پاڪستان

فواد چوڌري کي ڪنهن دهشتگرد جيان پيش ڪيو ويو، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فواد چوڌري کي عدالت ۾ هٿڪڙيون لڳائي ۽ مُنهن ڍڪي هڪ دهشتگرد جيان پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته امپورٽڊ حڪومت ۽ رياست ڪيتري حد تائين ڪِري چڪي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ملڪ بنانا ريپبلڪ بڻجي چڪو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اعظم سواتي ۽ شهباز گل سان به ائين ئي ڪيو ويو، ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان هڪ بنانا ري پبلڪ بڻجي چڪا آهيون، ملڪ ۾ هاڻي جهنگ جو قانون هلي ٿو، جنهن وٽ لٺ مينهن به ان جي آهي، وقت جي فرعونن آئين ۽ قانون کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button