ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناظم جوکئي سان ٿيل ڪاسائڪي ڪار

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

گذريل اربع ۽ خميس واري رات وچ ۾ يارھين وڳي مھل گھران اغوا ڪيل ھڪ باشعور ۽ غيرتمند جوان ناظم جوکئي کي اغوا ڪري ساڻس جيڪا ڪاسائڪي ڪار ڪئي ويئي، ان بابت سوشل ميڊيا توڙي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي ظاهر ٿيل حقيقي فوٽيج ۽ تصويرن نه رڳو سنڌ پر پاڪستان کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا تائين ھر انسان جي ذهن ۽ روح کي رھڙي رت ڪري ڇڏيو آھي. جھڙي ظالماڻي طريقي سان ناظم جوکيو شھيد جي جسم ۽ مغز کي وڍي ٽڪي سندس ھڏ گُڏ ڀڃي کيس اذيتون ڏنيون ويون تن سان ماڻهن کي پابندي مڙهيل دھشتگرد تنظيم متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جا ٽارچر سيل ياد اچي ويا. ڇا عرب شيخن جي شڪار جون تصويرون ۽ ويڊيوز پھريون ڀيرو منظر عام تي آيون ھيون جو ناظم کي اھڙي ھان ڏاريندڙ سزا ڏني ويئي جنهن جا مثال امن امان جي رکوال سنڌ ڌرتيءَ تي اڳ ۾ رڳو مغلن، ارغونن ۽ ترخانن جي قابض دؤر ۾ ملن ٿا ته ڪيئن سچ ۽ حق جو آواز بلند ڪرڻ وارن شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول کي جيئري ئي گهاڻي ۾ وجھي پيڙهي ڇڏيائون. اڄوڪي جديد دؤر ۾ پاڪستان ۾ اھڙيون اذيتون ته رڳو ايم ڪيو ايم جي ٽارچر سيلن ۾ ڏٺيوسين، جتي سياسي مخالفن کي ڪھي، سندن جسم کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري، ڳوڻ ۾ ٽڪرا ٿيل لاش ويڙھي سندن گھر جي در تي دھشتگرد اڇلائي ويندا هئا. اھو انسان دشمن طور طريقو پنجويهه ٽيهه سال ھلندو رھيو ۽ نيٺ جنرل راحيل شريف جي زماني ۾ دھشتگردن جي ھيڏي ڪوارٽر نائن زيرو تي ڇاپو هڻي سمورن قاتلن ۽ کين پناهه ڏيندڙ ڏوھارين کي سڳ سوڌو جھلي، دھشتگردي جي اڏي کي فوجي ادارن سيل ڪري ڇڏيو. اڄڪلھه وري دھشتگردن جا ساٿاري ٻرن منجهان نڪري مطالبو ڪن پيا ته جھڙي ريت پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ھيڊ آفيس کولڻ ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تيئن نائن زيرو تان به پابندي ختم ڪري، اسان تي داخل ڪيل سمورا ڪيس واپس ورتا وڃن.
وزيراعظم عمران خان جي حڪومت کي بچائڻ خاطر اسان جي رياست جي اصل واڳ ڌڻين کي آخر ڪيستائين ڪڙاڻ واريون گوريون Bitter pills کائڻيون پونديون؟ سنڌ جي تاريخ ۾ شايد پھريون ڀيرو ھڪ راڄوڻي سردار جي ڪوٽ ۾ ٻن ڪمرن جا تالا ٽوڙي ڳجهي ٽارچر سيل انٽيليجنس ايجنسين ھٿ ڪيا آهن بلڪه اھا به ڄاڻ ڏني اٿن ته عرب شڪارين جي مھمان نوازيءَ ۾ مصروف ڄامن پنھنجي قبيلي جي باغين کي ڪمدارن ھٿان ملندڙ سزائون اکين سان ڏسڻ خاطر قابو ڪوٽن اندر سي سي ٽي وي ڪئميرائون به ھر ھنڌ لڳائي ڇڏيون آهن. فارينزڪ تجزئي لاءِ اھي ڪئميرائون ۽ واردات واري هنڌ تان لڌل رت ۾ ٻڏل سوڙ، لوهه جا سريا ۽ شيخون به ھٿ آيون آهن.
