ادب ۾ اڄ بھ اھا طاقت آھي تھ جو ان ۾ لکيل لفظ انسان کي نھ صرف متوجھھ ڪن ٿا پر اھي کيس انھن خيالن ۾ کڻي وڃن ٿا، جن خيالن ۾ ھن جي محبتن جو سلسلو موجود ھجي ٿو. ان حقيقت جو احساس تھ مون کي اڳ بھ ھو پر تازو عبدالڪريم پليءَ جو لکيل ھڪ پراڻو گيت ٻڌي رھيو ھوس تھ منھنجي دل ۾ ھڪ قسم جو سٺو احساس جاڳيو ۽ مون محسوس ڪيو تھ ادب اسان کي ڪنھن بھ وقت پنھنجي آغوش ۾ وٺي اسان جي عمر جو سمورو ٿڪ بھ لاھي سگھي ٿو ۽ اسان جي ذھن تي پوندڙ پنھنجي معاشي، معاشرتي ۽ خاص طور تي سياسي صورتحال جا تمام منفي اثر بھ مٽائي سگھي ٿو. ان ڪري اسان کي پنھنجي مصروفيتن ۾ ادب جي لاءِ خاص وقت ڪڍڻ گھرجي ۽ ادب ۾ موجود زندگيءَ جي معنيٰ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
ادب جي سلسلي ۾ منھنجو استاد ۽ منھنجو دوست نور احمد چوندو ھو تھ ادب جو اھو ڪردار بھ ڪافي آھي تھ اھو انسان جي دل وندرائي ٿو ۽ ھن کي پنھنجي ماحول کان ڪجھھ ڪٽي ھڪ خاص قسم جي مسرت فراھم ڪري ٿو. پر اھو ان ادب جي لاءِ آھي، جنھن ۾ ڪا خاص گھرائي يا جنھن ۾ ڏاھپ ۽ داناھيءَ واري ڪا خاص خوبي نھ ھوندي آھي. جنھن ادب ۾ سوچ بھ آھي ۽ فڪر بھ آھي. جيڪو ادب انسان جي اندر ۾ گھرائيءَ سان جھاتي پائي ٿو، اھو ادب ماڻھوءَ کي صرف مسرت ۽ خوشيون عطا نھ ٿو ڪري پر ادب سبب ماڻھوءَ جي عقل ۽ سمجھھ ۾ تمام گھڻو اضافو اچي ٿو. پر ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت بھ آھي. ڇو تھ جڏھن اسان اھا دعويٰ ڪنداسين تھ ادب انسان ۾ عقل ۽ ڏاھپ پيدا ڪري ٿو تھ اسان کي فوري طور تي پنھنجي آس پاس جا اديب ياد اچي وڃن ٿا، جن کي ڏسي نھ صرف ٻيا ماڻھو پر ھن جا پنھنجا گھر وارا اھو چوڻ ۾ حق بجانب ھوندا تھ ادب انسانن کي بھتر بڻائڻ بدران انھن کي تباهھ ۽ برباد ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ڇو تھ اسان جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ جيڪي پروفيسر ۽ ادبي ٻوليءَ جي ادارن تي وائڙي صورت وارا اديب ويٺا آھن، انھن کي ڏسي تھ ڪو بھ نھ چوندو تھ ادب ماڻھوءَ کي بھتر بڻائي ٿو. انھن جي شڪل ڏسي ماڻھو سمجھي وڃي ٿو تھ ادب جو انسانن کي بگاڙڻ ۽ انھن جو اڳيون پويون نور بھ چٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو.
