پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر بي لغام،حڪومت روڪڻ ۾ ناڪام، 271 رپين جو ٿي ويو، سون به ويتر مهانگو

پاڪستاني رپئي جي تاريخي بي قدري جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، آمريڪي ڊالر 271 رپين جو ٿي ويو. رپورٽ موجب گذريل هڪ هفتي اندر پاڪستان ۾ ڊالر 32 رپين کان به وڏو جمپ هنيو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 32 ڏهائي 93 پئسا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 35 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيو آهي. هلندڙ هفتي حڪومت ڊالر جي اگهه کي مارڪيٽ جي طلب مطابق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن سبب ڊالر جون قيمتون رڪارڊ سطح تي پهچي ويون آهن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن آمريڪي ڊالر 271 رپين جي سڀ کان بلند سطح تي وڃي پهتو. ٻئي طرف سون جو في تولو اگهه ساڍا 6 هزار رپيا واڌ بعد 2 لک 9 هزار رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ 10 گرام سون 5 هزار 574 رپيا اضافي بعد هڪ لک 79 هزار 184 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button