ۾ معاشي ۽ سياسي نقصان جيڪي به ٿين پر عوام جو ادارن ڏانهن رويو تنقيدي بڻجندي وڌ کان وڌ ڪروڌي ٿي ويندو آهي ۽ اهو ڪروڌي رويو وڌندي خود رياست جي وجود تي تنقيد ڪندي نظر اچڻ شروع ٿو ٿئي، ڇو ته ادارا ڪهڙي به صورت ۾ هجن پر هو پنهنجون مراعتون رياست جي ماليات مان کڻندا آهن پگھارن ۽ مراعتن کان وڌيڪ انهن کي رياست جي طاقت جي پشت پناهي هجي ٿي جنهن سبب عوام انهن تي تنقيد ڪندي عملي طور تي رياست کان پاسيرو ٿيندو ويندو آهي.
اقتداري حاصلات جي سازش ڪندڙ گروهھ ان پهلو تي سوچڻ جي بجاءِ صرف ۽ صرف پنهنجا اقتداري ۽ مالياتي مفاد سوچيندا رهندا آهن ۽ هو پنهنجي گروهن کي منظم ڪرڻ جي لاءِ اقتدار ۾ هوندي اقتداري طاقت يعني حڪومتي مشينري انهن جي حوالي ڪرڻ لازمي سمجھندا آهن ته ٻئي طرف مخالف ڌر جي سازشي سياست حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ رياست جي طاقت يعني ادارن جي اندر ڀرپور لابنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي يقينن ڪنهن به اداري جي اندر جڏهن طاقت ۽ مفادن جي حاصلات کلي طريقي سان ٿيڻ شروع ٿي ٿئي ته ان ئي اداري جي اندر رهندڙ انهن حاصلات کان محروم گروھه يا فرد پنهنجي مفادن جي خاطر لازمي مخالف ڌر سان تعلق رکڻ شروع ڪري ڏيندي آهي ۽ اها اقتداري سازش جي جنگ سياسي ميدان کان وڌندي ادارن جي اندر داخل ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ان رياست جي لاءِ بري کان برو انتظامي سرشتو نظر ايندي آئيني ۽ قانوني طاقت ڀرڻ ۽ جهرڻ شروع ٿو ٿئي ۽ ان ملڪ ۾ ڪنهن به پهلو کان استحڪام نظر نه ايندو. انهيءَ جي ڪري چيو ويندو آهي ته رياست جي معاشي استحڪام جي لاءِ لازمي آهي ته سياسي استحڪام هجي. سياسي استحڪام جو مقصد سياسي اختلافن جو ختم ٿيڻ ناهي جمهوريت ۽ سياست جي اندر اختلاف ۽ اختلافي راءِ طاقت جو ڪم ڪندا آهن انهيءَ ڪري وڌ کان وڌ تنقيد ۽ اختلاف کي کلي دل سان ٻڌو ويندو آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اقتداري حاصلات لاءِ سازش جي طور طريقن کي پنهنجي رياست ۽ رياست جي قانون جي لاءِ خطرناڪ تصور ڪندي ان کي قتل جي برابر سمجھو وڃي، تڏهن ئي ممڪن آهي ته سازشن کان هٽي جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي سياسي حڪومت ڪئي وڃي ۽ حڪومت جي سياسي مخالفت پر اها شروعات هيٺ کان مٿي نٿي ٿي سگھي. انهيءَ جي شروعات مٿي کان هيٺ ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ مٿي مان مراد رياست جا ادارا ناهن پر پارٽين جون قيادتون هجن ٿيون. پارٽين جون سياسي قيادتون جڏهن پنهنجي ظرف ۽ ضمير ۾ مڪمل طور تي اقتدار پرستي کان هٽي سياست جو عمل ڪندا تڏهن اهو ممڪن آهي ته هو جمهوريت ۽ رواداري کي ۽ پنهنجي اختلاف راءِ کي قانون جي دائرن ۾ رکي اڳتي وڌندا تڏهن ئي ممڪن آهي ته سازش جي ڪا به ٿيوري يا ڪو ڪردار هنن کي پنهنجي نظريي، اصولن ۽ عملن کان نه هٽائي سگھندو، اهو بلڪل ايئن آهي جيئن تشدد جي خلاف امن جو هٿيار، فاشسٽ سوچ جي خلاف جمهوريت ۽ رواداري جو نظريو هي دليل اسان کي ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته اصول ۽ نظريا برائي ۽ وحشت جي جواب ۾ ڪڏهن ساڳئي ڪارروائي ناهن ڪندا، بلڪ انهيءَ جو ٽوڙ پنهنجي نظريي ۾ ڏيندا آهن هي دليل بلڪل بيڪار آهي ته مخالف سازش ڪري ٿو يا تشدد ڪري ٿو ته انهي جو جواب ان ئي انداز سان ڏنو وڃي جيڪڏهن ساڳئي انداز سان جواب ٿيندو ته پوءِ ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق گھٽ ئي رهندو ها البت اقتدار ۽ حزب اختلاف ته نظر اچي سگھن ٿا پر فڪر ۽ عمل ۾ ڪو فرق نظر نه ايندو مثال سائوٿ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا بندوق ڦٽي ڪري جڏهن امن ۽ رواداري جو اصول ۽ نظريو اختيار ڪيو پهريان هن نسل پرست حڪومت کي ان بنيادن تي قائل نه ڪيو هو ته هو امن ۽ رواداري جو مظاهرو ڪري پر هن پهريان پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو نظريو عوام تائين پهچائي عوام جي طاقت سان نسل پرستي کي شڪست ڏني.
منڊيلا کان پهريان هندستان جي گانڌي انگريز حڪومت جي فاشسٽ ۽ سازشن جو مقابلو عدم تشدد ۽ امن جي هٿيارن سان ڪيو پر جڏهن نظريو وطن ۽ عوام جي لاءِ هجي ته پوءِ سياسي عمل بهتر کان بهتر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن پر جڏهن مقصد عوام ۽ ملڪ نٿو رهي ته پوءِ حاصلات جو هٿيار ۽ حڪمت عملي پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ صرف ۽ صرف سازش رهي ٿي، اهڙين سياسي جماعتن ۽ ليڊرن جي دماغ مان ڪڏهن به سازشن جو خاتمو نٿو اچي سگھي ۽ نه وري ان پوري وايو منڊل مان ڪا اها اميد ٿي رکي سگھجي ته هي سازشن جو خاتمو آڻيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button