پاڪستانپنجاب

گذريل حڪومت ۾ پٽ سٽ ڪري گذارو ڪيو هو:شاهه محمود قريشي

اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گذريل حڪومت ۾ پٽ سٽ ڪري گذارو ڪيو هو، جيڪڏهن معيشت جي صحيح نموني بحالي چاهيو ٿا ته عمران خان کي ڳرو مينڊيٽ ڏيڻو پوندو، وڏي اڪثريت سان کٽي آيو ته پو پاڪستان کي ڪنهن سهاري يا لٺ جي ضروري نه پوندي. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان حڪومت ۾ رهي نيڪ نيتي سان عوام جي خدمت ڪئي، پي ڊي ايم حڪومت اسان کي مهانگائي جو طعو ڏيندي هئي، اهو ٻڌايو وڃي ته گذريل 7 مهينن ۾ مهانگائي گهٽجي آهي يا وڌي رهي آهي، اڄ بصر، ٽماٽن ۽ اٽي جا اگهه ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا آهن، اسان جي دور ۾ ملڪ جون صنعتون هلي رهيون هيون اڄ سڀئي صنعتون بند ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن هنن جي ڪارڪردگي ايتري سٺي آهي ته پو اليڪشن کان ڇو ڀڄي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button