ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منظم ٿيندڙ دهشتگرد

Editorial

گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو وري دهشتگرديءَ جون ڪارروايون وڌي ويون آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري عوام ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي بابت سوال پڻ اٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ڪوبه محفوظ نه رهندو ۽ ان اهو تاثر پڻ ويندو ته پاڪستان ڪنهن به ريت ڪو محفوظ ملڪ ناهي، تنهنڪري نه رڳو ٻاهرين دنيا پاڪستان ۾ ڪا سيڙپڪاري ڪندي ۽ نه ئي وري اهي رٿائون پوريون ٿي سگهنديون، جيڪي ڪجهه وقت کان هلي رهيون آهن. ڪالهه پشاور ۾ دهشتگرديءَ جي وڏي ڪارروائي ٿي وئي آهي، جنهن ۾ وڏو جاني نقصان پڻ ٿيو آهي.
پشاور جي پوليس لائينز ۾ مسجد اندر آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 47 نمازي شهيد ٿي ويا آهن، ايس پي نور الزمان سميت 157 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مسجد ۾ ظهر جي نماز پڙهڻ دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب مسجد جي ڇِت ڪري پئي، سيڪيورٽي اختيارين موجب نماز دوران پهرين صف ۾ بيٺل آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو. زخمين کي ليڊي ريڊنگ ۽ ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، 30 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون گڏ ڪري ورتيون، ڌماڪي ۾ 10 ڪلو کان وڌيڪ بارودي مواد استعمال ٿي سگهي ٿو. ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. ٻئي پاسي وزير اعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي آيل نئين لهر پاڪستان کي هر حوالي سان ڪمزور ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه سال اڳ وڏي مشڪل سان پاڪستان دهشتگرديءَ کي ڪنٽرول ڪيو هو ۽ هاڻ وري دهشتگرد منظم ٿي ڪارروايون شروع ڪري رهيا آهن. سرحد کليل هجڻ ڪري نه رڳو افغانستان مان دهشتگرد جڏهن چاهين اچي رهيا آهن پر اهي هر قسم جون ڪارروايون ڪري واپس هليا ويندا آهن. ڇا پاڪستان جي حڪومت ان ڳالهه تي ڪڏهن ويچار ڪيو آهي ته ان کي ڪهڙي پاسي کان وڌيڪ خطرو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته پشاور ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي ڪارروائي نه رڳو مذمت جوڳي آهي پر پاڪستان جي حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ به ڪافي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ موجود سمورن افغانين کي واپس موڪليو وڃي ۽ پاڪ-افغان سرحد تان اچ وڃ بند ڪئي وڃي ته جيئن دهشتگرديءَ جون وڌيڪ ڪارروايون نه ٿي سگهن.

ٿر ۾ وياج جي وبا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وياج سبب آپگهات ڪندڙ ماڻهن جون خبرون اينديون رهنديون آهن، پر تنهن هوندي به وياج جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪابه ڪارروائي عمل ۾ ڪونه آندي وئي آهي. ٿر به اهڙن ئي علائقن مان هڪ آهي، جتي وياج جي وبا عام جام آهي ۽ ان کي گهٽائڻ لاءِ هيستائين ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. تنهنڪري غريب ماڻهو وڌيڪ پريشان آهي، اهو وڌيڪ ڀوڳي رهيو آهي. ٿر ۾ وياج جي وبا خلاف ڪي سڄاڻ ڌريون آواز اٿارينديون رهنديون آهن پر انهن جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي.
ڇاڇرو ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران صوفي شاهه عنايت شهيد جي ياد ۾ “جو کيڙي سو کائي” جي عنوان سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مين چوڪ پريس ڪلب اڳيان ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته هتي وڏيرن جي سرڪار جو جبر آهي، منشيات عام آهي، وياج جي ڪاروبار سبب ٿر جا ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، هارين کان 2 هزار رپيا ڪڻڪ خريد ڪري ساڳئي ڪڻڪ 6 هزار رپيا مڻ وڪرو ڪئي پئي وڃي، ملڪ تي 10 سيڪڙو ماڻهو 90 سيڪڙو جو استحصال ڪري رهيا آهن، ناانصافين خلاف هاڻي هيٺين طبقي کي منظم ٿيڻو پوندو. پروفيسر نيڪ محمد ڪاڪڙ چيو ته ٿر ۾ علاج نه هئڻ سبب معصوم ٻار ۽ عورتون اسپتالن ۾ زندگي وڃائي رهيون آهن، هتي جي معدنيات تي مقامي ماڻهن جو ڪو به حق ناهي. ڪامريڊ اقبال چيو ته وڏيرا ۽ ڪامورا شاهي جو راڪاس آهي.
اسين سمجهون ٿا ته وياج سبب عام ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃي رهيو آهي، اهو عمل ڪنهن به ريت بهتر ڪونهي. جيڪي ماڻهو وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن ۽ ماڻهن کي آپگهات ڪرڻ جي مجبور ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي آپگهات ڪرڻ کان بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button