سنڌ

بخشاپور ۾ هٿياربندن ڳڀرو نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور ۾ هٿياربندن ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري 22 ورهين جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب بخشاپور ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام ساوند ۾ نامعلوم ھٿياربندن واٽ ويندڙ 22 ورھين جي نوجوان اعتبار پٽ عزت سندراڻي تي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هن ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي گبلو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائٔي لا ٿاڻي تي آڻڻ بعد پوسٽ مارٽم لا بخشاپور اسپتال منتقل ڪيو، رورل ھيلٿ سينٽر ۾ بجلي، سولر ۽ يو پي ايس جي سھولت نه ھجڻ ڪري لاش کي ورانڊي ۾ رکيو ويو. اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان اعتبار سندراڻي جي پي عزت ۽ مامي محمد پريل صحافين ٻڌايو ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، نوجوان کي ساوند ڌر جي ماڻهن ناحق قتل ڪيو آهي. هنن چيو ته اعتبار سندراڻي گذريل ٻن ٽن مھينن کان ساوندن وٽ نوڪري ڪندو ھو، جنهن کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، اسان قتل جو ڪيس داخل ڪرائٔينداسين، پوليس اسان سان انصاف ڪري ۽ قاتل گرفتار ڪيا وڃن. آخري اطلاعن تائٔين مقتول نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگھيو ھو، جڏهن ته اسپتال ۾ مقتول نوجوان جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button