اسلام آبادپاڪستانسنڌ

عمران جي بيان بعد حملو ٿيو ته حساب ورتو ويندو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد:پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڪوڙا الزام مڙهيا، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن حملو ٿيو ته ان جو حساب ورتو ويندو. بلاول ڀٽو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو آهي ته عمران خان جي بيانن سندس والد ۽ ڪٽنب لاءِ خطرو وڌايو ۽ مُلڪي تاريخ کي نظر ۾ رکندي اسان ان کي سنجيدگي سان وٺون ٿا. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن مون کي ۽ منهنجي جماعت کي سڌو سنئون ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن کانپوءِ هاڻي عمران خان منهنجي پيءَ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڪوڙا الزام مڙهيا آهن.پ پ چيئرمين چيو ته اسان عمران خان جي ساک کي ڇيهو رسائڻ ۽ خطرناڪ الزامن خلاف قانوني جواب تي غور ڪري رهيا آهيون. ماضي ۾ به هُن منهنجي پيءَ جي زندگي لاءِ خطرا وڌيا هئا، هو ۽ سندس ساٿي ماضيءَ ۾ دهشتگرد جا همدرد ۽ سهولتڪار رهي چڪا آهن. هن چيو ته عمران خان اقتدار ۾ هوندي هن دهشتگردن کي آزاد ڪيو ۽ جهموريت پسندن کي گرفتار ڪيو. هن پختونخوا کي دهشتگرد تنظيم جي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس جماعت دهشتگرد ڌڙن کي اڄ به پئسا ڏيندي آهي. جيڪڏهن مون تي، منهنجي والد تي يا منهنجي پارٽي تي ڪو حملو ٿيو ته انهن سمورين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اِهو الزام لڳايو آهي ته منهنجي خاندان جا هڪ دهشتگرد تنظيم سان رابطا آهن ۽ اسان کيس نقصان پهچائڻ لاءِ پئسا ڏنا آهن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته انهن الزامن ۾ ڪو منطق ناهي ۽ اهڙن بيانن اسان لاءِ وڌيڪ خطرو وڌائي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button