شوبزعالمي

ميگا ڪاسٽ ٿرلر “صنف آهن” ڊرامي جو ٽيزر جاري

نئي دهلي: هدايتڪار نديم بيگ جي ايندڙ ميگا ڪاسٽ ٿرلر ڊراما صنف آهن جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي. ان ۾ سمورن مرڪزي اداڪارن جي ڪردار کي ڏيکاريو ويو آهي. مختصر مدي واري جاري ٽيزر ۾ ڊرامي جي ڪهاڻي بدران رڳو اداڪارن جو تعارف ئي ڪرايو ويو آهي. ان ۾ سائرا يوسف، سجل علي، ڪبرا خان، يمني زيدي ۽ رمشا خان کي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي. ڏيکاريو ويو آهي ته عام گهراڻن جون ڇوڪريون ڪهڙي نموني فوج جو حصو بڻجي صنف نازڪ کان صنف آهن تائين جو سفر طئي ڪن ٿيون. ٽيزر ۾ انهن کي فوجي لباس ۾ هٿيار هلائيندي پڻ ڏيکاريو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button