هيل تائين عمران خان حڪومت کي عام چونڊن لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ جيترا به قدم کنيا آهن، سياسي پنڊت انهن کي سياسي آپگهات سان ڀيٽي رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته عمران خان، پنهنجن ئي قدمن جي نتيجي ۾ عتاب هيٺ اچي رهيو آهي، ممڪن آهي ته هو، جيڪا حڪومت خلاف زور آزمائي ڪري رهيو آهي، اها سندس ئي ڳچي ۾ پئجي وڃي. هي خبرون به هلن پيون ته عمران خان جا سمورا قدم سياسي ميچوئرٽي جو ڏس نٿا ڏين، انڪري هو گهٽ ۾ گهٽ گرفتارين ۽ وڌ کان وڌ نااهلي جي صورت ۾ قيمت ادا ڪري سگهي ٿو، هو سياسي طور تي اهڙي پوزيشن اختيار ڪندو، جنهن دوران، جيڪي مائنس عمران خان ڏسڻ گهرن ٿا، اهي خوش ٿيندا. عمران خان جو سمورو سياسي ڪيريئر داءَ تي لڳل آهي. هينئر عمران خان، صرف صدر عارف علوي جي ذريعي، ڪجهه شاٽس کيڏڻ جي پوزيشن ۾ آهي، پر جيئن حڪومت ۽ ان پٺيان ويٺل اسٽيبلشمينٽ، عمران خان جي سمورن اڳڀرائين کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿي ڇڏي،انڪري عمران خان لاءِ آسانيون پيدا ٿين، هي ممڪن نظر نه پيو اچي، پر مشڪلاتن جا وڏا جبل ڪري سگهن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ پنهنجو ئي وزن کڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي.
عمران خان جي مشڪلاتن جو حل هي ناهي ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪجن، انهن کي ڊيڄارڻ لاءِ اهڙا قدم کڻجن، جهڙا عمران خان پنهنجن چئن سالن دوران کڻندو رهيو. هو هينئر سمورا الزام ان دور جي اهم شخصيت تي ته هڻي رهيو آهي، پر سندس ڳالهين تي ڪوبه يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان چئن سالن دوران اقتدار جا جيڪي مزا ماڻيا، انهن جو بنياد به سياسي ڏاڍ ۽ ڏمر هو، هن پنهنجن مخالفن کي ڪا رعايت ته نه ڏني، پر جيڪي ڪيس قائم ڪيا ۽ جن الزامن هيٺ جيل ياترائون ڪرايون، اهي سڀ بيڪ فائر ثابت ٿيون. هن مخالفن لاءِ جيڪا ٻولي ڳالهائي، ان سان جمهوري ۽ سياسي ڪلچر گدلو ٿي ويو ۽ هيل تائين ان ۾ ڪابه بهتري نظر نه اچي رهي آهي.
ملڪ جو صدر، عارف علوي، جنهن کي عمران خان لاهور زمان پارڪ گهرايو هو، هن جي اچڻ کان اڳ ئي هي افواهه اڏايا ويا ته هن کان استعيفا ورتي ويندي يا هو پاڻ استعيفا ڏئي گهر ڀيڙو ٿي ويندو. ان جو سبب هي ٻڌايو ويو ته هيل تائين عمران خان، صدر عارف علوي کي جن به اسائينمنٽ تي لڳايو، اهي نه صرف هن پوريون نه ڪيون، پر هو حڪومتي ڌر کي ڪنهن به مشڪلات ۾ وجهي نه سگهيو آهي، جنهن سان عمران خان کي سياسي فائدو ٿئي. هينئر عمران خان، وزير اعظم شهباز شريف جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ صدر تي زور ڀريو ته جيئن پنجاب جي گورنر، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو، ساڳي انداز سان صدر، وزير اعظم کي چئي ته هو اعتماد جو ووٽ وٺي، پر صدر اڃان سوچ ويچار ۾ رڌل هو ته حڪومتي ڌر، انتهائي خطرناڪ فائر ڪيو ۽ اهڙو زوردار حملو ڪيو، جو عمران خان جا حوصلا ئي خطا ٿي ويا. سڀني ڏٺو ته ڪيترن ئي مهينن کان عمران خان جي پارٽي جي ايم اين ايز استعيفائون جمع ڪرايون، پر اهي منظور نه ٿي رهيون هيون،هاڻ اهي ٽن قسطن ۾، نه صرف منظور ٿي ويون، پر اليڪشن ڪميشن سيٽن خالي ٿيڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ته ڪجهه سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊيول به جاري ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبائي اسيمبليون ٽٽي ويون ۽ هاڻ نگران ڪابينائون به ميدان ۾ اچي ويون آهن.
