ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو آصف زرداري تي قتل ڪرائڻ جو الزام

Editorial-Article- Allahbuc Rathor

ملڪ اندر بيانا گهڙڻ ۽ عوام کي مستقل بنيادن تي خوف واري ڪيفيت ۾ رکڻ، ففٿ جنريشن وار جي اٽڪلن مان هڪ آهي. عوام کي خوف ۾ رکڻ يا Ghetto psych کي هٿيار طور استعمال ڪري مقصد ماڻڻ نئون هٿڪنڊو آهي. اهڙن هٿڪنڊن جي حوالي سان نوجوان دانشور ۽ استاد عمار علي جان اڳ ئي پنهنجي ڪتاب Rule by Fear: Eight Theses on Authoritarianism in Pakistan ۾ٻڌائي چڪو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، ناليواري دانشور طارق علي لکيو آهي. هن ڪتاب کي جيئن جيئن پڙهجي ٿو ته گذريل چئن سالن جي عمران خان جي دور جا سمورا هٿڪنڊا ياد اچن ٿا. ان سان گڏ هاڻ به عمران خان ان ساڳي خوف پيدا ڪرڻ واري نفسيات تي عمل ڪري رهيو آهي ته جيئن عام ماڻهوءَ ۾ ڊپ واري ڪيفيت برقرار رهي. عمران خان جو تازوئي آصف زرداريءَ تي دهشتگرد تنظيم کي پيسا ڏئي، قتل ڪرائڻ وارو الزام به سمجهه ۾ اچي ٿو. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هن معاملي تي آصف زرداري ۽ عمران خان ميچ فڪسنگ نه ڪئي هوندي. ايندڙ چونڊون، جيڪي پڻ غيريقيني جو شڪار آهن، انهن بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته ڪڏهن ٿينديون. اهي وقت تي ٿينديون يا نه؟ ان بابت في الحال بلڪل اڻ چٽي صورتحال آهي. قومي اسيمبليءَ جي خالي ڪيل تڪن تي اڳ ننڍي چونڊ ۽ ان کانپوءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيڻيون آهن. انهن چونڊن ۾ ٻن قوتن ۾ مقابلو ٿيندو، هڪ طرف عمران خان ۽ ان جي انتهاپسندن، جيڪي خاص ڪري ڪي پي ڪي ۾ پالي وڏا ڪيا ويا آهن ۽ پنجاب ۾ جتي پڻ انهن قوتن جون نرسريون موجود آهن، هي نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ کان وڌيڪ عمران خان جي سوچ جي ويجهو آهن. ٻئي طرف وري رياستي ادارا هوندا، جيڪي رينڪ اينڊ فائل ۾ عمران خان جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙي صورتحال ۾ انتهاپسندن ۽ رياستي ادارن ۾ ٽڪراءُ اڻٽر هوندو. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ان سان ملڪ جي تاريخ جون هي رتوڇاڻ واريون چونڊون هونديون. اهڙي صورتحال ۾ اهي قوتون به ڪنٽرول سنڀالي سگهن ٿيون، جن عمران خان کي پالي اقتدار ۾ آندو. ان حوالي سان اڳ ئي ڪوششون ڪيون ويون، پر سياسي قوتن ان خال کي ڀري ورتو.
هينئر کان هي خبرون اچن پيون ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان گڏيل طور ڪجهه پچائي رهيا آهن، هنن جي اڳيان، جيڪا قوت آهي يا جنهن سان کين ٻه ٻه هٿ ڪرڻا آهن، اهو عمران خان آهي. عمران خان، رياستي ادارن کي حدن ۾ رکڻ لاءِ جيڪي هٿڪنڊا استعمال ڪندو،انهن تي هاڻ کان مشق شروع ڪئي وئي آهي. بيانين (Narratives) ذريعي صورتحال کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ وارو هٿڪنڊو به ففٿ جنريشن وار جي پيداوار آهي. هي جنگ، جن قوتن خلاف وڙهڻي هئي، اهي پنهنجي ئي ڪُک مان جنم وٺندڙ Evils سان وڙهي رهيون آهن. گذريل نون مهينن کان ائين ئي ٿي رهيو آهي، ممڪن آهي ته هي ويڙهه ڪافي وقت تائين جاري رهندي، ايستائين جو عمران خان نيوٽرلائيز ٿي وڃي يا ان جي سگهه کي انتهائي نٻل ڪيو وڃي.
