شوبز

هالي ووڊ اداڪارايلڪ بالڊون سميت 12 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

لاس اينجلس: پنهنجي ايندڙ فلم “رسٽ” جي شوٽنگ دوران فائرنگ ڪندڙ هالي ووڊ اداڪار ايلڪ بالڊون سميت هڪ درجن ماڻهن خلاف سول ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايلڪ بالڊون 21 آڪٽوبر تي شوٽنگ دوران فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ فوٽوگرافي ڊائريڪٽر 42 ورهين جي هيلينا هچنس حياتي وڃائي ويٺي ۽ ڊائريڪٽر جول سوزا زخمي ٿي پيو هو. آمريڪي خابرو اداري اي پي مطابق فلم “رسٽ” جي هيڊ آف لائٽنگ سرگئي سوٽنوئي اداڪار سميت فلم جي ٽيم جي هڪ درجن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

فلم جي شوٽنگ دوران فائرنگ ۾ حياتي وڃائيندڙ ڊائريڪٽر فوٽوگرافي

ايلڪ بالڊون سميت فلم جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ شوٽنگ جا هٿيار ڏسندڙ هدايتڪار سميت مجموعي طور تي 12 ڄڻن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ڪرائيندڙ به فلم “رسٽ” جي ٽيم جو حصو هو پر هن پاڻ کي مارجي ويل عورت جو ويجهو دوست قرار ڏنو آهي. هن لاس اينجلس جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيس ۾ ايلڪ بالڊون سميت فلم جي ٻين پروڊيوسرز ۽ هدايتڪارن تي غفلت جو الزام مڙهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button