عمران خان، صدر عارف علوي کي زمان پارڪ ته گهرايو، پر صدر پنهنجون سموريون ناراضگيون ظاهر ڪيون، صدر، عمران خان کي ياد ڏياريو ته هو سندس مشورو مڃي ها ۽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون اسيمبليون نه ٽوڙي ها ته، هن جي بارگيننگ پوزيشن بهتر هجي ها. جيڪڏهن پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي ها ته فواد چوڌري سميت مختلف اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع نه ٿئي ها. هاڻ صورتحال ڪيستائين ڇيهه ڪندي، ان جي ڪوبه ضمانت ڏئي نٿو سگهي. ڪو اڳڪٿي به ڪري نٿو سگهي ته عمران خان جو سياسي مستقبل ختم ٿي ويو يا ان جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويندا. هي حقيقت آهي ته ڪيتريون ئي اهڙيون ڌريون آهن، جيڪي نٿيون چاهين ته عمران خان سياسي ميدان ۾ موجود رهي. انڪري اهي، کيس نااهل ڪرائڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائي رهيون آهن. رڳو اهي قوتون عمران خان کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ سندرا ٻڌي نه بيٺيون آهن، پر عمران خان پاڻ به اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، جيڪي هن جي سياسي مستقبل لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن.
عمران خان، سان ملاقات دوران، چيو ٿو وڃي ته صدر عارف علوي، پنهنجو عهدو ڇڏڻ جي آڇ ڪئي، پر عمران خان، واضح ڪيو ته هو هن اوکي ويل کيس، ڪوفي جي ميدان ۾ اڪيلو نه ڇڏي. عمران خان اعلان ڪيو ته هن کي گرفتار ڪرڻ واري ڪابه قوت ناهي، پر هو پنهنجي اندر ۾ گرفتاري جي ڊپ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيئن فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي گرفتار ڪيو ويو، ساڳي انداز سان ڪنهن به عدالت يا اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن حڪم جي روشني ۾ عمران خان ٻه ٽنگيو ڦاسي سگهي ٿو. هن وٽ، اهڙي ڪنهن به قدم کي منهن ڏيڻ لاءِ سگهه ناهي. هينئر صدر، چئي ٿو ته عمران خان کي مائنس ڪري نٿو سگهجي، جيڪڏهن هن کي گرفتار ڪيو ويو ته سموري ملڪ ۾ باهه لڳي ويندي. صدر جو هي چوڻ ته عمران خان ته ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر هينئر تائين حڪومت اڳيان، هن جيڪي آڇون رکيون، انهن جو ڪوبه مثبت جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ٻين لفظن ۾ حڪومت، عمران خان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، ان سان گڏ حڪومت نه صرف عام چونڊن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، پر اها ان ڪوشش ۾ آهي ته جيڪڏهن، حڪومت جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي ته ان ۾ ڪابه خرابي نه هوندي، ائين ڪرڻ سان عمران خان ان پوزيشن ۾ ناهي ته اهو واڳ ڌڻين تي دٻاءُ وجهي، انهن کي چونڊون ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته عمران خان ڪيتري ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، هن هينئر تائين ڪمزور وڪيٽ تي کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، انڪري هاڻ هو ان جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي کي انڪري شايد موٽ نه ملي رهي آهي ته عمران خان سان ڳالهيون انهن جي اوليتن ۾ شامل ناهن،هو ٻين ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن مان پار پوڻ، سندن پهرين اوليت آهي، ۽ واڳ ڌڻي به اهو ئي چاهين ٿا.
