پاڪستانخيبرپختونخوا

مهانگائي جي حساب سان پگهارن ۾ 25 کان 35 هزار رپيا واڌ ڪرڻي پوندي:مفتاح اسماعيل

نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڊالر جي مٿانهين اڏام سان مهانگائي ۾ وڏو اضافو ٿيندو، تنهن ڪري بنيادي پگهار 25 هزار کان 35 هزار رپين تائين وڌائڻي پوندي. پشاور ۾ سيمينار کي آن لائن خطاب ڪندي نواز ليگ اڳواڻ چيو ته پاڪستان جهڙي اسلامي رياست ۾ 86 سيڪڙو ٻارڙن کي خوراڪ نٿي ملي، جن ماڻهن وٽ وسيلا نه آهن، اهي پوئتي رهجي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي اهڙو بڻائڻو پوندو جهڙو خواب ڏٺو ويو هو، ملڪ جي معيشت ڏکيائين ۾ آهي، اسان وڏي محنت سان پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان واپس کڻي آيا هئاسين پر هاڻي ملڪ وري ان پاسي وڃي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button