ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ترڪيءَ جي تڪليف

Editorial-Article-Umer Qazi

ترڪي، شام ۽ لبنان کي متاثر ڪندڙ زلزلو تمام ڀيانڪ آھي. اسان کي زلزلي جا منظر ان ڪري بھ تمام گھڻو متاثر ڪري رھيا آھن جو ھن وقت ھر ھٿ ۾ ڪيمرا آھي ۽ ماڻھو ھر قسم جي معلومات شيئر ڪري رھيو آھي. ان حوالي سان اسان کي ڏسڻ لاءِ جيڪي تصويرون مليون آھن، اھي تمام تڪليف واريون آھن. اھا تڪليف ان مھل تمام گھڻي وڌي وڃي ٿي، جڏھن اوھان کي موقعو بھ مليو ھجي جو اوھان انھن ماڻھن جي نارمل ۽ خوشين سان ڀريل زندگي بھ ڏٺي ھجي ۽ اوھان اھي گھٽيون بھ گھميون ھجن، جن ۾ حسين ماڻھو مسرت سان ھڪ ٻئي جي ٻانھن ۾ ٻانھون وجھي ھلندي نظر ايندا ھجن. جتي رنگ ھئا. جتي روشنيون ھيون. جتي زندگيءَ جا حسين روپ ھئا. اتي ھاڻي رڙيون آھن. دانھون آھن. اھي خوبصورت عمارتون واريءَ جا ڍير بڻجي ويون آھن. جن ۾ حسين انسان رھندا ھئا. جتي معصوم گلن جھڙا ٻار ھئا، اتي ھاڻي زخمي زندگي ٻاڪاري رھي آھي. اھو سڀ ڪجھھ تمام گھڻي تڪيلف وارو آھي.
ترڪيءَ جي تڪليف اسان کي تھ تمام گھڻي محسوس ٿي رھي آھي. ڇو تھ اسان ڪجھھ ڏينھن ترڪيءَ ۾ قيام ڪيو آھي. اتان جي دوڪانن تان شيون خريد ڪري کاڌيون آھن. اتان جي ھوٽلن ۾ راتيون گذاريون آھن. انھن جون ڪافيون پيتيون آھن. ان ڪري اسان جو احساس ھڪ فطري عمل آھي. پر اسان کي اھو پتو ناھي تھ اسان جي حڪمرانن جي ڪھڙي ڪيفيت ھوندي. خاص طور تي اسان جي وزيراعظم ميان شھباز شريف جا احساسات ۽ جذبات ڪھڙي نوعيت جا ھوندا؟ اسان ان باري ۾ ڪجھھ ڪئين چئون؟ جيتوڻيڪ ھن ترڪيءَ جي سربراھه کي رسمي طور تي فون بھ ڪيو آھي. پر رسم الڳ شيءَ آھي ۽ ڪو روحاني احساس الڳ ھوندو آھي. اسان تھ پنھنجي دل جي گھرائيءَ سان ان غم کي محسوس ڪيون ٿا، جيڪو ھن وقت ترڪيءَ جي مٿان تڪليف وارو پاڇو وجھي رھيو آھي.
اسان جي حڪمران کي بھ تڪيلف تھ ضرور پھتي ھوندي ۽ ممڪن آھي تھ ھن کي ان ڳالھھ جو افسوس ھجي تھ ھن جي لاءِ ڪجھھ وقت تائين مدد جو ھڪ دروازو بند ٿي ويو. ڇو تھ ترڪي سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي آھي. ترڪيءَ جي حڪومت کان مسلم ليگ ن جي حڪمرانن ڪڏھن بھ مدد گھرڻ ۾ ڪو بھ عار محسوس نھ ڪيو آھي. خاص طور تي شھباز شريف تھ ترڪي جي حڪمرانن سان ويجھو ٿيڻ جو ڪو بھ موقعو مس نھ ڪندو آھي. ھن کي سدائين اھو خيال رھندو آھي تھ ترڪيءَ ھن کي ڪڏھن بھ تڪليف ۾ ڏسي نھ سگھندي پر اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھو ترڪيءَ کي تڪليف ۾ ڏسي رھيو آھي ۽ ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. پاڪستان دنيا جو اھو ملڪ بڻايو ويو آھي، جنھن کي صرف وٺڻ ايندو آھي. ان کي ڏيڻ جي ڳالھھ ٻڌي ٻرو چڙھي ويندو آھي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مٿان سوڙھي دل يا ڪنجوسيءَ جو الزام بھ مڙھي نھ ٿو سگھجي. ڇو تھ پاڪستان جون پنھنجيون معاشي حالتون سدائين اھڙيون رھيون آھن جو پاڪستان وٺڻ واري قطار ۾ بيٺل ملڪ ھوندو آھي. پاڪستان ڪڏھن عالمي امداد وٺندو ھو ۽ ھاڻي جڏھن دنيا جي سياست تبديل ٿي وئي آھي ۽ ھاڻي عالمي طاقتن امداد جا در بند ڪري ڇڏيا آھن تھ امداد جا ھيراڪ ملڪ ھاڻي قرض وٺڻ لڳا آھن. انھن جو قرض وٺڻ بھ امداد وٺڻ جھڙو آھي. ڇو تھ عالمي ادارن کي بھ معلوم آھي تھ انھن ۾ قرضن جون قسطون موٽائڻ جو ڪو آسرو ناھي. پاڪستان پنھنجي معاشي صورتحال ۾ ائين ڦاسي ويو آھي جو ھاڻي ھو آءِ ايم ايف جي شرطن تي پنھنجيون معاشي پاليسيون جوڙي رھيو آھي. جيڪو ملڪ آءِ ايم ايف جي ھدايت تي معاشي پاليسي جوڙي، ڇا اھو ملڪ ڪڏھن بھ پنھنجن پيرن تي بيھڻ جو حق حاصل ڪري سگھندو؟
پاڪستان کي ڪرپٽ حڪمرانن ايتري حد تائين لٽيو ۽ ڦريو آھي جو اھو ملڪ ھاڻي ايترو تھ غريب ۽ مسڪين بڻجي ويو آھي جو ھو مصيبت ۾ آيل پنھنجن محسنن جي مدد بھ ڪري نھ ٿو سگھي. جڏھن تھ اھڙا موقعا ھوندا آھن، جن موقعن تي دنيا جا ملڪ پنھنجي ڪنڌ کي بلند ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪندا آھن ۽ انھن کي اھو حق حاصل ٿيندو آھي تھ ھو بھ ڏيڻ وارن جي صف ۾ بيھي سگھن.
