رانديون

رونالڊو کي 7 لک 80 هزار ڊالر جي گهڙي تحفي ۾ ملي

سعودي فٽبال ڪلب النصر جي رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو کي سعودي عرب ۾ رهائش دوران واچن جي هڪ مشهور ڪمپني پاران تحفي ۾ 7 لک 80 هزار ڊالر جي گهڙي ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق پرتگال جي فٽبالر رونالڊو کي مليل اها گهڙي قيمتي پٿر جي تيار ڪرائي وئي آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. هوڏانهن ڪرسٽيانو رونالڊو جي دوست جارجينا پڻ واپس پنهنجي ٽي وي سرگرمين اچي رهي آهي، امڪان آهي تھ اها مارچ ۾ آئي ايم جارجينا سيزن 2 جي ميزباني ڪندي مارچ ۾ اسڪرين تي نظر ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button