ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل معيشت

Editorial

پاڪستان جون معاشي حالتون هن وقت آءِ ايم ايف جي مرضي موجب هلي رهيون آهن. آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي کان پوءِ اهو ممڪن ئي ڪونه رهيو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي معاشي پاليسي جوڙي جيڪا آزاد هجي، جيڪا عوام دوست پڻ هجي. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري عرصي کان ملڪ معاشي ڀونچال ۾ ورتل آهي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي ۽ روپئي جو ڪرندڙ ملهه عوام لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. هن وقت مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. ان جو سبب ناڪام معاشي پاليسيون پڻ آهن. اهو چيو پئي ويو ته اسحاق ڊار ٻڏندڙ معيشت کي ڪلهو ڏيندو ۽ عوام لاءِ کير جون نديون پيون وهنديون پر اسحاق ڊار به ٻوٽو ڪونه ٻاريو، نتيجي ۾ نه رڳو ملڪي معاشي وڌيڪ تباهه حال نظر اچي رهي آهي پر ان جي سڌرڻ جا امڪان به نظر ڪونه پيا. ان جو اهم ترين سبب رڳو آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط مڃڻ آهي. ان کان سواءِ هي معاملو رڳو آءِ ايم جا شرط مڃڻ جو به ڪونهي پر جيئن ته حڪمران پاڻ به معيشت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪي به رٿائون شروع ڪونه پيا ڪن، تنهنڪري آءِ ايم ايف پنهنجي پر ۾جيڪي به فيصلا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جا حڪمران انهن کي قبول ڪري رهيا آهن. ان ڪري ئي ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هڪ ڀيرو وري پاڪستان آءِ ايم ايف کي مطالبن تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
پاڪستان آءِ ايم ايف کان مطالبن تي عملدرآمد ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ان لاءِ وقت گهري ورتو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ آءِ ايم ايف مشن سان نائين جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪندو. سرڪاري خابرو اداري “اي پي پي” موجب آءِ ايم ايف جي وفد مشن چيف ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جتي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد کي ٻڌايو ته حڪومت بجلي ۽ گئس سميت معيشت جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن. مختلف شعبن ۾ سڌارا شروع ڪيا ويا آهن. آءِ ايم ايف جي مشن هيڊ هيٿن پورٽر جي سربراهيءَ ۾ وفد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائين اقتصادي جائزي جي ڳالهين جي شيڊيول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سان گڏوگڏ معاشي هدفن تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد بجيٽ ۾ اعلانيل فيصلن موجب بجيٽ خسارو 4 ڏهائي 9 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو چيو ۽ بجيٽ فيصلن موجب پرائمري خسارو جي ڊي پي جو ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو به چيو ويو. آءِ ايم ايف وفد مطالبو ڪيو ته برآمدي شعبي کي 110 ارب رپين جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي. ايف بي آر طرفان ٽيڪس وصولين جو هدف هر حال ۾ پورو ڪيو وڃي، ان کانسواءِ گردشي قرض ۾ گهٽتائي آندي وڃي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 855 ارب رپيا اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ جو به چيو. رياستي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ڪري ان جو خسارو به گهٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. آءِ ايم ايف نجڪاري پروگرام تي عملدرآمد ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته مالي خساري ۽ نقصانن جي نشاندهي به ڪئي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب آءِ ايم ايف مالي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. آءِ ايم ايف غريب طبقي لاءِ سبسڊي جي مخالفت نه ڪئي ۽ عالمي مالياتي فنڊ بي آءِ ايس پي تحت رليف جاري رکڻ تي به راضي ٿي ويو آهي.
جيڪڏهن ملڪي معيشت رڳو آءِ ايم ايف تي ئي ڀاڙيندي رهي ته عوام جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿيندي. ان تي جيڪو معاشي بار وڌو پيو وڃي، ان سان حالتون سڌرڻ بدران بگڙنديون. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته آءِ ايم ايف جا ڪي به ڳرا شرط نه مڃي، جن سان عوام کي تڪليف پهچي. آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون مڃڻ کان پوءِ پاڪستان لاءِ ڪي به بهتر معاشي پيڪيج نه هوندا. نه ئي معاشي حالتون بهتر ٿي سگهنديون، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف جي امداد کان پوءِ معاشي طور جيڪو رليف ملندو اهو عارضي هوندو ۽ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف کان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرائڻ ڏکيو ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button