
نواز ليگ پنجاب اسيمبلي بچائڻ ۽ وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي لا مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان رابطو ڪري رهنمائي گهري ورتي آهي. ذريعن موجب نواز ليگ طرفان چوڌري شجاعت کان سياسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا صلاح گهري وئي آهي. ٻئي طرف نواز ليگ قيادت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان به رابطا وڌائي ڇڏيا آهن.