2022 جو سال صحيح معنى ۾ پاڪستان لاءِ بدترين سال رهيو. ڀل اوهان سياسي عدم استحڪام جي حوالي سان ڏسو. ڀل معاشي حوالي سان يا وري قدرتي آفتن ۽ خراب حڪمرانيءَ جي ڪري ٿيندڙ تباهين جي حوالي سان. ڀل اوڙي پاڙي جي ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان يا انساني حقن ۽ آزاديءَ جي حوالي سان. مطلب ته ڪنهن به ريت ڏسو، هيءُ سال ملڪ جي لاءِ بريون خبرون ئي کڻي آيو. رڳو مينهن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري ملڪ کي پهتل نقصان جو ڪاٿو 28 ارب ڊالرن تائين لڳايو ويو آهي. سنڌ جي متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن منجهان ٻوڏ ۽ مينهن جو پاڻي ته چار مهينا گذرڻ باوجود نه ڪڍيو ويو آهي. زرعي زمينون هن وقت تائين آباديءَ لائق نه بڻجي سگهيون آهن. انفرا اسٽرڪچر درست نه ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙيءَ کان دادوءَ رستي روهڙي ۽ ڪوئيٽا ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين اڃان تائين بحال نه ڪئي وئي آهي. مطلب ته سال 2022 تباهي ۽ برباديءَ وارو سال رهيو. سٺي خبر رڳو اها آهي ته اهو سال بس ٻن ڏينهن جو مهمان وڃي رهيو آهي.
هن سال اپريل مهيني ۾ عمران خان جي حڪومت خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ملڪ اندر سياسي بحران به ايترو پختو ۽ جٽادار رهيو آهي جو هاڻي اهو ڊپ آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ به اهو بحران شايد برقرار ئي رهي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ عام چونڊن ۾ تحريڪِ انصاف جي شڪست جي صورت ۾ خان صاحب ماٺ ڪري ويهڻ وارو ڪونهي. ان صورت ۾ بحران برقرار ئي رهندو.
عمران خان چيو هئو ته هُو 23 ڊسمبر تي اسيمبليون يعني پنجاب ۽ خيبر پختون خواه جي صوبائي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو پر سندس اها دعوى به پوري نه ٿي سگهي. سندس چيل ڳالهه ان ڪري پوري ڪانه ٿي سگهي جو پنهنجي پارٽيءَ جا چونڊيل نمائندا ۽ سندس اتحادي خاص ڪري مسلم ليگ قاف جو اهڙو رايو نه بيٺو. پنجاب جي وڏي وزير اسيمبليون نه ٽوڙڻ کي 99 سيڪڙو پاڪستاني عوام جي راءِ قرار ڏيندي فرمايو ته ملڪ جو 99 سيڪڙو عوام اسيمبلين جي قائم دائم رهڻ جي حق ۾ آهي. خبر ڪانهي ته اهڙي سروي چوڌري صاحب ڪهڙي اداري کان ڪرائي آهي پر ايترو ضرور صاف آهي ته اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻهن منجهان 99 سيڪڙو ائين ئي چاهيندا هوندا. ڇاڪاڻ ته اسيمبليءَ جي ميمبريءَ جا جيڪي مزا آهن اهي ڀلا ڪهڙو احمق ڇڏڻ چاهيندو. خان صاحب جو خيال آهي ته انهن ٻنهي صوبائي اسيمبلين ٽوڙڻ سان پي ڊي ايم جي مرڪزي حڪومت کي مجبور ڪري سگهبو ته عام چونڊون وقت کان اڳ ڪرائي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف وڏي پيماني تي سوڀاري ٿيندي ۽ ايندڙ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي پارٽي (پاڪستان ۾ خاص ڪري ۽ ايشيا ۾ عام طور تي شخصيتون پارٽين جي نالي سان نه پر پارٽيون شخصيتن جي نالي سان سڃاتيون وينديون آهن. اهو اهڃاڻ آهي ته اسان وٽ پارٽيون نه پر اڳواڻ پاور فل آهن. بهرحال ڇا ٿو ڪري سگهجي، اسان جي چاهڻ يا نه چاهڻ سان حقيقتون تبديل ڪونه ٿينديون.) