ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اتحادي حڪومت پاران مهانگائيءَ جا وار

هڪ ڀيرو وري عوام لاءِ ڏکيو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پيٽرول في ليٽر 35 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن کان اهي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته پيٽرول اسم ضرور وڌايا ويندا ۽ نيٺ ڪالهه حڪومت عوام جي مٿان مهانگائيءَ جي ايتري وڏي ڇپ ڪيرائي آهي جو ان جي هيٺان عوام دٻجي ويو آهي. جنهن ڪري نه رڳو عوام جي مٿان معاشي بار پيو آهي پر ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ته اهو اهڙي صورتحال ۾ گذارو ڪيئن ڪندو. ڇاڪاڻ ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان پاڻمرادو ٻيون شيون مهانگيون ٿي وينديون آهن ۽ نتيجي ۾ عام شين تائين عوام جي رسائي ممڪن ڪونه ٿيندي آهي. پر انهن سمورن مسئلن جي هوندي به عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪندڙ حڪومت عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڪونه پئي ڏئي. نه ان وٽ عوام لاءِ ڪو رليف پيڪيج آهي ۽ نه ئي ان جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نظر اچي رهي آهي. نواز ليگ جي حڪومت عوام جو اهڙو حشر ڪيو آهي، جهڙو ان کان اڳ عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ ڪري رهيو هو. پر هاڻوڪي حڪومت مهانگائيءَ جا سڀئي رڪارڊ ٽُوڙي ڇڏيا آهن. ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجو پاڻ کي آءِ ايم ايف آڏو جهڪائي ڇڏيو آهي.
عمران خان جي حڪومت خلاف بلاول ڀٽو زرداري ٽريڪٽرن تي چڙهي مهانگي خلاف مارچ پيو ڪندو هو، ڇا هاڻ کيس پنهنجي اتحادي حڪومت پاران مڙهيل مهانگائي نظر ڪونه ٿي اچي. ڇا کيس اندازو ڪونهي ته ڪهڙي ريت مهانگائي سبب عوام جا چلها وسامي ويا آهن ۽ اهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. تنهنڪري هي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. مهانگائيءَ جي ماريل عوام مٿان مهانگائي ڪرڻ سان ان جي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. ان وٽ هاڻ ايتري سگهه ئي ناهي جو اهو مهانگائي برداشت ڪري سگهي. خزاني وارو وزير اسحاق ڊار چئي رهيو آهي ته هن وٽ جادوءَ جي لٺ ڪونهي جو معاملا صحيح ٿي وڃن. اها ته عوام کي به خبر آهي ملڪ جا معاشي ۽ سياسي معاملا جادو جي لٺ وسيلي ٺيڪ ڪونه ٿي سگهندا آهن. پر اهي معاملا حڪمت عملي ۽ سياسي ساڃاهه وسيلي حل ٿي سگهندا آهن. هن وقت تائين پي ڊي ايم حڪومت ڪهڙُو عوام دوست فيصلو ڪيو آهي. پي ڊي ايم ڪهڙي ريت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪي ڪجهه هاڻوڪي حڪومت عوام سان ڪري رهي آهي، اهو حشر ته عمران خان جي حڪومت به ڪري رهي هئي ته پوءِ ان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ يا هن خلاف عدم اعتماد جو ووٽ آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. تنهنڪري هي حڪومت به ايتري ئي عوام دشمن آهي جيتري عمران خان جي هئي. هاڻ ماڻهو جڏهن مهانگائيءَ جي ڀيٽ عمران خان جي حڪومت سان ڪن ٿا ته اها کين بهتر لڳي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان وقت ماڻهن وٽ ڪجهه نه ڪجهه قوت خريد هئي پر هاڻ اها به ڪونه رهي آهي. تنهنڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي رهيا آهن.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي جيڪڏهن عوام سان اهو حشر ڪرڻو هو ته پوءِ ان کي اقتدار نه وٺڻ گهرجي ها. آءِ ايم ايف جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هاڻوڪي حڪومت ڪوبه هڪ فيصلو آءِ ايم ايف جي شرطن کان سواءِ نٿي ڪري سگهي. پگهاردار طبقو يا وري پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ هاڻوڪي مهانگائيءَ جي ڪري متاثر ٿي رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي ان جو ته خيال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته عوام تي ٽيڪسن جا ڳرا بار وجهي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائي اها ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي ته اها ان جي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته قرض کڻندڙ حڪومت کي وياج تي قرض واپس ڪرڻو پوندو آهي. اهڙين حالتن جي هوندي به حڪومت جون شاهه خرچيون جاري آهن، حڪومت ڪابينه گهٽائڻ لاءِ تيار ڪونهي. حڪومت پنهنجن وزيرن مشيرن کي مليل مراعتون واپس وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهنڪري پاڪستان نئون هجي يا پاڪستان پراڻو هجي، عوام لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان آهي. ان لاءِ نه عمران خان جي حڪومت ۾ ڪجهه بدليو هو ۽ نه هاڻوڪي حڪومت ۾ ڪجهه بدليو آهي ۽ نه ئي ان جا امڪان نظر اچي رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته پيٽرول جون قيمتون وڌائي هاڻوڪي حڪومت پنهنجي نا اهليءَ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ان کان سواءِ ان هي عوام دشمن فيصلو پڻ ڪيو آهي. تنهنڪري هي فيصلو ترت واپس ورتو وڃي ۽ عوام کي هر حوالي سان رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن اهو بنا ڪنهن پريشانيءَ جي زندگي گذارڻ جهڙو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button