رانديون

بگ بيش ليگ 12 برسبين هيٽ کٽي ورتي، سڊني سڪسرز کي شڪست

بگ بيش ليگ جي سيزن 12 برسبين هيٽ کٽي ورتي آهي ۽ سندس مخالف ٽيم سڪسرز کي شڪست اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريلوي ٽي 20 ليگ جي فائنل ۾ برسبين هيٽ 4 وڪيٽن تان سڊني سڪسرز کي هارائي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. بگ بيش ليگ سيزن 12 جي فائنل ۾ سڊني سڪسرز 6 وڪيٽن ري 116 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ بيٽرن ڊينئل هگس 23، ڪرٽس پيٽرسن 19، جوش فلپس ۽ هائيڊن ڪر 16،16 رنسون ڪري نمايان رهيا. جڏهن تھ باقي بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. هوڏانهن برسبين هيٽ جي 19 اوور ۾ 6 وڪيٽن تي 117 رنسن جو هدف حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ مائيڪل نيسر 48 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي شاندار اننگز کيڏي، جوش برائون جون 20 رنسون، ميڪس بريان 10 رنسون ٺاهيون. اهڙي ريت برسبين جي آل رائونڊر بالر مائيڪل نيسر 48 رنسن ۽ 2 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ ۽ موسٽ ويليوايبل پليئر جا اعزاز پڻ ڏنا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button