ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اڃا بجلي ڪيتري مهانگي ٿيندي؟

Editorial

پي ٽي آ حڪومت ريڪارڊ مهانگائي ڪرڻ کان پو به اهو سمجهي ٿي ته عوام وڏي سک ۾ آهي ۽ ان کي هر قسم جي آسائش هاڻوڪي حڪومت فراهم ڪري رهي آهي. پي ٽي آ پنهنجي دور ۾نه رڳو پيٽرول جا اگهه وڌايا آهن پر بجلي جا اگهه ۾ ايترا وڌائي ڇڏيا آهن، جو ماڻهو هاڻي بجلي ٻارڻ کان به پرهيز ڪندا هوندا، ڇاڪاڻ ته هاڻ بجلي جو في يونٽ 20 روپين کان به وڌي ويو آهي. اهڙي ريت عوام کي بجلي جا ڳرا موڪلي ان جي کيسي تي وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي، جنهن جي ڪري عوام جي پريشانين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت بجلي جا اگهه وڌايا هئا پر هڪ ڀيرو وري حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ 2 روپيا 52 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي ڪري عوام کي وڌيڪ بل ادا ڪرڻو پوندو.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي ۽ بجلي وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نيپرا جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي (سي پي پي اي) جي درخواست تي بجلي جي قيمت ۾ سيپٽمبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 52 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب بجلي اگهن ۾ واڌ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي، جڏهن ته اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن واهپيدارن لاءِ نه هوندي. وزير اعظم عمران خان کي ياد هجڻ گهرجي ته جڏهن هو اپوزيشن ۾ هو ته بجلي جا بل پيو ساڙيندو هو ۽ ان کانسوا 8 روپيا في يونٽ وري بجلي به هن کي مهانگي لڳندو هئي، اڄ هو ان جي ابتڙ عوام جي مٿان اجايو بجلي جو بار وجهي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي عوام سان ناانصافي آهي، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي سستي بجلي ڏيڻ لا ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان کانسوا هاڻوڪا وڌايل اگهه واپس ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته عوام تي اڳ ئي مهانگائي جو گهڻو بار آهي ۽ ان بار کي هاڻ عوام برداشت نٿو ڪري سگهي.

بگي مائينر جي آبادگارن جو احتجاج
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ماڻهن جون دانهون مختلف شهرن ۽ ضلعن مان اينديون رهنديون آهن. ڪٿي پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرا پيا ٿيندا آهن ته ڪٿي وري ريليون پيون نڪرنديون آهن ته آبادگارن کي مناسب مقدار ۾پاڻي نه ملي سگهندو آهي. ان جو اهم ترين سبب اهو آهي جو مقامي انتظاميه انهن جو مسئلو حل ڪرڻ لا تيار نه آهي. اهڙي ريت اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري رهندو پيو اچي ۽ آبادگار پنهنجين سڪل شاخن کي پيا ڏسندا آهن. سنڌ ۾ لاڙ واري پاسي تي پاڻي جي کوٽ بنهه گهڻي ٿي وئي آهي. جتي احتجاج جو سلسلو به وڏي وقت کان جاري آهي. ڪالهه به جهڏي ۾بگي مائينر ۾پاڻي بند ڪرڻ تي آبادگار احتجاج ڪيو آهي.

ڪالهوڪي آيل خبر موجب جهڏو ۾ جمڙائو ڪئنال جي مين ٽيل بگي مائينر جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي آبادگار اڳواڻ جليل انڙ، اياز کوسو، اياز رضوي، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، اسماعيل مغيري ۽ جاني ڪبوه جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن بئنر ۽ شيٽون کڻي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال خلاف ريلي ڪڍي شھر جي مختلف روڊن جو گشت ڪري نيشنل بئنڪ چوڪ وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايف او چيئرمين جليل انڙ، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ڪرپٽ آهي، جنهن ڪڻڪ جي پوکي جي سيزن ۾ بناجواز پڇڙين جو پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو آهي، سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي، ڪا کوٽ ناهي، صرف منڊ جي بااثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ بگي مائينر جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سب هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جون تيار ٿيل ٻنيون بيابان ٿي ويون آهن. پوکيل فصل ڪڻڪ، سرنهن، ٽماٽا ۽ بصر سڪي ختم ٿي ويا آهن. آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن، آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي برطرف ڪري بگي مائينر جو پاڻي بحال ڪيو وڃي. هنن اعلان ڪيو ته 13 نومبر ڇنڇر ڏينهن مٺي ميرپورخاص روڊ تي مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جهڏو توڙي نئوڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته هنن آبادگارن جو پاڻي لا مطالبو جائز آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مائينر ۾ پاڻي نه پهچائڻ جي ذميواري آبپاشي کاتي تي هوندي آهي، تنهنڪري بگي مائينر ۾ جيڪڏهن پاڻي نه پهچي رهيو آهي ته اها آبپاشي کاتي جي ڪوتاهي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آبادگارن جي مطالبي جو تدارڪ ڪيو وڃي. انهن جي شاخ ۾ پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ جيڪي به بااثر ان شاخ جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته پوڇڙي جي آبادگارن جو اهو پهريون حق آهي ته انهن کي پاڻي مناسب مقدار ۾ وقت پهچايو وڃي ته جيئن اهي پنهنجا فصل پوکي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button