ھيءَ دنيا ڏيڻ ۽ وٺڻ واري سسٽم تي ھلي ٿي. جيڪي ملڪ صرف وٺن ٿا ۽ ڏين نھ ٿا، اھي ملڪ دنيا ۾ معتبر نھ ٿا سمجھيا وڃن. ان ڪري دنيا ۾ ڏيڻ ۽ وٺڻ جو سلسلو روان دوان رھڻ بھ ضروري آھي. پاڪستان جو وڏو مسئلو اھو آھي تھ پاڪستان ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ڪڏھن بھ نھ رھيو آھي. ھن وقت جڏھن سوشل ميڊيا تي اھو ذڪر ھليو تھ ڪو پاڪستان پاران ترڪيءَ ڏانھن تنبو اماڻيا پيا وڃن تھ اڪثر ماڻھن پنھنجن ڪمينٽس ۾ اھو لکيو تھ ان ڳالھھ جو خاص خيال رکيو وڃي تھ اھي خيما اھي نھ ھجن، جيڪي ترڪيءَ تازو پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي لاءِ موڪليا ھئا.
ترڪيءَ ھڪ خوبصورت ۽ تاريخي طور تي وڏي حيثيت وارو ملڪ رھيو آھي. اھو ملڪ ڪڏھن تھ مسلم دنيا جي شھنشاھيت ھو. ھن وقت بھ ترڪ شھنشاھيت واري پس منظر ۾ ٺھيل ڊراما اسان جا ماڻھو وڏي شوق سان ڏسندا آھن. انھن کي خوشي ٿيندي آھي تھ انھن جھڙا مسلمان ڪيئن نھ وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان تاريخ جا عظيم حڪمران تي ويٺا آھن پر اھا بھ حقيقت آھي تھ جڏھن ڪو ماڻھو پاڪستان مان ترڪي وڃي ٿو تھ ھو اھو ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو تھ ترڪ ماڻھو مسلمان ھجڻ جي باوجود ڪيترا نھ لبرل ۽ آزاد طبيعت جا مالڪ آھن. ترڪن کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو آھي تھ تاريخي طور تي پنھنجي آزادي جا امين آھن. انھن کي انساني آزادي ڄڻ تھ ثقافتي طور تي ورثي ۾ ملي آھي ۽ ھو پنھنجي ان ورثي تي تاريخ جي ڪنھن بھ دور ۾ ڪنھن بھ قسم جو سمجھوتو ڪرڻ لاءِ تيار نظر نھ آيا آھن. اھا انھن جي خوبي آھي. انھن جي اھا خوبي اسان کي گھڻو متاثر ڪري ٿي. اسان جيڪي خوبين جي حوالي سان تمام گھڻي غربت جو شڪار آھيون اسان کي ان مھل بھ تمام گھڻو شرم محسوس ٿيندو آھي، جڏھن اسان پاڻ مان وڌيڪ خوبين واريون قومون ڏسون ٿا.