وڏيرن جي ڪمدارن ۽ واٺن پھرين ته شهيد ناظم جوکئي کي ڏنڊا ھڻي ھڻي بيھوش ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ کيس ھوش ۾ آڻڻ لاءِ لوھي شيخن سان مغز ۾ زورائتا ڌڪ ھنيائون پر ھو اڌ مئو ٿي چڪو ھو ۽ ھوش ۾ نه آيو. جناح اسپتال ڪراچي جي پوسٽ مارٽم انچارج ڊاڪٽر سميعه سعيد جو اربع وارين انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته لوھي شيخن جي ڌڪن سان ناظم جو ميڄالو به رتو رت ٿي ويو ۽ ڪيترن ھنڌن تي ڄميل رت جون به شاھديون مليون آھن. اسان ھميشه ايئن سمجهندا هئاسين ته اھڙيون غير انساني اذيتون ڏيڻ وارو ڌنڌو ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن شروع ڪيو ھو ۽ انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڪري. پر جوکين ڄامن جي ٽارچر واري بربريت کي ڏسي آئون انھيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ ۾ جيڪي ڀوتار ۽ سردار سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪري ھر ھفتي ڏھين ڏينهن مسڪين ھارين نارين جي معصوم نياڻين کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏيو ڇڏين، ان لاءِ به ضرور ھو مائٽن کي ساڳي ريت اذيت گاھن ۾ بند ڪري ماري ڪٽي پنهنجا ننگ پوڙهن پڪن حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪندا ھوندا. سنڌ ۾ جيئن ته پوليس ۽ انصاف جا ذري گهٽ سمورا ادارا غريب ۽ بيوس عوام کي انصاف ڏيڻ ۽ قانون جي بالادستي قائم رکڻ ۾ بنھه ناڪام ٿي سياسي ٿي ويا آهن، تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سردار ۽ جاگيردار جي ڪوٽن ۾ قابو ٿيل ماڻهن کي فقط انساني حقن جي بچا واريون ڪجهھ تنظيمون ئي وڏيرن جي پرائيويٽ جيلن مان آزاد ڪرائيندي ڏسون ٿا. پوليس وارا ته وڏيرن، ڀوتارن توڙي ڌاڙيلن جي ذاتي نوڪرن وانگر ڪم ڪرڻ لڳا آهن.
مون کي اھا خبر پڙھي خوشي ٿي آهي ته سالن کان سنڌ تي راڄ ڪندڙ ڊي آ جي سطح جا ڪيئي پوليس آفيسر وفاقي حڪومت سنڌ مان زوريءَ بدلي ڪري پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. انھن پوليس آفيسرن ۾ ڀوتارن ۽ جاگيردارن جا ڇاڙتا وڏي انگ ۾ آهن جن ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي فل فرا يا ھاف فرا ڪري ايڏو وڏو ظلم ڪيو جيڏو ملير جي ڄامن ھڪ سچار ۽ غيرتمند جوان ناظم جوکئي سان ڪيو آهي. جيڪڏهن سردارن ۽ جاگيردارن جي ڪوٽن جي اڄ به تلاشي وٺجي ته سوين بيگناهه ماڻھو سندن ڪوٽن ۾ سرڙين ھارين وانگر قيد ملندا. سردارن ۽ ڀوتارن جي انسانيت سوز وارداتن کي ھڪ پاسي ڪري، رڳو سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيت ڪٽنبن جو ڪاٿو لڳائجي ته ڪيئي ھزار قيدي مرد، زالون ۽ ٻار ٻچا سڄي پاڪستان ۾ ناجائز نموني ڪوٽن اندر قابو ٿيل ملندا. ڇا انهن علائقن جي ٿاڻيدارن ۽ بالا آفيسرن کان اھا حقيقت ڳجهي آهي؟ ھرگز نه، ھي سڀ انسان ذات جي پورھئي جي ڪمائيءَ مان پنهنجو حصو پتي وٺن ٿا. ان ڪري ئي ڏوھارين کي کليل ڇوٽ ڏني اٿن.