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي قائم ٿي ويندي. هُو پاڻ ملڪ جو وزيرِ اعظم بڻجي ويندو. چوڌري صاحب جنهن پريس ڪانفرنس ۾ 99 سيڪڙو واري ڳالهه ڪئي هئي ان پريس ڪانفرنس دوران ئي هن اهو به فرمايو هئو ته اسٽيبلشمينٽ به چاهي ٿي ته موجوده سياسي سيٽ اپ جيئن آهي تيئن هلندو رهي. وڌيڪ ڪا گڙٻڙ نه ڪئي وڃي. پرويز الاهيءَ عمران خان کي اها صلاح پڻ ڏني آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه تي کلئي عام تنقيد نه ڪري ۽ هڪڙي زماني ۾ ان جا مٿس ڪيل احسان ياد ڪندي، جنرل صاحب جي مهرباني مڃي. عمران خان ۽ پرويز الاهيءَ جي اهڙي بيان بازيءَ کان پوءِ ائين لڳي رهيو هئو ته پنجاب حڪومت ۾ سندن اتحاد بس ويو، پر ائين ٿيو ڪونه. ظاهر آهي اهو ڪريڊٽ به چوڌري صاحب کي ئي ڏيڻو پوندو جيڪو سياسي ميدان جو پراڻو کلاڙي ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ هئڻ ڪري عمران خان کان رُسي سڀ ڪجهه وڃائي ويهڻ بدران سياسي سوديبازيءَ ذريعي وڌيڪ وٺڻ جي موڊ ۾ آهي. هن عمران خان کي ڇڏي ڏيڻ بدران صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. ممڪن آهي ايندڙ سال جي عام چونڊن دوران هُو عمران خان سان پنجاب اندر سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڪا سوديبازي ڪرڻ چاهيندو هجي. ٻئي پاسي پي ڊي ايم جي حڪومت به خاموش ڪانه ويٺي هئي جنهن پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آندي ته جيئن وڏو وزير اسيمبليءَ منجهان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ پابند بڻجي وڃي. ان جو فائدو اهو آهي ته آئيني طور تي جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ اڳتي وڌي ته پوءِ يا ته وڏو وزير اعتماد جو ووٽ وٺندو يا وري بي اعتماديءَ واري رٿ تي ووٽنگ ڪرائي ويندي. جيسيتائين اهو اعتماد ۽ بي اعتماديءَ وارو معاملو نه ٿو نبري، ان وقت تائين اسيمبلي ٽوڙڻ وارو خواب اڻ پورو ئي رهندو. بهرحال، گورنر پنجاب وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻئي پاسي صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر گورنر جي ان عمل کي ئي غير آئيني قرار ڏنو ته معاملو لاهور هائي ڪورٽ حوالي ٿي ويو جنهن ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين پرويز الاهيءَ کي پنجاب جي وڏي وزير طور ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو آهي. اهو معاملو هيئن يا هونءَ اينگهندو، جنهن ۾ بهرحال فائدو چوڌري پرويز الاهي ۽ پي ڊي ايم حڪومت جو آهي. ان کان علاوه خود پرويز الاهيءَ جي بقول اسٽيبلشمينٽ به ان تي راضي آهي ته صورتحال جيئن جو تيئن قائم رهي. ان ڪري معزز عدالت سڳوريءَ کان به انصاف جي اميد ڪري سگهجي ٿي.
خان صاحب کي ته نظر اچي پيو ته مسئلي جو حل وقت کان اڳ ٿيندڙ عام چونڊون آهن پر حقيقت ائين ڪانهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊون مسئلي جو حل آهن ته سڀ کان پهريان حڪومت ۽ مخالف ڌر جو ان تي اتفاق هجڻ لازم آهي ته مرڪز توڙي صوبن اندر عبوري حڪومت ڪهڙي ۽ ڪيئن جڙندي. اهو اتفاق آئين جي آرٽيڪل 224 تحت ضروري آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو ته پوءِ آئين جي آرٽيڪل 224 اي مطابق اهو معاملو پارلياماني ڪميٽيءَ وٽ نيو ويندو. جيڪڏهن اهو معاملو پارلياماني ڪميٽي به حل نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي ته اها عبوري حڪومتون جوڙي. پر سوال اهو آهي ته عمران خان جهڙي نموني اليڪشن ڪميشن مٿان به سرِعام تنقيد ڪندو ۽ غلاظت اڇليندو رهيو آهي، اهڙي صورت ۾ ڇا اهو ممڪن آهي ته هُو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول ڪري وٺندو؟ خاموش ٿي ويهندو؟ ظاهر آهي، اهو سڀ ڪجهه ايترو آسان ڪونه هوندو.
