اڄڪلهه جنهن به ڪچهري ۾ ويهجي ٿو ته سڀني وٽ هڪڙو ئي ساڳيو سوال آهي ته “ٻيلي ڏيو خبر!! ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ “ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن کي اها خوشفهمي هئي ته عمران خان جيئن ويندو ته سمورا ملڪي معاملا سِڌا ٿي ويندا، اهي سڀ ماڻهو ساڳي ماني ساڳ سان واري ڪيفيت ۾ موٽي آيا آهن. بلڪ شبهاز شريف جي اتحادي سرڪار جيڪي پير کڻڻ لڳي آهي، تنهن کان پوءِ ته عوام جي مايوسي حد – لاحد ٽِپيو بيٺي آهي. اهو ان ڪري جو ماڻهن کي اهو آسرو هو ته اتحادي حڪومت ۾ جيئن ته سڀئي آزمايل گهوڙا آهن، تنهن ڪري اهي منڊڪائي سنڊڪائي گاڏو گهلي ويندا پر ماڻهن کي اها خبر هاڻ وڃي پئي آهي ته جنهن گاڏي جي گهلجڻ جي هو اميد رکيو ويٺا هئا، تنهن گاڏي جو گند هاڻ ڪنهن جي به کڻڻ کان ڳرو آهي. اهڙي خبر پوڻ کان پوءِ هر ماڻهو اداس ۽ مايوس آهي. پڪي ڄمار وارا پاڻ ۾ ويهي اهو ٿا پچارين ته ٻيلي پاڻ ته ڏکيو سکيو پنهنجو وقت ٽِپائي آيا آهيون پر هاڻ پنهنجي ٻارڙن جو ڇا ٿيندو؟
واضح ڪندا هلون ته اهڙي غيريقيني وارا سوال به اڪثر وچولي طبقي ۾ گردش ٿا ڪن، جڏهن ته پورهيت غريب طبقي وٽ رڳو ايندڙ ويلي جي ڳڀي جي ڳڻتي آهي. انهن وٽ آئيندي جو سوال ان ڪري بي معنيٰ آهي جو سندن حال ئي نٿو گذري ته ايندڙ ڏينهن بابت ڇا سوچين؟ ها اهي ماڻهو جيڪي هن وقت به بيگهر آهن، بُکيا آهن، بيمار آهن، غير محفوظ آهن تن تي اڃان ٻي ڪهڙي قيامت نازل ٿيندي، جيڪا کين وڌيڪ پريشان ڪندي؟ هن ملڪ جو مسڪين پورهيت طبقو ته اول ڏينهن کان محشر جي ميدان ۾ جيئن آهي سو آهي. ايندڙ ڏينهن جي ڳڻتي اصل ۾ وچئين طبقي کي ڳاريو پئي وڃي. ها باقي مٿيون اقتداري ۽ واپاري طبقو ته رات ڏينهن ملڪ کي ڦُرڻ لُٽڻ ۾ رُڌل آهي ۽ لُٽيل دولت تيزي سان ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ ڪندو پيو وڃي. ان طبقي جو اولاد رهي ئي ٻاهر ٿو، انهن کي ٻٽيون شهريتون آهن، تنهن ڪري جيترو به ملڪ کي لُٽي سگهيا لُٽيندا ۽ جيئن ئي ٻيڙي ٻُڏي ته هو سڀئي شُون ڪري وڃي پُڄندا پنهنجن انهن ٺڪاڻن تي جيڪي ڏيساوَر ۾ انهن اڏي رکيا آهن. هاڻ اهڙي رَوش واري راهه تي ٿِڙي ٿاٻڙي هلندڙ هن ملڪي نظام جو اڳيان هلي ڪهڙو آئيندو ٿي سگهي ٿو؟ تنهن جو جواب ٻيلي پڌرو پيو آهي. سو پاڻ اجايو لکي يار ڪونه ٿا رُسايون!؟
ها باقي ايترو سو ضرور آهي ته پاڻ اهڙين حالتن جي سببن واري اصل بنيادي تاريخ ڏانهن جهاتي پائي، اُتان هڪ ٻه ڳالهه ڳولي سنگت آڏو رکي سگهون ٿا ته جيئن اڄوڪي نسل کي اهو سبق ملي سگهي ته ٻيلي پنهنجي ڪنهن به ڪم جو بنياد ڪُوڙ، دوکي ۽ اجائي خوشفهمي تي نه رکجو. حقيقت ڀل کڻي ڪيتري به ڪڙي ڇو نه هجي، ان کي مڃي، پنهنجا پير اهي کڻجو جن ۾ سچائي هجي. ڇو ته وڏڙن جي وِديا ۾ اهو لکيل آهي ته سچ جي ٻيڙي لُڏندي ضرور آهي پر ٻُڏندي ناهي. ها ته پوءِ هڪ اهڙو ئي سچ جيڪو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت سنڌ جي ساڌُو سُرت واري شخص پنهنجي سمورن ديس واسين آڏو