ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

متان تنھنجو ئي توکي لڳي

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

وزير اعليٰ چوڌري پرويز الاھي چار ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبليءَ مان آڌيءَ رات مھل اعتماد جو ووٽ وٺي وفاقي حڪومت جي تيرھن جماعتي اتحاد پي ڊي ايم کي شڪست ڏيئي، ٻئي ڏينهن سڌو پنهنجي اتحادي پارٽي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گھر ويو ۽ سندس ھدايت مطابق پنجاب اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ لاءِ گورنر پنجاب ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏيائين. آئيني ماهرن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ نواز جي گورنر بليغ الدين انھيءَ درخواست تي عمل نه به ڪيو، تڏهن به قانون ۽ آئين تحت ملڪ جي سڀني کان وڏي صوبائي اسيمبلي 48 ڪلاڪن ۾ پاڻھي ٽٽي پوندي، جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن کي نئين سر عام چونڊون ڪرائڻيون پئجي وينديون. وڏي ڳالهه ته عمران خان جي حڪم تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير به پنهنجي صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ان کي ٽوڙڻ لاءِ آڌيءَ رات واري ڪاريگري ڏيکارڻ جي به گهرج ناهي. پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته مسلم ليگ نواز توڙي پي ڊي ايم جي اڳواڻن بار بار جيڪا دعويٰ ڪئي ته چوڌري پرويز الاهي وٽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ گھربل ميمبرن جي اڪثريت ناھي، تنھنڪري سندن اميدوار حمزه شهباز سولائيءَ سان ٻيھر وزير اعليٰ چونڊجي ويندو ۽ پنجاب مان عمران خان جي پاڙ پٽجي ويندي. آڌيءَ رات ٿيل ووٽنگ تي مون کي گذريل سال سپريم ڪورٽ کي رات جو دير سان کولي اھم قومي فيصلو ڪرڻ وارو واقعو ته ياد آيو پر ان کان به وڌيڪ بينظير ڀٽو پاران 23 سال اڳ استعمال ڪيل ھڪڙو تاريخي محاورو به ياد اچي ويو جنهن ۾ غيبي نموني واردات ڪندڙ ڌرين کي انگريزيءَ ۾ The Midnight’s Jackals جو لقب ڏنائين، جنهن جو سنڌي ترجمو آهي آڌيءَ رات وارا گدڙ.
سڄي جھان کي ۽ خاص ڪري عالمي اسٽيبلشمينٽ کي اھا چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته پاڪستان جي اصل واڳ ڌڻين جي اشاري تي آڌيءَ رات جو وڏا وڏا جج صاحب پنهنجي ننڊ ڦٽائي اعليٰ عدالتن جا دروازا کولي قومي اھميت جا فيصلا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪنھن به وزيراعظم يا وڏي وزير کي بچائڻ يا ھٽائڻ لاءِ واسطيدار اسيمبليءَ جا ميمبر به ھٿيڪا ھوندا آھن.
پنجاب توڙي سڄي پاڪستان جي سويلين حڪومتن ۾ گجرات جي چوڌرين کي سدائين واڳ ڌڻين جو آشيرواد حاصل رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ذاتي دشمنيءَ جي ڪري پرويز الاهي ۽ سندس وڏي ڀاءُ چوڌري شجاعت حسين جي پيءُ مرحوم ظھور الاھي چوڌري جنرل ضياءُالحق جو ويجھو ساٿي بڻجي ويو هو. پوليس جو جمعدار ظھور الاھي مالدار ڪيئن ٿيو ۽ قومي اسيمبلي تائين ڪيئن پهتو، ان جو داستان بنهھ ڊگھو آھي، جنھن بابت پنجاب جي باضمير صحافين گھڻائي ڪتاب لکيا آهن. هنن ٻنهي ڀائرن جي ڇا ڳالهھ ڪجي جو اڄ ڏينهن تائين جنرل ضياءَ جو اھو قلم سنڀالي رکي ويٺا آهن جنهن سان پاڪستان جي ماڊل ڊڪٽيٽر ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل ڦاسيءَ جي سزا واري فيصلي تي صحيح ڪري حڪم ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي آڌيءَ رات کان پوءِ ان مھل سوريءَ تي چاڙهيو، جڏهن سڄي ملڪ جا ماڻهو ننڊ ۾ ستل ھجن. فجر جي ٻانگ کان پھرين سندس جنازو ھيلي ڪاپٽر ۾ رکي تڙ تڪڙ ۾ ڳڙهي خدابخش واري قبرستان پھچايو ويو ته جيئن سنڌ واسين ۽ خاص طور تي لاڙڪاڻي جي رھواسين کي پتو پوڻ کان اڳ ڪم لاهي ڇڏجي. انھيءَ واقعي منجهان سمجهي سگهجي ٿو ته ڊڪٽيٽر ڪيڏا نه ڊڄڻا ۽ بزدل ھوندا آھن.
