ڪنهن به اديب کي ايوارڊ ملڻ فخر جي ڳالهه هوندي آهي، ايوارڊ ملڻ اديب جي ڪيل ڪم جي مڃتا هوندي آهي. بوڪر پرائيز، نوبيل پرائيز ۽ پلزر پرائيز دنيا جا وڏي ۾ وڏا ادبي ايوارڊ ليکيا ويندا آهن. ائين هر ملڪ ۾ قومي/سرڪاري سطح تي ملندڙ ايوارڊ کي وڏي ۾ وڏو ايوارڊ سمجهيو ويندو آهي. پر جڏهن اهي ايوارڊ بنهه مقامي سطح تي ڏنا ويندا آهن ته پوءِ ڪئين سوال اٿڻ شروع ٿي ويندا آهن.
سنڌي ادب ۾ اهو رواج هاڻ عام ٿي رهيو آهي ته ڪوبه ماڻهو يا ادارو پنهنجي مرضيءَ سان جنهن کي چاهي ايوارڊ سان نوازي سگهي ٿو. سنڌ جا ادبي ادارا ۽ تنظيمون شينهن لڳا پيا آهن، وڻي اهي پيسا ڏين وڻي ته شيلڊون ڏين. سنڌ ۾ جيڪي سٺا اديب آهن، اهي ايوارڊ يافته ڪونه آهن ۽ جيڪي ايوارڊ يافته آهن، اهي گهڻُو ڪري اديب ڪونه آهن. پر چرچو وري به انهن ايوارڊن ئي هوندو آهي، جيڪي ڪنهن کي ملن ٿا. خير آهي جنهن کي ايوارڊ ملي ٿو اهو اديب ناهي ته ڇا ٿيو، سنڌ ۾ اهو ئي ته ڪمال آهي، جو اديب نه هوندي به ماڻهو ايوارڊ ٻهاريو وڃن.
هن ڀيري پراڻن ڪتابن کان وٺي نون ڪتابن تي ايوارڊ مليا آهن، اهي امڪان به آهن ته ڪڏهن ڪنهن اهڙي ڪتاب کي به ايوارڊ ملي ويندو، جيڪو اڃا تائين لکيو ئي ناهي ويو. ان لاءِ گهڻو ڪري ايوارڊ ڪميٽي وضاحت ڪندي ته جيئن ته فلاڻو اديب اڃا ڪتاب جو لکڻ جو سوچي رهيو آهي، اهو ڪتاب سندس ذهن ۾ تخليق ٿي چڪو آهي پر اڃا تائين ڪورن پنن تي قلم جي ڇهاءُ سان نروار ناهي ٿيو، تنهنڪري سندس ان تخليقي صلاحيت کي مڃتا ڏيندي کيس اڻ لکيل ڪتاب تي ايوارڊ ڏنو ٿو وڃي.
هر سال وانگر هن سال به سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ ايوارڊ ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ايوارڊ ڏيندڙ تنظيمون اهڙيون آهن، جيڪي ايوارڊ ڏيڻ کان اڳ ۾ اهو اعلان ڪنديون آهن ته انهن وٽ معيار تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ ڪا ڪميٽي ايوارڊ جو فيصلو ڪندي پر گهڻو ڪري اهو فيصلو ڪو هڪ فرد ئي ڪندو آهي. پوءِ ان کي اداري جو فيصلو سمجهيو ويندو آهي.
ڪنهن اديب کي ايوارڊ ملڻ هڪ سٺو عمل آهي پر سوال اهو آهي ته اسان وٽ جهڙي ريت ايوارڊن جي سيل لڳل آهي، ڇا اسين ان سان ادب جي معيار کي پرکي سگهون ٿا ۽ ان وسيلي اسين اهو پتو لڳائي سگهون ٿا ته جن کي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن، اهي ايوارڊ جي قابل آهن يا مڙئي سنگت نڀائڻ لاءِ ايوارڊ ڏنا پيا وڃن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪئين اهڙا ليکڪ آهن، جيڪي پنهنجا ڪتاب، ايوارڊ جي هر تقريب ۾ پاڻ ڏياري موڪليندا آهن، پوءِ جتان به کين ايوارڊ ملي، هنن کي قبول هوندو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان ڪي ڪتاب فيس بوڪ تي شيئر ٿي رهيا آهن، جن کي ٻن تنظيمن پاران ايوارڊ ڏنا ويا آهن. انهن مان ڪي ڪتاب ته اهڙا به آهن، جن کي پڙهڻ تي به دل ڪونه چوندي ۽ ڪو به سٺو پڙهندڙ انهن ڪتابن کي گهٽ ۾ گهٽ ايوارڊن جي فهرست ۾ ڏسڻ ڪونه چاهيندو هوندو، پر انهن ڪتابن نه رڳو ايوارڊ کٽيا آهن پر انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هڪ ته اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو خيالي محبوبائن جي نقلي خطن تي آڌاريل آهي، جنهن کي ادبي خطن جي ڪيٽيگريءَ ۾ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ادبي خطن جي نوعيت ڪجهه ٻي هوندي آهي. ان مان ججن جي ذهانت ۽ ادبي جو ذوق جو اندازو ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ڪن اهڙن ڪتابن کي به ايوارڊ ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪجهه سال اڳ ڇپيا هئا ۽ هن سال انهن جو ٻيو ڇاپو آيو آهي.