اسان جي ھڪ بدقسمتي اھا بھ آھي تھ اسان پنھنجي آس پاس ڦرندڙ گھرندڙ چرين ۽ اڌ مغزين کي اديب ۽ شاعر جو درجو ڏئي ڇڏيو آھي. ان ڪري اسان کي انھن جي صورت ۾ اھو ادب ملي ٿو، جنھن ادب جو ڪم ماڻھو سڌارڻ نھ پر ماڻھو کارڻ ۽ انھن ماڻھن ۾ ماڻھپو مارڻ ھوندو آھي. اسان کي جيڪڏھن ادب جو اصل ڪردار ڏسڻو آھي تھ اسان کي انھن اديبن جي اندر ڏسڻو پوندو، جن اديبن جي تحرير سبب قومن جي تقدير اجاگر ٿي وئي آھي. جڏھن آئون پنھنجي پياري ڀاءَ ۽ سنڌ جي مشھور شاعر جو اھو شعر پڙھيو تھ ”تنھنجو پيار پراٺن جھڙو آھي“ تڏھن مون کي ان شاعر جي شاعريءَ ۾ پيار پر اھو ڪڌو پيٽ نظر اچڻ لڳو، جنھن جو ادب سان ڪو بھ واسطو نھ ھجڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن واسطو آھي تھ بھ تھ اھو واسطو ڪٽڻ گھرجي. ڇو تھ ھڪ اديب پنھنجي انداز ۾ نھايت نفيس ھوندو آھي، ھو جڏھن پنھنجي محبوب کي گيھھ سان مکيل ماني يعني ”پراٺي“ سان ڀيٽي ٿو تھ ھن جي جماليات جو اھو انداز انسان ۾ تمام گھڻي تلخي پيدا ڪري ٿو. جيڪڏھن محبوب جو پيار ”پراٺو“ آھي تھ ھن جو قريب اچڻ ڇا ھوندو؟ ھونءَ بھ حيدرآبادي اديبن کي سڀ کان وڌيڪ ڪڙھائي وڻندي آھي. ان ڪري چوڻ گھرجي تھ پنھنجو پيار ”پراٺي“ جھڙو آھي ۽ تنھنجي قربت ”ڪڙھائي“ جھڙي آھي ۽ اھا ڪڙھائي بھ ھالا ناڪي واري! اھڙي حال ۾ محبوب جو ڀاڪر ڇا ھوندو؟ جيڪڏھن اسان اسحاق سميجي صاحب جي ان ادبي انداز سان ڏسنداسين تھ اسان کي محبوب جو ڀاڪر ”بسري“ لڳندو يا ڪنھن کي جيڪڏھن واڱڻ وڻي ٿو تھ ھو اھو بھ چوڻ جو حق رکي ٿو تھ پنھنجو ڀاڪر ائين آھي، جيئن واڱڻن جو مصالحيدار ڀرتو!
اھو پيار تھ نھ ٿيو. اھو تھ پيٽ ڀرڻ جو وسيلو ٿيو. ھونءَ بھ اسان وٽ ھاڻي ادب پيٽ ڀرڻ جو وسيلو بڻجي ويو آھي. سچا ۽ ايلي اديب تاريخ ٺاھيندا آھن ۽ نقلي ۽ ٺڳ اديب مال جوڙيندا آھن ۽ غلط سلط ڪتاب لکي پنھنجو قد وڌائيندا آھن ۽ پاڻ کي اھڙو بڻائي پيش ڪندا آھن جنھن کي ڏسي محسوس ٿيندو آھي تھ ھن کي اديب ۽ شاعر نھ پر ڪنھن وڏيري وزير جو منشي ٿيڻ گھرجي. اسان جا اڪثر اديب وزيرن جا منشي بڻيل آھن. مان نالا نھ ٿو کڻان. ڇو تھ اھو اخبار جو معاملو آھي. باقي انھن کان ڊڄڻ جو سوچي بھ ماڻھوءَ کي کل ايندي. ڇو تھ ھو پاڻ ھن ڌرتيءَ جي خوف ۽ دھشت ۾ ورتل ماڻھو آھن. انھن ماڻھن جا نمونا ۽ انھن جا واقعا ياد ڪري انسان کل ۾ ويڙھجي ويندو آھي ۽ سوچيندو آھي تھ ڇا اھي ماڻھو ان قابل بھ ھئا جو انھن کي اديب ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ھا؟
ادب تھ آزاد سوچ ۽ فڪر جو نالو آھي پر دنيا ۾ ھر آزادي ڪا نھ ڪا پابندي گھرندي آھي. اھو ئي سبب آھي تھ اسان مڪمل ۽ غيرمشروط آزاديءَ جو تصور بھ ڪري نھ ٿا سگھون. جڏھن يونان جي ڏاھي فلسفيءَ افلاطون پنھنجو مشھور ڪتاب ”ري پبلڪ“ لکيو ھو تھ ھن پنھنجي تصوراتي رياست ۾ شاعرن جي داخلا تي پابندي عائد ڪرڻ جو خيال پيش ڪيو ھو. مون کي سدائين ان ڳالھھ تي حيرت ايندي آھي تھ آخر افلاطون جھڙي عظيم مفڪر شاعرن جي لاءِ اھو ڇو لکيو آھي تھ انھن کي سندس آئيڊيل رياست ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نھ ھوندي. منھنجو خيال آھي تھ ممڪن آھي تھ جنھن وقت افلاطون پنھنجو اھو ڪتاب لکي رھيو ھو تھ ان وقت ھن جي سامھون بھ يونان جا اھڙا اديب ھئا، جھڙا ھن وقت اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اديب مليا آھن. اھڙا اديب جيڪي ھون تھ پنھنجو فطري مدو پورو ڪري ختم ٿي رھيا ھئا پر سوشل ميڊيا سبب ھو ھڪ ڀيرو ٻيھر اسان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آھن. سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم ”فيس بڪ“ آھي. ھاڻي تھ فيس بڪ کي کوليندي اھو خوف ٿيندو آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ شاعرن جو درشن نھ ٿي وڃي. ڇو تھ انھن کي ڏسي انھن جا اھي ٻول ڪنن ۾ ٻرندا آھن، جن ٻولن ۾ اھڙا ئي ھوڪا ھوندا آھن، جھڙا ھوڪا گاڏن وارا گھٽين مان گھمندي ڏيندا آھن.
