شوبز

آريان خان اڃا سڪتي جي حالت ۾، ڪمري تائين محدود ٿي ويو

ممبئي: منشيات ڪيس ۾ نامزد اداڪار شاهه رخ خان جو وڏو پٽ آريان خان اٽڪل هڪ مهينو جيل ۾ رهڻ بعد واپس گهر آيو آهي پر هو جيل ۾ گذاريل وقت جي ڪيفيت مان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي ۽ هو اڳ کان وڌيڪ خاموش ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق آريان خان پنهنجن ويجهن دوستن سان ملڻ به ڇڏي ڏنو آهي ۽ سڪتي جهڙي ڪيفيت ۾ آهي، هو پنهنجو گهڻو وقت ڪمري ۾ گذاري ٿو.

جڏهن ته شاهه رخ خان جي وني گوري خان پنهنجي پٽ کي واپس زندگي ڏانهن آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آريان لا في الحال ڪو ذاتي محافظ نه رکيو ويو آهي، شاهه رخ خان هر وقت پنهنجي پٽ سان گڏ هوندو آهي ۽ هن پنهنجي سموري شوٽنگز ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button