پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور پوليس لائينز ۾ مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪو،59 نمازي شهيد،180 کان وڌيڪ زخمي

پشاور جي پوليس لائينز ۾ مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيش امام ۽ ٻن انسپيڪٽرن سميت 59 نمازي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 180 کان وڌيڪ ماڻهو شديد زخمي ٿي پيا آهن، واقعي وقت سوين نمازي مسجد ۾ موجود هجڻ ڪري ريسڪيو ادارن فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پشاور آپگهاتي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. تفصيل موجب خيبر پختونخوا جي گادي واري شهر پشاور جي سڀ کان حساس علائقي ۽ ريڊ زون قرار ڏنل صدر پوليس لائينز جي مسجد ۾ ظهر جي نماز دوران اڳئين صف ۾ بيٺل آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، دهشتگردي جي بدترين واقعي سبب مسجد جي ڇت ۽ اڳئين حصي ۾ سامهون واري ڀت ڪري پئي، جنهن جي هيٺان ڪيترائي نمازي دٻجي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب صدر پوليس لائينز واري علائقي ۾ مسجد اندر زوردار ڌماڪي بعد فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا، جنهن تي ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به پهتا، جن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. شهيد ٿيل نمازين ۾ مسجد جو پيش امام صاحبزاده نور الامين، ٻن پوليس انسپيڪٽرن سميت 18 اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن ته 180 کان وڌيڪ نمازي سخت زخمي ٿيل ٻڌايا پيا وڃن، جن ۾ پڻ اڪثريت پوليس اهلڪارن جي آهي. آپگهاتي حملي بعد پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون، جتان شهرين کي فوري طور تي رت عطيو ڪرڻ جون اپيلون ڪيون ويون. اسپتال انتظاميا مطابق زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لا رت جي سخت ضرورت آهي، شهرين کي اپيل آهي ته وڌ کان وڌ رت جو عطيو ڪن. ڊپٽي ڪمشنر پشاور مطابق ڌماڪي جي نتيجي ۾ مسجد جي ڇت ڪرڻ سبب ڪيترائي نمازي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ به خدشو آهي جن کي ڪڍڻ لاءِ ڳري مشينري گهرائي وئي آهي. سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس لائنز جي مسجد ۾ ڌماڪو آپگهاتي حملو هو ۽ بمبار مسجد جي پهرين صف ۾ بيٺو هو، جنهن نماز دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي کانپوءِ مسجد جو هڪ حصو شهيد ٿي ويو آهي. هوڏانهن ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم تصديق ڪندي ٻڌايو ته مسجد ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 59 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ 157 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته علائقي کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي ۽ صرف ايمبولينس يا امدادي ڪمن ۾ مصروف عملي کي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي. اسپتال طرفان 147 زخمين جي لسٽ پڌري ڪئي وئي، جن ۾ ٻن خمين جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي. سي سي پي او پشاور محمد اعجاز خان ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪي بعد مسجد جي ڇت ڊهي پئي ۽ ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺان ڦاٿل آهن، جن کي رضاڪار ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڌماڪي جي نوعيت بابت اڃا ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ آهي، بارود جي ڌپ اچي رهي آهي، اسان جاچ ڪري رهيا آهيون، جائزو وٺڻ بعد سبب بابت تصديق ٿي سگهندي. هن ٻڌايو ته پشاور شهر جي سمورين اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته انتظاميا طرفان شهرين کي رت جا عطيا ڏيڻ لا اپيلون به ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير اعظم خان پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير پشاور ڌماڪي ۾ قيمتي حياتيون ضايع ٿيڻ تي صوبي ۾ اڄ سوڳ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اڄ سڄي صوبي ۾ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button