پاڪستان

ٽي ٽي پي کي سرحد پار محفوظ پناهه گاهون ملڻ بدقسمتي آهي:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ٿيا پر ٽي ٽي پي کي سرحد پار محفوظ پناهگاهون فراهم ڪيون ويون، جيڪا وڏي بدقسمتي آهي. نيويارڪ ۾ اي پي ايس شهيدن جي اٺين ورسي جي حوالي سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪي تقريب آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملي جي ياد ۾ آهي، جنهن ۾ 132 ٻار ۽ 8 استاد ۽ ٻيا اسٽاف ميمبر شهيد ٿيا، دهشتگرد حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي قبول ڪئي هئي، سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين ميمبر ملڪن ٽي ٽي پي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي، ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيا ويا، آپريشن ڪامياب پڻ ٿيا ۽ پاڪستان جي سرزمين دهشتگردن کان پاڪ ٿي وئي پر بدقسمتي سان ٽي ٽي پي سرحد پار محفوظ پناهگاهون ڳولي ورتيون. سندس چوڻ هو ته ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جو ايڪو ۽ عزم ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button