ادب تمام اھم معاملو آھي پر جڏھن ادب ۾ غيراديب گھڙي اچن ٿا تھ اھي ادب جو حشر بھ ڪجھھ اھڙو ڪن ٿا، جھڙو حشر ھن وقت اسان جي سنڌي ادب جو آھي. سنڌي ٻوليءَ کي اھو فخر رھيو آھي تھ ھن ۾ تمام عظيم شاعرن بھ شاعري ڪئي آھي ۽ ان ۾ ڪجھھ اھڙن ذھين انسانن جو بھ ڪم رھيو آھي، جن جي ڪتابن کي پڙھي ماڻھو پاڻ کي معتبر سمجھندو ھو پر ھن دور ۾ نام نھاد اديبن سنڌي اديبن سان اھو حشر ڪيو آھي، جيڪو سنڌ ۾ سياست سان پيپلز پارٽيءَ ۽ قومپرستن ڪيو آھي. سنڌي ادب جيڪڏھن ڪو انسان ھجي ھا تھ ھو پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين جي خلاف عدالت جو در کڙڪائي ھا ۽ چوي ھا تھ انھن اديبن کي ادب لکڻ جي اجازت نھ ملڻ گھرجي، جيڪي ادب جي نالي ۾ پنھنجي ذاتي مفاد جو دوڪان کولي ويٺا آھن ۽ انھن جو ڪم ھاڻي صرف اھو بچيو آھي تھ ھو ڪڏھن ھن فنڪشن ۽ ڪڏھن ھُن فنڪشن، ڪڏھن ھن اسٽيج ۽ ڪڏھن ھُن اسٽيج تي پنھنجو پرنور چھرو مبارڪ ديدار لاءِ پيش ڪري ويٺا آھن.
اسان پنھنجي دور جي اھڙن اديبن سبب ادبي تقريبن ۾ وڃڻ بھ وساري ڇڏيو آھي. ڇو تھ ھر شام ڪنھن نھ ڪنھن ادبي ميڙ ۾ ڪنھن نھ ڪنھن نام نھاد اديب سان ملاقات ڪرڻ جي ھمت ڪير ٿو ڪري سگھي؟ جيڪڏھن ڳالھھ صرف ھٿ ملائڻ جي حد تائين ھجي تھ بھ خير آھي جو ماڻھو ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ھٿ ملائي ھليو وڃي پر ھاڻي تھ سنڌي اديبن جي فوٽو ڪڍائڻ جي جيڪا پٽ پئي آھي، ان سبب تھ ماڻھو سوچي بھ ٿو سگھي تھ ھر ڏينھن انسان ڪنھن اھڙي گوشت جي پھاڙ سان بيٺل نظر اچي، جنھن کي پيار ۾ پراٺا نظر اچن ٿا. جيڪو پيار نھ پر پراٺا گھري ٿو. جنھن کي ڀاڪر نھ پر بصري ۽ واڱڻن جو ڀرتو گھرجي. جنھن کي ڪڙھائيءَ جھڙو قرب ۽ قرب جيان لڳندڙ ڪڙھائي گھرجي. جڏھن اديب پيار بدران پيٽ جو رستو پڇائي تھ ادب جو زوال اڻ ٽر بڻجي وڃي ٿو.