گھٽ ۾ گھٽ ٽي وڏيون سياسي پارٽيون اهڙيون آهن جيڪي جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن ۾ سوڀاريون نه ٿيون ته ڪنهن ٻئي کي به حڪومت ڪرڻ نه ڏينديون. بدقسمتيءَ سان ماضيءَ جو جيڪو رڪارڊ آهي اهو شاهد آهي ته سياسي پارٽين هڪ ٻئي جي فتح کي ڪڏهن نه قبوليو آهي. انهن پنهنجي شڪست کي هميشه سازش قرار ڏئي رد ڪيو آهي. هڪ ٻئي خلاف ڌانڌليءَ جي الزام تراشي تمام پراڻي آهي. 1990 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مقابلي ۾ لٿل وڏيون پهلوان رڳو پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز هيون تڏهن اهڙي ڪا به چونڊ نه گذري جنهن تي هارائيندڙ پارٽيءَ ڌانڌلي ۽ سازش جو الزام نه هنيو هجي. ساڳي ريت 2013 وارين عام چونڊن ۾ جڏهن مسلم ليگ نواز تحريڪِ انصاف کي هارايو ته عمران خان ان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ قرار ڏنو ۽ مخالف پارٽيءَ جي فتح کي جزوي طور به قبولڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هن وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ 4 مهينا ڊگهو ڌرڻو هنيو ۽ مطالبو ڪيائين ته عدالتي ڪميشن جوڙي ڌانڌليءَ جي جانچ ڪرائي وڃي. نيٺ حڪمران سياسي جماعت مجبور ٿي ۽ ٻنهي پارٽين جي راضپي سان عدالتي جانچ ڪميشن جُڙي جنهن آخر ۾ اهو ئي ٻڌايو ته ڪنهن منظم ڌانڌليءَ جا ثبوت نه مليا آهن البت مختلف هنڌن تي پولنگ واري ڏينهن ڪجهه بي قاعدگيون ضرور ٿيون آهن. ان کان پوءِ جڏهن 2018 واريون چونڊون تحريڪِ انصاف کٽيون ته پيپلز پارٽي توڙي مسلم ليگ نواز ان ڪاميابيءَ کي اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي ملي ڀڳت قرار ڏيندي تمام وڏي ڌانڌلي ڪوٺيو ۽ چونڊ نتيجن کي رد ڪيو.
سياسي عدم استحڪام سبب پيدا ٿيل معاشي ڏيوالپڻي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ملڪ جا رکوالا ملڪ تي رحم ڪن. اهي جنهن ڍڳيءَ کي لڳاتار ڏهندا آيا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي حصي جو ٿانءُ ڀرجڻ کان پوءِ کير کنيون ملڪ ڇڏيون هليو ويو آهي، هاڻي ان ڍڳيءَ کي ٿوري ساهي ڏيڻ گھرجي. ان کي گاهه پٺو وجهجي. ويچاري هڏائون پڃرو وڃي بچي آهي. جيڪڏهن اڃان به ان جي صحت کي نظر انداز ڪندي ڏهڻ وارو عمل جاري رکيو ويو ته پوءِ ويچاريءَ جو موت يقيني بڻجي ويندو.
وقت کان اڳ ٿيندڙ عام چونڊون مسئلي جو حل ڪونهن. عمران خان وٽ ٻه رستا بچيا آهن يا ته آئين جي پاسداري ڪندي اسيمبليءَ ۾ وڃي ويهي، مخالف ڌر جو ڪردار نڀائي ۽ وقت تي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصيدار ٿيڻ جي تياري ڪري يا وري حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ۾ سڌو ٿي بيهي ۽ نااهلي سميت مختلف ڪيسن ۾ سزا کائڻ لاءِ تيار ٿئي. جيئن ته هُو ڪو عوامي انقلابي اڳواڻ ڪونهي ان ڪري دير سوير کيس صبر ڪرڻ وارو رستو ئي اختيار ڪرڻو پوندو.