اسلام آبادپاڪستان

16 هزار ملازمن جي برطرفي تي نظرثاني اپيل شنوائي لاءِ منظور

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ 16 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي برطرفي واري فيصلي تي نظرثاني اپيل شنوائي جي لاءِ منظور ڪندي حڪم امتناع جي استدعا رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي دوران وفاقي حڪومت برطرف ملازمن جي بحالي واري قانون کي درست قرار ڏنو. ان دوران اٽارني جنرل عدالت کان استدعا ڪئي ته 16 هزار ماڻهو نه پر 16 هزار خاندان متاثر ٿيا. روزاني متاثر ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. انساني بنيادن تي فيصلي جي معطلي چاهيون ٿا. عدالت چيو ته اهو ترجيحي رليف ڏئي سگهون ٿا ته حڪومت متاثر ملازمن کي سرڪاري گهرن مان نه ڪڍي. جسٽس قاضي امين چيو ته کليل دل سان ڪيس ٻڌي رهيا آهيون. پنهنجي غلطي نظر آئي ته اصلاح ڪنداسين. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته لڳي رهيو آهي ته حڪومت شهرت لاءِ نظرثاني وارو فيصلو ڪيو. ان کان پوءِ عدالت شنوائي 29 نومبر کان شروع ٿيندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button