پاڪستانپنجاب

مهانگائي جو احساس آهي، اسان معيشت کي جلد بحال ڪنداسين:مريم نواز

نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان سياسي مخالفن سان جيڪو ڪيو، فطري طور تي ان جي سزا کيس ملندي، عمران ۽ سندس ساٿين جيئن ڪيو انهن سان به ائين ئي ٿيندو، هاڻي هي سڄي ڄمار ائين ئي روئيندا رهندا، اسان کي مهانگائي جو احساس آهي، ملڪ جي معيشت کي تمام جلد بحال ڪنداسين. لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۽ وطن واپسيءَ تي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ترقي ڪندڙ ملڪ کي عمران خان فل اسٽاپ لڳايو، هاڻي پاڪستان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، 28 جولا پاڪستان جو تمام وڏو سانحو هو جڏهن نواز شريف کي ٽيون ڀيرو حڪومت مان ڪڍيو ويو پر اڄ به هو ملڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جو مورال بلند آهي ۽ هو جلد پاڪستان ايندو، هن وقت منهنجو سڄو ڌيان پنهنجي پارٽي تي آهي، مان نواز ليگ جو تنظيمي ڍانچو مضبوط ڪرڻ چاهيان ٿي، پارٽي ۾ نوجوانن کي آڻڻ چاهيان ٿي، پارٽي جبل جيان مضبوط آهي، ان مان جيڪو به ڪرندو اهو پٿر بڻجي ويندو. هن چيو ته نواز ليگ ۾ ڪا به ڌڙا بندي ناهي، اسحاق ڊار جون ڄنگهون ڇڪڻ بدران کيس مضبوط ڪيو وڃي، هو تمام جلد ملڪ جي معيشت کي بحران مان ڪڍي ويندو، مان نٿي سمجهان ته شاهد خاقان پارٽي اندر ٻيو ڌڙو ٺاهڻ جو سوچيو به هوندو، نوازشريف خلاف سازش ڪندڙ سمورا ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي ويا. هن چيو ته فرعون بڻجي حڪومت ڪندڙ شخص پنهنجيون حڪومتون پاڻ ختم ڪيون، هاڻي هن جو نصيب روڊن رستن تي نڪري روئڻ آهي، مريم چيو ته نون ليگ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، نيون ذميواريون ملڻ کانپوءِ هاڻي هڪ ڏينهن لاءِ به خاموش نه ويهنديس، هن چيو ته 3 ڀيرا ڪڍڻ باوجود اڄ به نواز شريف سڀ کان وڏو ليڊر آهي، توهان جو ۽ منهنجو محبوب قائد جلد واپس ايندو، نواز شريف کي هر هر ڪڍيو ويو پر هن ئي پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍيو، نواز شريف کي مهانگائي جو احساس آهي، اسان جلد معيشت کي بحال ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن سان جيڪو ڪيو، ان جي سزا فطرتي طور ملندي، عمران خان ۽ سندس ساٿين جيئن ڪيو، انهن سان به ائين ئي ٿيندو، انهن جي زندگي هاڻ روئندي گذرندي. سندس چوڻ هو ته اسان نوجوانن کي پارٽي ۾ آڻي ن ليگ کي مضبوط ڪنداسين، نواز شريف ۽ شهباز شريف اهم ذميواريون ڏنيون آهن، مڪمل پلاننگ سان آئي آهيان، پاڪستان ۽ نواز شريف گڏ هيٺ ٿيا آهن، اڳ کان وڌيڪ طاقت سان واپس ايندا. مريم نواز چيو ته قوم جي تقدير تبديل ڪرڻ تائين آرام سان نه ويهنداسين، اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون، ن ليگ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button