پاڪستان

بي اختيار وزيراعظم هئس،نيب هٿان ڪنهن کي ٻڌجي،ڪنهن کي ڇڏجي،فيصلو باجوا ڪندو هو:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ بيوس هجڻ ۽ بي اختيار هجڻ جو هڪ دفعو ٻيهر اعتراف ڪندي چيو آهي ته آئون پنهنجي حڪومت ۾ بيوس هئس، نيب ڪنهن جو گهيرو تنگ ڪندو يا ڪنهن کي آزاد ڪندو، ڪنهن کي ٻڌجي ۽ ڪنهن کي ڇڏجي اهو فيصلو جنرل (ر) باجوا ڪندو هو، آرمي چيف جي ملازمت جو مدو وڌائڻ وارو قانون ختم ٿيڻ گهرجي، باجوا نه رڳو مون سان پر ملڪ سان به سنگين مذاق ڪيو، نئين فوجي قيادت مان اها اميد آهي ته اهي پاڻ کي نيوٽرل رکندا. لاهور ۾ سينيئر ڪالم نگارن ۽ تجزئي نگارن سان ملاقات دوران ڪيل ڳالهه ٻولهه ۽ وڪيلن جي رول آف لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان پنهنجي ئي حڪومت ۾ بي اختيار وزيراعظم رهيس، پويان فيصلا ايندا هئا ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ڪيتري سزا ڏيڻي آهي ۽ کين ڪيترو عرصو جيل ۾ رکڻو آهي، ڪرپشن ڪندڙن ۽ بليڪ ميلرن کي اين آر او ڏئي ملڪ سان غداري ڪئي وئي، مان ڪڏهن به ان حق ۾ نه هيس ته چورن کي اين آر او ڏيان، هن وقت ڪرپشن ۾ ملوث وڏا نالا هڪ هڪ ڪري بري ٿي رهيا آهن، منهنجي دور ۾ انهن ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪيس مڪمل ٿيا پر نيب کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته مونکي به اين آر او ڏيڻ جو چيو ويو، پر مان سمجهان ٿو ته ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ ملڪ سان غداري آهي، جيستائين ملڪ ۾ انصاف نه هوندو تيستائين قانون جي بالادستي نه ايندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي، سمورا چور حڪومت ۾ اچي ويهي رهيا آهن. حڪومت ۾ ايندي ئي هنن پهريان پنهنجا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪيا، مون پنهنجي حڪومت ۾ پوري ڪوشش ڪئي، چورن جا ڪيس ميچوئر هئا، نيب وارا چوندا هئا ته هنن جا ڪيس ميچوئر آهن پر پٺيان کان اسان کي اجازت نه آهي، جنرل باجوا اجازت نٿو ڏئي، اهو ئي فيصلو ڪندو هو ته نيب ذريعي ڪنهن کي ڪيترو دٻائڻو آهي، ڪڏهن ڇڏڻو آهي ۽ ڪڏهن اندر ڪرڻو آهي. شهباز شريف جو ڪيس ئي نه لڳندو هو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي جنگ قانون جي عملداري لا آهي، ملڪ بچائڻ لا سخت سڌارن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن عام چونڊون ڪرائڻ کان پاسو ڪيو ويو ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، منهنجي ڪنهن سان ذاتي جنگ ناهي، رڳو ملڪ ۽ عوام جي ڳالهه ڪندو آهيان، جيڪي ماڻهو چون پيا ته اسيمبليون نه ٽٽنديون اهي ڇنڇر تي منهنجي تقرير جو انتظار ڪن، تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ ۾ ڪو به اختلاف ناهي، اسان جيڪو ڪنداسين ان ۾ مسلم ليگ (ق) اسان سان گڏ هوندي، منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ حڪومت مضبوط هجي، اتحادي حڪومت مسئلن جو حل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button