رکيو پر الميو اهو هو جو سندس هڪ به ڪانه ٻڌي وئي ۽ اڪثريت اجائي خوشفهمي جو شڪار ٿي وڃي پنهنجو مٿو ان پاڃاري ۾ وڌو، جنهن کي ڇڪي ته پاڻ رهيا آهيون پر ان جو کٽيو عالمي سامراج ۽ ان جا مقامي پُٽيلا کائي رهيا آهن. ها اهو سچ جيڪو سائين محمد ابراهيم جويي اڄ کان مُني صدي اول 1946ع ۾ “سنڌ بچايو – کنڊ بچايو” جي سِري هيٺ لکيو هو. تنهن ڪري مُنڍ ۾ پاڻ جيڪو ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ وارو سوال رکي آيا آهيون، تنهن جو جواب توهان کي پاڻمرادو سائين جويي صاحب جون هيٺيون ڪجهه ڳالهيون پڙهڻ سان سمجهه ۾ اچي ويندو. سو اچو ته سائين جويي صاحب جون هي ڳالهيون پڙهي ملڪ جي آئيندي جو سوال سمجهون. سائين لکي ٿو.
” ٻه هڪڙا غلط موقف ۽ نقطه نظر آهن، جنهن ۾ هڪڙو آهي اکنڊ ڀارت لاءِ هڪڙي مرڪزي حڪومت ۽ ٻيو آهي انتهائي مرڪزيت وارو پاڪستان. ها پر ٻئي پاسي هڪڙو ٻيو به اُپاءُ آهي جيڪو صوبن کي آزادي ۽ خودمختياري ڏيڻ وارو اُپاءُ آهي. اهڙو اُپاءُ موجود تڪرارن جي نبيري لاءِ نه رڳو عمل ۾ اچڻ جوڳو آهي پر سڀني لاڳاپيل ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو ۽ منصفاڻو پڻ آهي. هن وسيع ننڍي کنڊ لاءِ هتي ڄاڻايل انهي خاڪي کي عمل ۾ آڻڻ سان هندستان جون محروم قومون، جن کان سندن آزادي ۽ خودمختياري کسي ويئي هئي، سي ٻين آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي برابر اچي بيهنديون.
شل ايئن ٿئي!! شل هرڪائي ڌر عقل کان ڪم وٺي ۽ تاريخ جي تقاضا کي مانُ ڏئي ۽ ان کي سندس امانت، رضا خوشي سان واپس موٽائي ڏي!! ايئن ٿيڻ سان اهي سمورا پرڳڻا جيڪي پنهنجي وحدت ۽ لساني هڪجهڙائي تي ٻڌل آهن، جن جا بنيادي ثقافتي، معاشي ۽ تاريخي مفاد حقيقتن تي بيٺل آهن، سي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ۾ اچي ويندا. جنهن کان پوءِ اهي رلجي ڪو اهڙو وفاق به جوڙي سگهن ٿا، جنهن ۾ شامل سمورين اڪائين کي هڪجهڙو ۽ هڪجيترو درجو مليل هجي. اهڙي مثالي صورتحال ۾ ڪنهن به اڪائي کي ٻي اڪائي جي غالب ٿيڻ جو ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه هوندو. ڇاڪاڻ ته سڀئي اڪائيون طئي ٿيل قائدي تي ڪاربند هونديون. مثال طور سنڌ وفاقي بنيادن تي قائم ڪيل مرڪز ۾ شموليت تان هٿ کڻڻ ۾ آزاد هوندي.
جيڪڏهن معاملن جي فضا ان نموني خوشگوار هوندي ته سنڌ کي پنهنجا ڪي ٿورا اختيار ۽ حق رضاڪاراڻي نموني، ڪنهن اهڙي وفاق جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪوبه انديشو نه هوندو، جنهن ۾ ڪنهن هڪ قوم کي اڪيلي سِر سياسي، جمهوري ۽ ايوانن ۾ نمائندگي جي برتري حاصل نه هوندي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن مرڪز جي قيام کان سواءِ ٻيو ڪو منصوبو آهي، جنهن ۾ ڪا هڪ قوم ڪنهن ٻيءَ جي ماتحت ۽ غلام هوندي ته پوءِ اهڙو الحاق يا انضمام سنڌي قوم يا ٻئي ڪنهن قوم لاءِ قبولڻ جوڳو نه هوندو ۽ نه ئي ڪا قوم، جنهن کي اهڙي ڪنهن منصوبي جو ادراڪ آهي، سا مرضي سان اهڙي مرڪز ۾ شامل ٿي سگهي ٿي.
ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڌريون، جيڪڏهن ڪنهن معاهدي تي سهمت ٿين ٿيون ته انهن وچ ۾ اعتماد ۽ گڏيل سهڪار جو هئڻ لازمي آهي ۽ اهو معاهدو سڀني شامل ڌرين لاءِ هڪجيترو لاڀائتو ۽ دلپسند هئڻ کپي. ايڪتا ۽ گڏيل سهڪار جي اهڙي فضا کليءَ دل سان مڃيل ۽ بلڪل برابر حيثيت ۾ هڪ ٻئي کي مانُ ڏيڻ سان قائم ٿي سگهي ٿي. ڪا قوم ڪن ڳڻپ جيترن ماڻهن جي غلامي ۽ ماتحتي قبول نٿي ڪري سگهي. اهڙو لاچار ان کي تڏهن پيش ايندو، جڏهن ان کي ڪنهن ڪاهه وسيلي فتح ڪيو ويو هجي يا کيس ذهني طور گمراهه ڪيو ويو هجي. جيڪڏهن ڪنهن قوم کي فتح ڪندڙ طاقت ڪمزور ٿئي ٿي يا لڳاتار دوکي دولاب کان ڪم وٺي ٿي ته اها پنهنجو اثر وڃائي ويهندي. اهڙي ريت ڪوڙن دلاسن، اجائي آٿت، ڊپ ۽ ڌمڪين وسيلي ڪنهن قوم کي ذهني طور مفلوج ڪندڙ طاقت پڻ وقت اچڻ تي وائکي ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ وهم وسوڙل قوم جاڳي پوندي آهي.
هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سازگار وقت اچڻ جي اوسيئڙي ۾ بيچئن، بيقرار ۽ بيدار قوم ستت ئي تحرڪ ۾ اچي ويندي آهي ۽ جو ڳچيءَ ۾ پيل غلاميءَ ڳٽ لاهي اڇليندي آهي.”
هاڻ اها آهي سا اصل حقيقت جنهن ۾ هن ملڪ جي بحران مٿان بحرانن جي سببن ۽ آئيندي جي سمورن امڪانن جو جواب سمايل آهي. تنهن ڪري پڙهندڙن کي پنهنجي اها وينتي آهي ته اهي سائين محمد ابراهيم جويي پاران نشاندهي ڪيل سمورين تاريخي ڀيٽائن جي تناظر ۾ پنهنجي پنهنجي سوال کي ڀيٽي ڏسن ۽ پوءِ پاڻ ئي طئي ڪن ته ٽن صوبن مٿان هڪڙي صوبي جي نامناسب ۽ مڙهيل اڪثريت واري هن وفاقي ڍانچي ۾ رهندي، اسان کي وڌيڪ ڪيترو ڪنهن ڀلائي جي خوشفهي ۾ رهڻ گهرجي؟ ها اهو هڪ پاسائون وفاقي ڍانچو، جيڪو پنهنجي مُني صدي واري مُدت ۾ ايترو ته وائکو ٿي چُڪو آهي جو هاڻ هن مٿان ڀل ڪيترا به ڍَڪ رکيا وڃن پر ان جي اوگهڙ نٿي ڍڪي سگهجي. ها اهو وفاقي ڍانچو، جنهن جا اصل مالڪ قومن جي خودمختياري ۽ تاريخي وجود کي نه ڪالهه مڃڻ لاءِ تيار هئا ۽ نه اڄ کانئن ٻيو ته ٺهيو پر سکڻي ارڙهين ترميم ئي هضم ٿئي ٿي، تنهن ڍانچي جو بحران ختم ٿئي به ته آخر ڪيئن!؟ سو ياد رکو!! هي بحران وڌڻو ئي آهي. ها باقي انجام انهي بحران جو ڪهڙو ٿئي ٿو، سو حالتن ۽ انهن قومن جي پنهنجي سياسي سگهه ۽ سجاڳي سان واڳيل آهي، جيڪي قومون ڪنهن به خوشفهمي هيٺ هن ڍانچي ۾ شامل ٿيون هيون. ڇو ته هاڻ سمورين خوشفهمين جي پُڄاڻي ٿي چُڪي!!