عمران خان، آصف زرداريءَ تي انتهاپسندن جي هٿان قتل ڪرائڻ وارو الزام تحقيق لائق آهي، هن الزام ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. جيڪڏهن ان جي جاچ اعليٰ سطحي بنيادن تي ڪئي وڃي يا معاملو، ائين جيئن بلاول ڀٽو ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته هو قانوني ويڙهه وڙهڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن. اهي عدالتن تائين وڃن ٿا ۽ اهي جاچ جو حڪم ڏين ٿيون ته پوءِ يقين سان عمران خان لاءِ گهاٽي جو سودو ٿي سگهي ٿو. هن جيڪي الزام مڙهيا آهن، انهن کي ثابت ڪرڻ ايترو آسان ناهي،جيترو سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن جاچ ٿي وڃي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا. اها به خبر پوندي ته آصف زرداري ڪهڙين انتهاپسندن قوتن سان رابطي ۾ آهي يا عمران خان، جن انتهاپسندن کي پالي وڏو ڪيو آهي، اهي ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهن. ان دوران ملڪ جون اهم قوتون به ٽڪراءُ ۾ اچي سگهن ٿيون.
اها ڳالهه به واضح ڪري ڇڏجي ته گذريل پنجن سالن دوران جنهن طاقتور عملدار ففٿ جنريشن وار جي وڪالت ڪئي ۽ ان حوالي سان مختلف يونيورسٽين جي شاگردن کي نه فقط ليڪچر ڏياريا، پر ان هزارين ماڻهن تي ٻڌل بٽالين قائم ڪئي، جنهن بيانين ٺاهڻ کان وٺي، گانن تيار ڪرڻ ۽ ڊراما ٺاهڻ جو ڪم ڪيو، هاڻ اها برگيڊ فارغ ٿي وئي آهي، پر هينئر به ان جي بجيٽ جي حوالي سان ڪنهن کي به درست ڄاڻ ناهي. جيڪڏهن جاچ پڙتال ٿي وڃي ۽ حقيقتون سامهون اچن ته انساني حقن جي علمبردار عاصما جهانگير جي روح کي شانتي ملي ويندي، جيڪا پنهنجي حياتيءَ ۾ هميشه ان بجيٽ جي آڊيٽنگ جو مطالبو ڪندي رهي.
هينئر ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جيڪي قومي اسيمبلي جن تڪن تي ننڍي چونڊ ٿيندي، ان ۾ پيپلز پارٽي ته وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي، پر (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان سان گڏ اتحادين چونڊن جي بائيڪاٽ جو اشارو ڏنو. ماضي جيان ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي سمجهايو پئي ويو ته هو ميدان خالي نه ڇڏين، ان ڪري هاڻ هي ڪم به آصف زرداري جي حوالي ڪيو پيو وڃي ته هو اتحادين جي پوزيشن کي سامهون رکندي، گڏيل اميدوار بيهاري، عمران خان کي ميدان کان ٻاهر ڀڄڻ تي مجبور ڪري. هينئر کان چيو پيو وڃي ته پنجاب عمران خان لاءِ واٽرلو ثابت ٿيندو. جيڪڏهن معاملو ائين ئي آهي، جيئن تاثر ڏنو پيو وڃي ته پوءِ عمران خان جا اتحادي ڪهڙا هوندا؟ حڪمران پارٽين سان هو ڪيترو مقابلو ڪندو، ان بابت ڪا اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته چونڊن لاءِ ميدان تيار ئي نه ٿيو آهي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ جا ڪيترا اڳواڻ گرفتاري کان ڪيئن بچندا؟ هينئر تائين اعظم سواتي، سان گڏ شهباز گِل ۽ هاڻ وري فواد چوڌري کي حدن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪي ڌريون چون ٿيون ته ممڪن آهي ته عمران خان، جهڙي نوعيت الزام مڙهي رهيو آهي، ان کي به تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪنهن اڊيالا يا مچ جيل جي هوا کارائي ويندي ته جيئن هن جي سمورن الزامن کان بچي سگهجي. عمران خان پاڻ چئي ٿو ته هن کي جيئن ئي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو، چئن اهم شخصيتن جي نالن تي ٻڌل ريڪارڊنگ هن پرڏيهه موڪلي ڇڏي هئي. جن اهم شخصيتن جا نالا ريڪارڊنگ ۾ موجود آهن، انهن مان هڪڙو آصف زرداري به آهي. عمران خان، جي معلومات ڪهڙي نوعيت يا معيار جي هوندي،ان ۾ سچائي ڪيتري هوندي؟ ان بابت في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
