ڪالهه پشاور جي انتهائي حساس علائقي پوليس لائينز ۾ واقع جامع مسجد ۾ ان وقت خوفناڪ ۽ افسوس ناڪ آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو، جڏهن سون جي انگ ۾ نمازي ظهر جي نماز ادا ڪري رهيا هئا. غير سرڪاري اطلاعن موجب پيش امام سميت ٽيهارو کن نمازي شهيد ٿيا، جڏهن ته هڪ سئو کان مٿي زخمي ٿيا آهن، جن کي ڀرسان واقع ليڊي ريڊنگ سول اسپتال ۾ هنگامي بنيادن تحت داخل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي. شهيدن ۽ زخمين جو اهو انگ وڌي يا گهٽجي به سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سرڪاري طور انگ اکر اچڻا باقي آهن.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو مسجد جو هڪ حصو ڊهي تباهه ٿي ويو ۽ پري پري تائين ان جو آواز انهي حد تائين ٻڌڻ ۾ آيو جو گهرن ۽ آفيسن مان به ماڻهو خوف وٽان ٻاهر نڪري آيا. نه رڳو پشاور ۾ خوف واري صورتحال ڏسڻ وٽان ملي پر پورو ملڪ هن ڌماڪي کان پوءِ خوف ۽ ڏهڪاءُ ۾ ورتل آهي ۽ صورتحال کي باريڪ بينيءَ سان ڏٺو پيو وڃي. مهينو کن اڳ اسلام آباد جي علائقي ۾ پڻ آپگهاتي حملو ٿيو هو جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه دهشتگرد مارجي ويا هئا، جنهن کان پوءِ هي ٻيو وڏو واقعو آهي.
پشاور ڌماڪو ان وقت ٿيو آهي، جڏهن ملڪ معاشي توڙي سياسي طور غير مستحڪم ٿي چڪو آهي. پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا به سٺا ناهن. عام چونڊون به ويجهو اچي رهيون آهن. جڏهن ته پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن، جنهن لاءِ اڳ ۾ ئي نگران وزير اعليٰ مقرر ٿي چڪا آهن.
ڪجهه سياسي ڌريون چونڊن طرف في الحال وڃڻ نٿيون چاهين ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي ڳولا ۾ آهن. جيڪڏهن اهڙو ڪو هڪ اڌ واقعو ٻيو سامهون آيو ته ان کي سبب بڻائي عام چونڊن کي ڪجهه عرصي لاءِ وڌائي سگهجي ٿو جنهن سان ملڪ اڃا به معاشي ۽ سياسي طور غير مستحڪم ٿي سگهي ٿو، جنهن جو فائدو به ملڪ دشمن قوتن کي ئي پهچي سگهي ٿو. بم ڌماڪي کي ڀارت سميت دنيا جي مختلف ٽي وي چئنلن وڏي ڪوريج ڏني ۽ بار بار فوٽيج پئي ڏيکاريا. ڀارت جي اينڪرن جو انداز ڪجهه مختلف ۽ منفي هو.
پشاور ڌماڪي کي معمولي وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ دشمن ڌريون پاڪستان کي وڌيڪ ڪمزور ۽ تباهه ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون، جنهن لاءِ ملڪ کي بدامني ڏانهن ڌڪڻ ۽ پنهنجا ارادا ۽ مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون. جتي ڌماڪو ٿيو، اهو هنڌ پشاور جو انتهائي حساس علائقو آهي، جنهن جي ڀرپاسي پشاور اسيمبلي ۽ پشاور سيڪريٽريٽ به آهن، جتي گهڻو ڪري اندر داخلا لاءِ سخت سيڪيورٽي ۽ چيڪنگ به ٿيندي آهي. پوليس لائين انتهائي مصروف ترين خيبر روڊ جي آسپاس آهي، جيڪو روڊ افغانستان پاڪستان سرحد ڏانهن ويندو آهي. هن روڊ تي ڪارخانو مارڪيٽ، پشاور يونيورسٽي، فاريسٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان رورل اڪيڊمي، شهيد شيرپائو اسپتال ۽ ٻيا قومي توڙي صوبائي ادارا به واقع آهن، جتي اهم شخصيتن، ملڪي توڙي پرڏيهي سياحن شاگردن جي به چرپر وڌيڪ رهي ٿي.
