ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو امتحان

Editorial-Article- Ajaz Mangi

فواد چوڌري تحريڪ انصاف جو وڏ واتو ۽ تمام اھم اڳواڻ آھي. ھن جي گرفتاري عمران خان جي لاءِ چتاءَ کان وڌيڪ چٺي آھي. عمران خان پنھنجي اھم ھمراهھ جي گرفتاريءَ تي ڪھڙو ردعمل ڏيکاريندو؟ ھو سياسي سرڪشي اختيار ڪندو يا پاورفل حلقن جي پيرن تي ڪرندو؟ ان سوال تي ھن مھل پاڪستان جا سمورا سياسي پنڊت سنجيدگيءَ سان سوچي رھيا آھن. شھباز گل جي گرفتاريءَ تي تحريڪ انصاف دلگير نھ ٿي. اعظم سواتيءَ سان جيڪو سلوڪ ٿيو، ان تي پي ٽي آءِ وڌيڪ ڪاوڙ ڀريو موقف اختيار ڪيو. ھاڻي تحريڪ انصاف جو تمام اھم اڳواڻ گرفتار ٿي ويو آھي. ھن وقت تحريڪ انصاف جو لائحھ عمل ڪھڙو ھوندو؟ اھو سوال صرف سياسي حلقن جي لاءِ نھ پر پاڻ پي ٽي آءِ لاءِ بھ بيحد اھم آھي. ڇو تھ پي ٽي آءِ ھن وقت پنھنجي سياسي زندگيءَ جي بيحد اھم موڙ تان گذري رھي آھي. ھن کي روايتي ۽ غيرروايتي رستن مان ڪا ھڪ واٽ اختيار ڪرڻي پوندي. ھن کي پھريون ۽ آخري ڀيرو يا تھ پنھنجي مڳي سدائين لاءِ ڇڏڻي پوندي يا ھن کي وڌيڪ ڇنڇري سھڻ لاءِ پنھنجي تن بدن کي سنجيدگيءَ سان تيار ڪرڻو پوندو.
پاڪستان جا سياسي مبصر ان امڪان کي وڌندو ڏسي رھيا آھن تھ ھاڻي عمران خان جي گرفتاريءَ جا گس ظاھر ٿي رھيا آھن. جيتوڻيڪ عمران خان چئي رھيو آھي تھ ھن موت کي تمام ويجھو ڏٺو آھي ۽ ھن جو اھو عزم بھ آھي تھ ھو گرفتاريءَ کان نھ ٿو ڊڄي پر چوڻ ۽ ھجڻ ۾ تمام وڏو فرق ھوندو آھي. عمران خان کي پنھنجي گرفتاريءَ جو خدشو ئي ناھي پر خوف بھ آھي. ڇو تھ جڏھن انسان پراين ھٿن ۾ پھچي ٿو تھ پوءِ ھن کي ڪو بھ سلوڪ سھڻو پوي ٿو. عمران خان کي خبر آھي تھ مسلم ليگ ن جي قيادت جو مائينڊسيٽ انتھائي انتقامي قسم جو آھي. مسلم ليگ ن جو اصل مالڪ سمجھي ٿو تھ جيڪڏھن عمران خان جي حڪومت ۾ ھو گرفتار ٿيو آھي ۽ ھن جي ڌيءَ گرفتار ٿي آھي تھ پوءِ ھاڻي جڏھن ھن جي پارٽيءَ جي حڪومت آھي تھ عمران خان آزاد ڇو ھجي؟
عمران خان جي مٿان سختيءَ ڪرڻ جي سوچ جو اظھار ميان نواز شريف بھ ڪندو رھيو آھي ۽ اھڙي منشا مريم نواز جي ظاھر ٿيندي رھي آھي. پر عمران خان جي عوامي مقبوليت سدائين سگھارن حلقن جي لاءِ احتياط جو سبب ٿيندي رھي آھي. اسٽيبلشمينٽ کي بھ ھڪ قسم جو خدشو رھيو آھي تھ ڪٿي عمران خان جي گرفتاريءَ تي عوام جو ردعمل ڪجھھ گھڻو ئي نھ ٿي وڃي. جيڪڏھن ائين ٿيو ۽ عمران خان عوامي دٻاءَ جي نتيجي ۾ فوري طور تي آزاد ٿي ويو تھ پوءِ اھو عمل عمران خان کي سياسي طور تي نھ صرف سگھھ ڏيندو پر ھن کي جارحيت جي طرف بھ وٺي ويندو. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي سلسلي ۾ ”ترسو ۽ ڏسو“ جي واٽ وٺي ھلندي رھي آھي. پر عمران خان جھڙي ريت پنھنجو سياسي دٻاءُ رکندو آيو آھي ۽ ھو ھن مھل بھ ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي سختيءَ سان بيان ڪري رھيو آھي تھ ان قسم جو بيانيو ھن کي وڌيڪ آزمائش ۾ وجھي سگھي ٿو.
