شوبز

ڪترينا ڪيف ايندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي

ممبئي :ارتي ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته بار بي ڊول ڪترينا ڪيف ايندڙ مهيني شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي. ذريعن وٽان خبرون اچي رهيون آهن ته ڪترينا ساٿي اداڪار وڪي ڪوشل سان شادي جي تيارين ۾ رڌل آهي، پر شادي جا انتظام انتهائي رازداري ۾ رکيا ويا آهن. ٽائمز آف انڊيا جو چوڻ آهي هت ڪترينا ايندڙ مهيني ڊسمبر جي شروعات تائين شادي ڪري پنهنجي مڙس جي گهر هلي ويندي. ٻنهي جي شادي جي معاملن کي في الحال راز ۾ رکيو پيو وڃي، هن وقت تائين ڪنهن به شخص يا رشتيدار کي دعوت نه ڏني ويئي آهي. رپورٽ موجب ٻنهي ڪيتريون ئي فلمون سائن ڪيون آهن، ان ڪري سادگي سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو اٿن. امڪان آهي ته ڪترينا طرفان مسواڙ تي ورتل فليٽ ۾ شادي جون اهم رسمون ادا ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button