هي پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آهي، ماضي ۾ به اسان وٽ ايوارڊ ڏيڻ جي روايت ائين ئي رهي آهي، جنهن ۾ دوستي ۽ سنگت ياري گهڻي هلندي آهي پر معيار کي نه ڏٺو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ هن سال ڪيترائي سٺا ڪتاب به ڇپيا آهن، انهن کي ايوارڊ جي مقابلي ۾ ڄڻ شامل ئي نه ڪيو ويو هو. هڪ ڀيري سنڌي لينگئيج اٿارٽي ته هڪ سهيڙيل ڪتاب تي به ايوارڊ ڏئي ڇڏيو هو. جڏهن ايوارڊ جا معيار ئي سطحي هجن ته پوءِ اهي ايوارڊ هڪ پاسي تڪراري ليکيا ويندا آهن ته ٻئي اهو ادب جيڪو بهتر سرجيل هوندو آهي، اهو ڪٿي ظاهر ئي ناهي ٿيندو.
هي جيڪي پاڻمراديون ايوارڊ تقريبون آهن، اهي سٺي ادب جون دشمن آهن. اهي ان معيار جون به دشمن آهن، جيڪو سٺو ادب تخليق ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. ڪنهن به اديب جو قد ايوارڊ ماڻڻ سان وڏو ڪونه ٿي ويندو آهي ۽ نه ئي ايوارڊ ملڻ کان پوءِ ان جي لکڻين ۾ ڪو نکار اچي ويندو آهي. دنيا ۾ ڪئين اهڙا ليکڪ موجود آهن، جن ڪڏهن ڪو ايوارڊ ڪونهي ماڻيو پر انهن جي ڪتابن کي ماڻهو مانُ ڏين ٿا، وڏي دلچسپيءَ سان پڙهڻ ٿا ۽ اهي پنهنجي دور جا مشهور اديب سڏجن ٿا.
سنڌ ۾ ايوارڊ واري روايت جيتري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ان مان ائين ٿو لڳي ته هتي اسان جا گهڻا تڻا ليکڪ پنهنجا ڪتاب رڳو ايوارڊ ماڻڻ لاءِ ئي ڇپائين ٿا. سنڌ ۾ هڪ ڪهاڻيڪار ته اهڙو آهي جيڪو ايوارڊ تقريب جو ڪوبه موقعو ڪونه وڃائيندو آهي ۽ پنهنجا ڪتاب پاڻ ئي ڪميٽيءَ کي موڪلي ڏيندو آهي. جڏهن سندس ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ته ائين لڳندو آهي، هن سڄي ڄمار پنا ڪارا ڪيا آهن پر اڃا تائين لکڻ نه سکي سگهيو آهي ۽ ايوارڊ اهڙن ئي ليکڪن جي حصي ۾ اچن ٿا.
ادب لاءِ ايوارڊ جي سيل لڳائڻ ۽ ڌڙي جي حساب سان ايوارڊ ڏيڻ سان ڪئين ماڻهو ايوارڊ يافته ته ٿي ويندا آهن پر اهي اديب ڪونه ليکيا ويندا آهن. سنڌ ۾ اهو سلسلو ڪنهن به ريت بند ڪونه ٿيندو ۽ هر ماڻهو توڙي هر تنظيم ان کي جاري رکندي. غير معياري ۽ غير ضروري ڪتابن تي ايوارڊ ڏئي، اهڙن ماڻهن کي مثالي اديب ڪري پيش ڪيو ويندو جيڪي ادب جي معاملن ۾ اڄ ڏينهن تائين ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي شامل ڪرائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهندا آهن. بهرحال ايوارڊ سيل وسيلي ڪيترائي اڻ گهڙيا ڪاٺ ايوارڊ ماڻيندا رهن پر ادب اهو ئي سدا رهڻو آهي، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ ادب آهي.