اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهه مان ملندڙ تحفن کي ميوزيم ۾ رکڻ گهرجي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته پرڏيهه مان ملندڙ تحفن کي ميوزيم ۾ رکڻ گهرجي. هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانا کان وزيراعظم عمران خان کي ملندڙ تحفن جي ڄاڻ پبلڪ ڪرڻ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. اٽارني جنرل مصروفيتن سبب پيش نه ٿيو، وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل قاسم وددود پيش ٿيو ۽ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل وقت نه ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته وڌيڪ وقت ڏنو ويو ته ڪيس غير موثر ٿي ويندو. جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڇو! ڇا سامان وڪرو ٿي ويندو؟ جيڪڏهن مون کي شيلڊ ملندي آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ لڳائيندس، گڏ کڻي نه ويندس. وزيراعظم نه به رهيو تڏهن به درخواست غير موثر نه هوندي. ڇو ته اهو صرف وزيراعظم نه هر هڪ لاءِ هجڻ گهرجي. صرف وزيراعظم ئي ڇو وفاقي وزير ۽ بيورو ڪريسي کي به ڏسڻ گهرجي. اوهان حڪومت آهيو، مان ته چوان ٿو ته جيڪي تحفا ماڻهو گهرن ڏانهن کڻي ويا، انهن کي واپس ميوزيم ۾ رکو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي ڪنهن عمل ڪرڻ کان روڪيو آهي. اوهان هڪ درخواست داخل ڪريو. پرڏيهه مان ملندڙ تحفا ميوزيم ۾ لڳل هوندا ته ماڻهو به خوش ٿيندا. هڪ ايراني قالين ملي ته اهو به ميوزيم ۾ ڇو نه رکڻ گهرجي. پاڪستان آمريڪا کي تحفا ڏنا ته انهن سينٽر ۾ محفوظ ڪيا. ٻين ملڪن کان ملندڙ تحفا ميوزيم ۾ لڳل هوندا ته ماڻهو به خوش ٿيندا. ڪيتريون ئي شيون تاريخي اهميت جوڳيون هونديون آهن. ان کان پوءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل کي عدالتي مدد جي هدايت ڪندي ڪيس جي شنوائي 8 ڊسمبر جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button