چوڌري پرويز الاهيءَ جي پٽ مونس الاهي طرفان ٽي مهينا اڳ ميڊيا کي ٻڌايل ھيءَ حقيقت ياد ڪرڻ ضروري آهي ته واڳ ڌڻين جي حڪم تي ھن پنھنجي پيءُ کي مجبور ڪيو ته مسلم ليگ (ق) جي ڏھن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي پي ڊي ايم بدران عمران خان جي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ھو پرويز الاهيءَ کي پنجاب جو چيف منسٽر ٺاهڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ان زماني ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪرتا ڌرتا رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوه ھو. سندس ئي نياپو ملڻ شرط چوڌري پرويز الاهي ڪجھه ڪلاڪ پهرين پي ڊي ايم جي اڳواڻن سان ڪيل قول قرار تان ڦيرو کاڌو ۽ صبح ساڻ عمران خان جي گھر لنگهي ويو، جتي شاهدن جي سامھون حلف کڻي چيائين ته ھو دل سان ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو. فقط ڏھن ميمبرن يعني اڍائي سيڪڙو ووٽ رکندڙ شخص واڳ ڌڻين جي خواهش ۽ واھر سان تحريڪ انصاف جي سوين اسيمبلي ميمبرن جو ليڊر آف دي ھائوس ۽ پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو. وزير اعظم شھباز شريف، سندس اتحادي خاص طور تي مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري حيران ۽ پريشان ٿي ويا ته پرويز الاهي پنهنجي پيءُ جھڙي محسن وڏي ڀاءُ شجاعت حسين جي حڪم جي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڀڃڪڙي ڪيئن ۽ ڇو ڪئي؟
ان کان پوءِ به لاھور ھاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ اسلام آباد تائين پنجاب جا سمورا سياسي فيصلا تحريڪ انصاف ۽ پرويز الاهيءَ جي حق ۾ ئي ٿيندا آيا آهن. مسلم ليگ نواز جي گورنر جنھن نموني تڙ تڪڙ ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ مان چوڌري پرويز تي داخل ڪيل آئيني لتاڙ جو ڪيس ھڪدم واپس ورتو، ان مان به سمجهي سگهجي ٿو ته کيس جن غيباتي قوتن گورنر مقرر ڪرايو، ھو ھر وقت انهن سان وفاداري ڪندو رھندو. وزير اعظم شھباز شريف، سندس وڏو ڀاءُ نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ کي گورنر بليغ الدين جي بنا ڪنهن صلاح مصلحت جي تڪڙ ۾ عدالت کي لکي ڏنل سندس فيصلي تي به سخت ڪاوڙ لڳي آهي. ھوڏانھن چوڌري شجاعت به پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي نافرمانيءَ تي رنج ھو. پڙھندڙن کي چوڌري شجاعت حسين جي گھر ۾ ورتل اھا تصوير ياد ھوندي جنهن ۾ آصف زرداري شجاعت جي گوڏن تي ٻيئي ھٿ رکي، ڪنڌ نوائي بيٺو آهي. عمران خان پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ جو ترجمان فواد چوڌري ته بار بار آصف زرداريءَ تي اھو الزام ورجائيندا رھن ٿا ته ھو ڊالرن سان ڀريل ڳوڻيون کڻي ڪڏهن اسلام آباد جي سنڌ ھائوس ته ڪڏهن وري لاھور واري بلاول ھائوس ۾ ترسي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪندو آهي. زرداري پاڻ يا سندس ڪنهن به ترجمان انھن الزامن جي ڪڏهن به ترديد نه ڪئي آهي. سو ھيئن کڻي سمجهو ته جيئن متحده قومي موومينٽ جي ڪجهه ووٽن جي سياسي وفاداري بدلائڻ شرط پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز اقتدار مان ڪڍيون ويون، تيئن عمران خان جي وفاقي حڪومت به ايم ڪيو ايم جي ڦري وڃڻ سبب ڦھڪو اچي ڪيو، تيئن چوڌرين جا به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ووٽ ڪنهن به حڪومت کي ڊاهڻ يا ٺاهڻ واري واردات ۾ ڪم ايندا آهن.