حساس علائقي ۾ آپگهاتي بمبار جو پهچڻ ۽ ڌماڪو ڪرڻ صاف ٻڌائي ٿو بلڪه حڪومت لاءِ هڪ پيغام ۽ دڙڪو به آهي ته اهي سخت سيڪيورٽيءَ جي باوجود به پنهنجي ٽارگيٽ هنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي پاڪستان جو امن امان تباهه ڪري سگهن ٿا. ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ويجهو آيون آهن ته هن قسم جا ڌماڪا ٿيا آهن. ڪالهه به آپگهاتي بمبار جو پوليس لائين اندر داخل ٿيڻ به حيرت جوڳو آهي جنهن کي سيڪيورٽيءَ لاءِ موجود اهلڪارن کي بمبار نظر نه آيو ۽ اهو مسجد تائين آسانيءَ سان پهچي. البت ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز پاران علائقي کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پشاور ڌماڪي تي صدر مملڪت عارف علي ۽ وزيراعظم ميان شهباز شريف سميت سياسي قيادت جنهن ۾ آصف علي زرداري، عمران خان ۽ ٻين مذمت ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ملڪي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي زور ڀريو آهي.
پشاور ڌماڪي کي معمولي سمجهڻ نه گهرجي بلڪه چئني رخن کان ڏسڻو ۽ جاچڻو پوندو ته آخر سخت سيڪيورٽي هوندي بمبار مسجد تائين ڪيئن پهتو. هو پهرين يا وچين يا آخري صف ۾ بيٺل هو ته پوليس اهلڪار ۽ ٻين نمازين شڪي ماڻهو جي مسجد ۾ موجودگيءَ جو بروقت نوٽيس ڇو نه ورتو. مسجد ۾ روزانو ايندڙ ويندڙ اهلڪارن ۽ ملازمن ايندڙ ويندڙ هر شڪي کي ڇو نه سڃاتو ۽ پڪڙيو ڇو نه ويو.
هن قسم جي حملي ۽ ڌماڪي کي پهريون ڌماڪو سمجهڻ نه گهرجي بلڪه سيڪيورٽي کي سخت ۽ عوام کي اهڙن حملن کان محفوظ بنائڻو پوندو ۽ جاچ ڪرڻي پوندي هنن ڌماڪن ۽ ڪاررواين پويان ڪنهن جو هٿ آهي ۽ ماڻهو ڪٿان ۽ ڪهڙي ملڪ مان پهچن ٿا ۽ سندن سهولتڪار ڪير آهن؟ڪٿي ايئن ته ناهي جو پنهنجا به ساڻن گڏ آهن، جيڪي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. اها به جاچ ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن کان افغانستان مان آمريڪا نڪتو آهي ۽ طالبان اقتدار سنڀاليو آهي، تڏهن کان طالبان جا پاڪستان سان لاڳاپا ڪجهه خراب رهيا آهن ۽ سرحد جون ڀڃڪڙيون به ٿينديون رهيون آهن.
عام راءِ اها آهي ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ افغانستان سڌي ۽ اڻ سڌي ريت اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث آهن ۽ گهڻو ڪري ڀارت افغانستان جي پاڪستان مخالف ماڻهن کي مهاجر بڻائي موڪلي ٿو. افغانستان جي سرحد اهڙن افغان شهرين لاءِ بنا ڊپ ڊاءُ جي کليل آهي، جتان اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزگار جي بهاني ملڪ جي مختلف وڏن شهرن ۾ داخل ٿين ٿا ۽ داخل ٿين ٿا پر انهن جي ڪا خاص نگراني نٿي ڪئي وڃي ۽ خود سياسي پارٽيون انهن جو حوصلو وڌائين ٿيون. خاص ڪري سنڌ جي شهري علائقن ۾ انهن جي ارهه زورائيءَ جون شڪايتون وڌيڪ آهي. جيڪڏهن افغانين ۽ پرڏيهن جي چر پر تي ڪرڙي نظر نه رکي وئي ته اهي جمهوري عمل، خاص ڪري عام چونڊن دوران بدامنيءَ کي هٿي ڏيندا. بهتر ته اهو ٿيندو جو عام چونڊن کان اڳ پرڏيهين خاص ڪري افغانين کي جيڪي غيرقانوني رهائش پذير آهن، تن کي واپس وطن موڪليو وڃي، کين ملڪ جي سرڪاري ادارن ۾ مليل نوڪريون ۽ شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن.
بهرحال پشاور ڌماڪي جو تعين ٿيڻ گهرجي ته ان ۾ ڪهڙيون ڌريون ۽ قوتون ملوث آهن. جيڪڏهن واقعي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي ته ان بمبار جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي ته هو ڪير هو ۽ ڪٿان پهتو. ڌماڪي جو سهولتڪار ڪير هو. هن ڏس ۾ وفاقي صوبائي حڪومتن، طاقتور ۽ سمورين سياسي ڌرين کي پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.