ترڪيءَ جي سلسلي ۾ اھا ڳالھھ پھرين نظر سان محسوس ٿيڻ لڳندي آھي تھ ترڪ خوبصورت بھ آھن ۽ انھن ۾ تمام گھڻيون خوبيون بھ آھن. جڏھن خوبصورتي ۽ خوبي پاڻ ۾ ملي ٿي تھ ان جو رنگ ۽ ڍنگ تمام گھڻو دلڪش ٿي وڃي ٿو ۽ ان جو انداز ڪنھن کي بھ پنھنجي اثر ۾ آڻي سگھي ٿو. اھو ئي سبب آھي تھ جڏھن بھ اوھان ترڪي وڃو ٿا تھ اوھان کي گھٽين، روڊن ۽ مارڪيٽن ۾ تمام گھڻا سياح نظر اچن ٿا. ترڪيءَ ۾ پوري دنيا جا ماڻھو مزو ماڻڻ جي لاءِ ايندا آھن. ڇو تھ ترڪيءَ جا سمنڊ ۽ ساحل تمام گھڻا صاف ۽ تمام گھڻا حسين ھوندا آھن. ترڪيءَ ۾ جيڪو تاريخي ثقافت جو انداز آھي، اھو ايترو تھ دلڪش ۽ خوبصورت آھي جو اھو اوھان جي دل کي منٽ ۾ موھي وٺندو. ترڪيءَ ۾ عمارتن جو حسن تمام گھڻو آھي. جنھن ملڪ جي ھر شيءَ مان حسن جھلڪندو ھجي، ان ملڪ جي مٿان جيڪڏھن فطرت جي ڪا وڏي مصيبت ڪڙڪي پوي ٿي تھ اھو منظر تمام گھڻي تڪليف جو باعث بڻجي ٿو.
ترڪيءَ ۾ آيل زلزلي جي تڪليف پوري دنيا ۾ محسوس ڪئي ويندي. ڇو تھ دنيا جا تمام گھڻا ماڻھو دل وندرائڻ جي لاءِ ترڪيءَ ۾ ايندا آھن. انھن کي جڏھن بھ ياد ايندو تھ ھو ڪھڙي طرح سان ترڪيءَ ۾ ترسيا ھئا ۽ جڏھن انھن جي اکين آڏو زلزلي جا منظر ايندا تھ ھو ڪيترو نھ اداس ٿيا ھوندا. اھا تڪليف ۽ اھا پيڙا فطري آھي. اسان جي دل ۾ جڏھن ترڪيءَ جي حوالي سان درد آھي تھ دنيا جي حساس ماڻھن ان تڪليف کي ڪيئن نھ محسوس ڪيو ھوندو.
ترڪيءَ جي سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ مشھور آھي تھ ترڪي ھڪ غيرت وارو ملڪ رھيو آھي ۽ ھن ڪڏھن بھ ڪنھن عالمي طاقت جي آڏو پنھنجو ڪنڌ نھ جھڪايو آھي. دنيا کي بھ معلوم آھي تھ ترڪي تمام گھڻو عزت نفس جو خيال رکندڙ ملڪ آھي. ان ڪري دنيا کي ھن جي حوالي سان تمام گھڻو خيال آھي.
ترڪيءَ دنيا کي مدد جي اپيل نھ ڪئي آھي پر ان جي باوجود بھ دنيا جي ملڪن ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ امدادي ٽيمون ۽ ضرورت جون شيون موڪليون آھن. انھن ملڪن ۾ اھي ملڪ بھ آھن، جن ملڪن جو ترڪيءَ سان پرڏيھي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ ڪو سٺو رشتو ناتو نھ رھيو آھي. پر ان جي باوجود بھ ھو ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ کي پنھنجو فرض سمجھن ٿا. ترڪيءَ جي طرف عالمي برادريءَ جو اھو انداز تمام گھڻو متاثر ڪندڙ آھي ۽ اسان جھڙن ملڪن کي سمجھڻ گھرجي تھ جڏھن ڪو ملڪ پنھنجي وقار جو سودو نھ ٿو ڪري ۽ ھو پنھنجن وسيلن جي سلسلي ۾ پاڻ ڀرو ٿي پنھنجن پيرن تي بيھي ٿو تھ دنيا ۾ ھن جي حيثيت ڪيتري نھ وڌي وڃي ٿي ۽ ھو ڪيترو نھ اعتماد جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو.
زلزلو صرف ترڪيءَ ۾ نھ آيو آھي پر شام ۽ لبنان بھ متاثر ٿيا آھن، اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ اسان جي ميڊيا تي شام ۽ لبنان جا منظر موجود ناھن پر تڪليف ۾ تھ ھو بھ آھن. شام تھ مسلسل مصيبتن جي منھن ۾ رھيو آھي. شام جي پوري پيڙا اسان کي معلوم ناھي پر اسان کي ترڪيءَ جي باري ۾ ڄاڻ آھي تھ ترڪي ڪيتري تڪليف ۾ آئي آھي. ھو جيڪي سڪون سان ستل ھئا، اھي خوفناڪ جھٽڪن تي جاڳي پيا ۽ انھن جا گھرا واريءَ جا دڙا بڻجي ويا. انھن جي ماڻھن لاءِ انھن جا گھر قبرون بڻجي ويا. ترڪيءَ جي سلسلي ۾ اسان وٽ جيتريون خبرون اچن ٿيون، ھر خبر ۾ زلزلي سبب مري ويل ماڻھن جي انگ ۾ اضافو نظر اچي ٿو ۽ اھو اضافو اسان جي ان تڪليف ۾ بھ اضافو آڻي ٿو، جيڪا تڪليف اسان ترڪيءَ جي حوالي سان پنھنجي دل ۾ محسوس ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button