ھاڻي اچون ٿا پي ڊي ايم جي اڄوڪي نھايت ئي ڪمزور ۽ نٻل ٿي ويل حال تي! پنھنجي سڀ کان وڏي ۽ مقبول عوامي پارٽيءَ جي اھڙي پٽڙي حالت ڏسي لنڊن مان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ وزير اعظم شھباز شريف سان فون تي ڳالهائيندي ڏمرجي پيو ھو ته معاشي بدحاليءَ جو شڪار ۽ قرضن ۾ ڦاٿل ملڪ ۾ سوا سال واسطي حڪومت وٺي توهان مسلم ليگ جي مقبوليت وڃائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي تباهه ڪندڙ پارٽيءَ جو ليڊر عمران خان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو آهي. مسلم ليگ جا راڻا ثناءُ الله جھڙا ناميارا وزير به ھاڻي اشارن اشارن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي حڪومت جي ناڪامين جو جوابدار سمجهن ٿا. اھو ئي سبب آهي جو پاڻ کي سڀني کان ڀاري سڏائيندڙ سياستدان آصف علي زرداري به شھبازشريف کي صلاح ڏني آهي ته اوهان لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪريو. مطلب ته زرداري صاحب تحريڪ انصاف جي پنجاب سرڪار کي ڊاهڻ لاءِ زور ھڻي ھڻي ھاڻي ٿڪجي پيو آهي تنهنڪري ئي پنهنجن اتحادين کي ماتمي حالت ۾ ڇڏي کين ڏس ٿو ڏئي ته وڃي عدالت جو در کڙڪايو. پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جي ملڪ جون عدالتون ڪيتري قدر خودمختيار آهن. چوڌري پرويز الاهيءَ جي سوڀ پڻ انھن ئي ڳجھن ھٿن ڪرائي آهي جن پھرين ته سندس حمايت ڪندڙ ستن ميمبرن کي ھيڏانھن ھوڏانھن وري ڇڏيو هو پر جڏهن طئي ٿيو ته پنجاب جون واڳون چوڌري پرويز الاهي بدران شريف ڀائرن ۽ زرداري حوالي ڪرڻ سان آئيندي واري سندن پلاننگ لاڀ نه ڏيندي ته ڪلاڪن اندر گم ٿي ويل ستن ئي ميمبرن کي آڌيءَ رات مھل پنجاب اسيمبلي پھچائي ڇڏيائون. ھاڻي جڏهن خيبرپختون خواهه جا صوبائي ميمبر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف جا رھيل 120 ميمبر به استعيفيٰ ڏيئي سيٽون خالي ڪندا ته انھن سڀني سيٽن تي يعني ستر سيڪڙو خالي ٿيندڙ ايوانن لاءِ ڪجهھ مھينن واسطي عام چونڊون ڪرائڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ جيسين انھن چونڊن جي تياري ٿئي ۽ نتيجا سامهون اچن تيسين جنرل اليڪشن سر تي اچي ويندي. ڇا بدحاليءَ ۾ گھيريل پاڪستان ايتري گهڻي خرچ جو بار کڻي سگهي ٿو يا ماڳھين ملڪ ۽ عوام جو ڏيوالو نڪري ويندو؟ اھا پريشاني واڳ ڌڻين کي به سوچڻ تي مجبور ڪري پيئي ۽ منهنجو ذاتي خيال آهي ته شاهه لطيف سائينءَ جو هيءَ بيت پاڪستان جي اصل حاڪمن تي ٺھڪندڙ آهي ته:
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾،
ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون،
متان تنھنجو ئي توکي لڳي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button