پاڪستانسنڌ

رهڙڪي ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان نوجوان قتل، هڪ ڄڻُو زخمي

رھڙڪي: رهڙڪي ويجھو ڳوٺ سائين ڏنو ملڪ ۾ ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران هڪ ٻئي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب خادم ٽانوري قتل ٿي ويو. جڏهن ته راشد ٽانوري سخت زخمي ٿي پيو. مقتول ۽ زخمي کي سول اسپتال ڏھرڪي آندو ويو، جنهن بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ايڇ او ڏھرڪي انور شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مهينو اڳ عبداللطيف مهر صوبيا ٽانوري سان خيرپور جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد ڌريون ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، فائرنگ ۾ ھڪ نوجوان مارجي ويو آهي ۽ ٻيو زخمي ٿيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن نوجوان خادم ٽانوري جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻي طرف نوجوان جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button