اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، 637 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ۽ 637 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪرونا وائرس جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 637 ماڻهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن جو ڪل انگ 12 لک 78 هزار 751 ٿي ويو. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 9 ماڻهو فوت ٿيا، ڪرونا وگهي ڪل 28 هزار 575 ماڻهو فوت ٿيا. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪرونا جا 12 لک 26 هزار 906 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪيسن جو انگ 4 لک 41 هزار 493 ٿي ويو، سنڌ ۾ هن وقت تائين 4 لک 72 هزار 925، ڪي پي ۾ هڪ لک 78 هزار 846 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا. بلوچستان ۾ 33 هزار 368، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 223 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا. گلگت ۾ 10 هزار 398 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 498 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا. ملڪ ۾ ڪرونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 23 هزار 270 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا جون 48 هزار 882 ٽيسٽون ڪيون ويون. ملڪ ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 12 لک 80 هزار 406 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button