پاڪستان

اي پي ايس سانحي جا زخم تازا، شهيد ٻارڙن جا والدين اڄ به انصاف جا منتظر

پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم شاگردن ۽ استادن جي هان ڏاريندڙ اجتماعي قتل واري سانحي کي 8 سال گذري ويا پر شاگردن جا والدين اڄ به انصاف ملڻ جا منتظر آهن، جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ دهشتگردي جي سڀ کان وڏي واقعي جا زخم اڃا به تازا آهن. 16 ڊسمبر 2014ع تي 6 دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ پوئين ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ اسڪول جي آڊيٽوريم هال ۾ فرسٽ ايڊ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٻارن تي فائرنگ ڪري ڏني، ڌماڪيدار مادي ۽ جيڪيٽون پهريل هٿياربندن جي حملي ۾ ٻارن ۽ استادن سميت 150 ڄڻا شهيد ٿيا هئا، قوم اڄ به دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ان ڏينهن هر اک آلي ۽ ملڪ ۾ ماتم متل هو. پاڪ فوج معصوم ٻارڙن تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي ٿڏي ئي ماري ڇڏيو هو، جڏهن ته سهولتڪارن کي بعد ۾ ڦاهي ڏني وئي پر 16 ڊسمبر جو ڏينهن ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ڀوائتو خواب بڻجي ويو آهي. ٻئي طرف پشاور ۾ شهيد ٻارڙن جي والدين اي پي ايس سانحي جي دهشتگردن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن سبب خيبر روڊ کي ٽريفڪ لا بند ڪيو ويو. شهيدن جي والدين پشاور جي ڪور ڪمانڊر سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين روڪي ڇڏيو. احتجاج ۾ شامل محمد طاهر ۽ ٻين شهيد شاگردن جي والدين جو چوڻ هو ته 8 سال گذرڻ باوجود اڄ به اسان کي انصاف ملڻ جو انتظار آهي پر بدقسمتي اها آهي ته ڪير به اسان لا ڪجهه نٿو ڪري، هنن چيو ته اسان هر سال 16 ڊسمبر تي سرڪاري موڪل جو مطالبو ڪريون ٿا پر حڪومتي عهديدار واعدا ڪرڻ باوجود اسان جا مطالبا مڃڻ لا تيار نه آهن. هنن چيو ته حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين طرفان ڪنهن به آرمي پبلڪ اسڪول جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button