عمران خان جي پاران پنجاب ۽ خيبر پختون خوا جون اسيمبليون ختم ڪرڻ وارو عمل صاف لفظن ۾ ٻڌائي رھيو آھي تھ ھن جو انھن اختيارين سان سڌو سنئون رابطو ناھي، جن کي ھو ڪڏھن ڪھڙي ۽ ڪڏھن ڪھڙي نالي سان سڏيندو رھيو آھي. عمران خان پاڻ بھ اھو چئي رھيو آھي تھ ھن جو ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي نئين قيادت سان ڪو رابطو ناھي پر ان سان گڏ ھو اھا تنقيد بھ ڪندو رھي ٿو تھ ھن مھل تائين سگھارن حلقن ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جون پاليسيون ھلي رھيون آھن. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ان قسم جو کليو اظھار برداشت ڪرڻ منڍ کان وٺي مشڪل رھيو آھي ۽ ھن وقت جڏھن ملڪ جون معاشي حالتون تشويش جي تمام نازڪ موڙ تان گذري رھيون آھن تھ ان مھل اھڙي قسم جو اظھار اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ آزمائڻ جو سبب بڻجي رھيو آھي. عمران خان کي ھن جي پارٽيءَ اھم ۽ سينئر اڳواڻ گھڻي وقت کان وٺي اھا ڳالھھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا آھن تھ ھن کي پنھنجي اظھار جي سلسلي ۾ احتياط ڪرڻ گھرجي. جڏھن تھ عمران خان جو خيال آھي تھ ھن جيڪو ڪجھھ بھ حاصل ڪيو آھي، اھو پنھنجي بي باڪيءَ ۽ رسڪ کڻڻ واري روش سبب حاصل ڪيو آھي. ان ڪري ھو ٻين جي صلاحن تي گھڻو گھٽ ھلندو آھي. عمران خان کي ويجھو کان سڃاڻڻ وارن جو خيال آھي تھ عمران خان کي غيرسياسي پس منظر ھجڻ جي باوجود جيتري سياسي ڪاميابي ملي آھي، ان سبب ھن جو اعتماد حد کان وڌي ويو آھي. ھو پنھنجي سوچ آڏو ٻيو ڪنھن جي بھ خيال کي خاص تھ ڇا پر عام اھميت ڏيڻ لاءِ بھ آماده نظر نھ ايندو آھي. ان ڪري ھن کي پاڻ وڻندي ڪرڻ جي تمام گھڻي عادت آھي. اھا عادت ھن وقت نھ صرف ھن جي لاءِ پر ھن جي پارٽيءَ لاءِ بھ تمام گھڻي تڪليف جو ڪارڻ بڻجي وئي آھي. عمران خان جا ويجھا ساٿي سمجھن ٿا تھ انھن جي پارٽي جنھن سطح تي پھچي وئي آھي، ھاڻي ھن کي انتھائي احتياط جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. پر عمران خان پنھنجي سياسي سگھھ سان پنھنجي مرضيءَ کي انھن حلقن مٿان مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، جيڪي حلقا سدائين ڪنھن جي سياسي طاقت کي ھڪ خاص حد کان وڌيڪ وڌندو برداشت نھ ڪندا آھن.
عمران خان جي سياست ھن وقت پي ڊي ايم جي حڪومت سان نھ پر ان سرڪار سان زورآزمائي ڪري رھي آھي، جنھن جي ذڪر کان سواءِ عمران خان جي ھر تقرير ۽ ھن جو ھر انٽرويو اڌورو ھوندو آھي. ھن جي اھڙي بي پرواھه اظھار واري عادت سبب ھن جي پارٽي ۾ بھ اھا روش شامل ٿي وئي آھي تھ ھو بھ سوشل ميڊيا تي ان قسم جي تنقيد ڪندا رھن ٿا، جنھن سبب ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي مشڪل محسوس ٿي رھي آھي. اسٽيبلشمينٽ ھن سان ان ڪري بھ ٿي ٺھي جو ھو اقتدار کان سوا ٻي ڪا ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي.
سياست ۾ انتظار تمام اھم ھوندو آھي. عمران خان ۾ سياسي حوالي سان تمام گھڻيون خوبيون ٿي سگھن ٿيون پر ھن جي اھا ھڪ خامي ھن جي سمورين خوبين کي ختم ڪرڻ جو باعث بڻجي ٿي تھ ھن ۾ انتظار ڪرڻ جي عادت ناھي. عمران خان پنھنجي مجموعي انداز ۾ ھڪ اھڙو سياسي طور تي سڪيلڌو ٻار بڻجي ويو آھي، جيڪو پنھنجي ھر ضد کي تريءَ تي پورو ڪرائڻ چاھي ٿو.
