پاڪستانعالمي

بلاول جي گوتريس سان ملاقات، پاڪستان جي نئين سر تعمير اسان جي پهرين ترجيح آهي:گڏيل قومون

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسمياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت لاءِ حوصلا افزائي تي سيڪريٽري جنرل سان مسلسل تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل جاري انساني امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير ان جي اولين ترجيح آهي، اهڙن ٻوڏ متاثر علائقن کي ترجيح ڏني ويندي جتي ٻوڏ سٽيل بنيادي سهولتن کان به محروم آهن، سيڪريٽري جنرل اسرندڙ ملڪن کي پيش ايندڙ چئلينجز تي ضابطي لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ لاءِ جي- 77 ۽ چين جي خصوصي وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جي پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم کي پڻ ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button