اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري خلاف عمران جا بي بنياد الزام غير ذميواراڻا آهن:وزيراعظم

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف بيان تي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته آصف علي زرداري خلاف عمران نيازي جا بي بنياد ۽ خطرناڪ الزام غير ذميواراڻا آهن. سندس بيان سياسي مخالفن خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ سازشي ٿيوري جي نموني موجب آهن. هن چيو ته اهڙي ڪِريل بيان بازي سياسي طور تي لاڳاپيل رهڻ جي ڪوشش آهي. سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته هن اقتدار خاطر معاشري کي ورهائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي نفرت جي سياست جو سهارو ورتو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان الزام هنيو هو ته مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ هاڻ پلان سي جوڙيو ويو آهي، جنهن لاءِ زرداري دهشتگرد تنظيمن کي پئسا ڏنا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button