عمران خان سمجھي ٿو تھ پاڪستان ۾ جيڪڏھن ڪنھن جو اقتدار تي سڀ کان وڌيڪ حق آھي تھ اھڙي شخصيت صرف ۽ صرف ھن جي آھي. ھو پاڪستان جي ڪنھن بھ سياسي پارٽي جي ڪنھن بھ اڳواڻ کي اھا حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪا ھن جي نظر ۾ ھن جي پنھنجي آھي. عمران خان پنھنجو سياسي پرستار بڻجي چڪو آھي. ھن ۾ خودپسندي ان حد تائين وڌي وئي آھي جو ھو ڪنھن بھ قيمت تي پاڻ کي انتظار واري قطار ۾ بيٺل ڏسڻ برداشت نھ ٿو ڪري. جڏھن تھ ھن کي بار بار اھا ھدايت ملندي رھي آھي تھ ھن کي ڪجھھ وقت صبر جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي ۽ ھن کي جيترو اقتدار حاصل آھي، کيس ان تي گذارو ڪرڻ گھرجي پر عمران خان اھڙي ڪنھن بھ ھدايت کي مڃي تھ ھو عمران خان ئي ناھي. عمران خان جي دماغ ۾ اھا ڳالھھ گھر ڪري وئي آھي تھ ھو اقتدار جو حقدار آھي ۽ جيڪي قوتون ھن کي اقتدار تان ھٽائڻ ۾ ملوث آھن ۽ جنھن جنھن ھن کي اقتدار تان پري ڪيو، اھو غلط ھو. عمران خان جي اھڙي سياسي اسٽائيل پاڪستان جي مخصوص رياستي ڍانچي لاءِ تڪليف جو باعث بڻجي رھي آھي پر ھن کي اقتدار کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي ۽ ھو اھو بھ چاھي ٿو تھ ھن جا سياسي مخالف سخت سزا ماڻين. ھو پي ڊي ايم ۽ پي ڊي ايم ۾ خاص طور تي شريف خاندان کي احتساب جي انتھائي تڪليف واري ڪٽھڙي ۾ ڏسڻ جو خواھشمند آھي. ھن جي اھڙي خواھش پاڪستان جي سياسي ماحول جي سلسلي ۾ متوازن نھ ٿي سمجھي وڃي.
عمران خان جي خاص ساٿيءَ جي گرفتاري ھڪ طرح جي سياسي آزمائش ۽ عوامي سطح تي ھڪ تجربو بھ آھي. ڇو تھ فواد چوڌريءَ جي گرفتاريءَ کان اڳ ۾ شھباز گل جي گرفتاري ھجي يا اعظم سواتيءَ جي مٿان آيل آزمائش ھجي، اھي ٻيئي فرد ان سطح جا نھ ھئا، جيڪا حيثيت فواد چوڌريءَ کي حاصل آھي. فواد چوڌريءَ پنھنجي گرفتاريءَ تي عوام کي احتجاج ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي پر عوام جو احتجاج گذريل ڏينھن تر جيترو بھ نظر نھ آيو. جڏھن تھ اھو عوامي ردعمل خود عمران خان لاءِ بھ ان خدشي جو باعث بڻجي رھيو آھي تھ جيڪڏھن سڀاڻي عمران خان کي نااھل ڪيو ويو يا ھو ڪنھن ڪيس ۾ گرفتار ٿيو تھ عوام جو ردعمل ڪھڙو ھوندو؟ ڇا عوام ھن جي آزاديءَ لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ويندو؟ عمران خان ھن مھل تائين عوام کي ان حد تائين آزمائڻ جي ڪوشش نھ ڪئي آھي پر تحريڪ انصاف جي حوالي سان جيڪي حالتون پيدا ٿي رھيون آھن، اھي نھ چاھيندي بھ عمران خان ۽ عوام جي وچ واري ان آزمائش کي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪنديون نظر اچن ٿيون. عمران خان کي ھاڻي پاڻ بھ اھو خوف ٿيڻ لڳو آھي تھ فواد چوڌريءَ کان پوءِ ممڪن آھي تھ حڪومت ھن جي گرفتاريءَ لاءِ حرڪت ۾ اچي. ان ڪري اھڙي امڪان کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ عمران خان وٽ ٻھ واٽون آھن. ھڪ تھ ھو سياسي طور تي سرنڊر ڪري ۽ ھر ھدايت کي حڪم جو بندو ٿي تسليم ڪري يا ٻيو تھ ھو احتجاج جو رستو اختيار ڪري.
فواد چوڌريءَ جي گرفتاري عمران خان جي لاءِ سياسي امتحان بڻجي وئي آھي. ھو ان امتحان ۾ ڪھڙي طرح پاس ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو؟ اھو سوال تحريڪ انصاف جي سياسي زندگيءَ جو سڀ کان اھم سوال آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button