جيڪڏهن ٻن صوبن جي چونڊن ۽ ننڍي چونڊ وڙهڻ لاءِ اتحادي حڪومت جي حڪمت عملي آصف زرداري جوڙيندو يا نواز شريف کيس ڊرائيونگ سيٽ تي ويهارڻ گهري ٿو ته پوءِ عمران خان کي يقين سان ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا. ان ڪري هن مستقبل جو سامان سهيڙڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. عمران خان، جيڪو پهريان ئي چوندو رهيو ته آصف زرداري سندس بندوق جي نشست (شست) تي آهي، اهو پيغام اصل ۾ انهن قوتن کي ڏنو پئي ويو، جن کي الرٽ رهڻ لاءِ چيو ويو. هي اهي قوتون آهن، جن جا پيرا محترما بينظير ڀٽو جي شهادت تائين وڃن ٿا. ان سان گڏ انهن قوتن، ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ سان اڳ ئي گڏجي ۽ ان کانپوءِ ان خلاف جنگ وڙهي ۽ هزارين انسانن کي موت جي منهن ۾ اڇلائي ڇڏيو. اهي قوتون هاڻ ماضي جيان طاقتور ناهن، انهن جي ڪافي حد تائين چيلهه چٻي آهي، پر ان جي باوجود آهي حملن ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن. انهن کي سپلاءِ شروع ٿي وئي ته هو وڏو ممڻ مچائي سگهن ٿيون. انهن ئي قوتن کي اشارو ڪيو پيو وڃي ته سندن دشمن نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان آهن. ان ڪري انهن کي پنهنجي بندوق جي نشست تي رکيو وڃي. هو پهريان به سياسي قوتن کي چونڊ مهم هلائڻ کان روڪڻ لاءِ آپگهاتي حملا ڪري چڪيون آهن، هاڻ ٻيهر انهن کي تيار ڪيو پيو وڃي. هي به ممڪن آهي ته انهن قوتن خلاف چونڊن کان اڳ ئي وڏو آپريشن ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن قوتن کي نه روڪيو ويو ته وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو.
عمران خان جنهن نوعيت جا سنگين الزام آصف زرداري تي مڙهيا آهن، انهن کي سامهون رکندي، بلاول ڀٽو، انتهائي ڳنڀيرتا مان چيو ته هن جو خاندان، هو پاڻ ۽ سندس والد خطري هيٺ آهن. هنن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪافي عرصي کان دهشتگردن خاندان جي ڪيترن ئي ڀاتين کي سڌي يا اڻ سڌي ريت خطرناڪ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ان ڪري هاڻ انهن قوتن کي حدن ۾ رکڻ لاءِ هڪ طرف عدالتن جا در کڙڪايا ويندا ته ٻئي پاسي وري سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هي آسان معاملو ناهي ته عمران خان پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ سياسي اڳواڻن جون حياتيون خطري ۾ وجهي. جنهن خاندان جا ٻه وزير اعظم شهيد ڪيا ويا هجن ۽ ٻن گهرڀاتين کي سازشن ذريعي مارايو ويو هجي، اهي ته ڪنهن به حادثي کان بچڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻندا. عمران خان سمجهي ٿو ته هو پنهنجن مخالفن کي چونڊ مهم کان روڪيندو، شايد هينئر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. ماضي ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ انهن قوتن جي ويجهو هئي، پر هاڻ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ ۽ سياسي قوتون هڪ پيج تي نظر اچن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button