وزير اعظم عمران خان جنھن کي واعدي خلافين سبب ڪالهه سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيڻو پيو، تنھن جو اخبارن ۾ بيان ڇپيو آهي ته جيڪڏهن ھڪڙي ضلعي جو ايس ايس پي ديانتدار ھجي ته سڄي ضلعي مان ڏوهن ۽ ڏوھارين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. کانئس پڇان ٿو ته وزيراعظم آھين، تون ڇو نه ٿو ايماندار آفيسر مقرر ڪرين؟ سندس پنھنجو حال اھو آھي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪنهن به فرض شناس پوليس آفيسر کي برداشت نه ٿو ڪري. ساڳي حالت سنڌ جي حڪمرانن جي آھي جن تيرھن سالن جي حڪومت ۾ شاندار ساک وارن بشير احمد ميمڻ، ولي الله دل، الله ڏنو (اي ڊي) خواجه، سراج احمد لاشاري، علي شير جکراڻي ۽ سلطان خواجه جھڙن پوليس آفيسرن کي سندن ميرٽ مطابق سنڌ ۾ ڪڏهن به پوسٽنگ نه ڏئي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ھڪڙو چڱو ڪم ھي ڪيو آهي ته سنڌ جي قومي خزاني مان ڏهه لک روپيا ناظم جوکيو شھيد جي گھر واري ۽ سنڌ جي عظيم نياڻي شيرين جوکيو جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن مراد علي شاهه پنهنجي ذاتي اڪائونٽ مان به ٻه چار لک امداد ڏيئي ڇڏي ھا ته کيس ڪوبه گھاٽو نه ٿئي ها. بھرحال، امداد طور ملندڙ اھڙا لک ۽ ڪروڙ به بيواهه ٿي ويل شيرين کي ڏٺي ڪونه وڻندا ڇاڪاڻ ته هوءَ ھڪڙي باضمير ۽ دلير مڙس ناظم جوکئي جي عزت ۽ غيرت واري زال آهي جنهن جي روح کي سندس ور جي بيدرديءَ ۽ بي حرمتي سان ٿيل خون اھڙا ته ڏنج ڏنا آهن جن کي ھو مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نه ٿي سگهي.
پڙھندڙن کي ھڪڙي نصيحت ڪريان ٿو ته ياد رکو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ اڍائي سئو پورھيتن کي جيئري ساڙي ماريو ويو، تڏهن به سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن اھڙو ڏک درد نه ونڊيو جھڙو شھيد ناظم جوکئي جي قتل تي! آخر ڇو؟ ان ڪري جو سنڌي جوانن کي ان زماني ۾ سوشل ميڊيا تائين ايتري پھچ ۽ رسائي حاصل نه ٿي ھئي. اڄوڪو دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارن معجزن جو دؤر آهي. ڄام خاندان جي نشي ۾ ڌت شهزادن کي ڪھڙي پروڙ ته غريب مسڪين ماڻهن تي ٿيندڙ ٽارچر ڏسڻ ۽ ڏسي ٽھڪ ڏيڻ لاءِ ھنن پنهنجي ڪوٽ ۾ جيڪي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون سي ھڪ ڏينھن سندن ئي خلاف شاھدي ڏينديون. آھي نه ڪمال ٽيڪنالاجي جو؟ ٻي اھم ڳالهه ته مون فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي اھا راءِ ڏني آهي ته ھن ڀيري سنڌي ڪلچر ڏھاڙو نچڻ ۽ ڳائڻ جھڙي روايتي ڌماچوڪڙي مچائڻ بدران ھي ھڪ ڏينھن ناظم جوکئي شهيد کي ارپي، سانجهيءَ ٽاڻي ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻارڻ سان گڏ رڳو سنڌ جا قومي گيت ڳائجن ۽ وڏيراشاھي توڙي جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ جدوجھد جو نئون سال شروع ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button