پاڪستان

اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پيپلز پارٽي کي خيرباد چئي ڇڏيو

اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پيپلز پارٽي کي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو باضابطا اعلان ڪيو. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته آئون پ پ پ لا نيڪ تمنائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. واضح رهي ته مصطفيٰ نواز کوکر 2018ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ مان سينيٽر چونڊيو ويو هو ۽ هن گذريل مهيني 10 نومبر تي سينيٽر طور پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي. ان کان اڳ پ پ قيادت طرفان مصطفيٰ نواز کوکر کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button