جيڪڏهن عمران خان ڪمزور ٿي ويو آهي ته ان جو هي مطلب ناهي ته حڪمران، آساني سان حڪومت ڪري رهيا آهن. انهن اڳيان تمام گهڻا اشوز آهن، جن کي حل ڪرڻ کانسواءِ جيڪڏهن هو عام چونڊن جو اعلان ڪن ٿا ته عوام کين گلن جا هار نه پارائيندو. ملڪ اندر معاشي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، هڪ طرف مهانگائي آسمان سان ڳالهائي رهي آهي ته ٻئي پاسي عالمي مالياتي فنڊ جي شرطن جي نتيجي ۾ حڪمران شديد دٻاءُ هيٺ آهن. هاڻ آءِ ايم ايف جي عملدارن پاڪستان جي دوري جي هام ان وقت هنئين آهي، جڏهن مٽا سٽا جي ناڻي جي ناڻي تان حڪومتي ڪنٽرول ختم ڪيو ويو آهي، ان سان رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ممڪن هجي ته ڊالر کي منڊي جيان کيڙي ۾ ڇڏيو ويو هجي، پر ان جا عوام جي زندگي تي خطرناڪ اثر پوندا. ان سان گڏ عالمي مالياتي فنڊ سان شرط طئي ٿي وڃڻ کانپوءِ مهانگائي جي سونامي، عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي. گذريل ڇهن مهينن دوران مهانگائي جي رفتار 25 سيڪڙي تائين هئي، جيڪا جلد 35 کان 70 سيڪڙي تائين پهچي ويندي. ان جي نتيجي ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ايترو اضافو ايندو، جو عام ماڻهو کي ڏينهن جا تارا نظر اچڻ شروع ٿي ويندا! هينئر توڙي جو خراب معاشي حالتون آهن، پر ان جي باوجود موجوده حڪومت 22 سو لگزري مهانگيون ڪارون خريد ڪيون آهن. ان سان گڏ غريبن جي ته ابتي کل لاٿي وئي آهي، پر اميرن يا رعايت يافتا طبقي لاءِ عياشين جو سامان جيئن جو تيئن موجود آهي. جيڪڏهن گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي جا هي انگ اکر درست آهن ته حڪمران اميرن کي چار کان پنج هزار ارب رپين جون رعايتون ۽ فوجي فائونڊيشن کان وٺي ڪيترن ئي ادارن کي سبسڊيز به ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته حڪمرانن ۽ انهن جي جوڙيوالن جي عياشين ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي، پر ڪمزور ماڻهن جي وات مان ماني ڳڀو کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هي صورتحال گهڻو عرصو هلي نه سگهندي ۽ اهو وقت پر ناهي، جو عوام روڊن ۽ رستن تي هوندو. جيڪي سمجهن ٿا ته عام ماڻهو مهانگائي سبب مري چڪو آهي يا سڪرات ۾ آهي، اهي ڀليل آهن. عوام جي ڪاوڙ به ڀلي دير سان سامهون اچي، پر اها سڀ ڪجهه ڀسم ڪري سگهي ٿي. عوام هي نه ڏسندو ته مهانگائي جا ذميوار موجوده حڪمران آهن، پر هو عمران خان جي انهن اميرن کي به نه ڇڏيندا، جن جي “دن دگني ۽ رات چگني” ٿي آهي. حڪمران پوءِ لڪل هجن يا ظاهر، اهي عوام کي آزمائش ۾ نه وجهن ۽ حڪمرانن کي عوامي انقلابن مان سبق سکڻ گهرجي.