رانديون

عبدالرزاق طرفان ايشيا ڪپ پاڪستان بدران دبئي ۾ ڪرائڻ جي حمايت

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جو ايشيا ڪپ پاڪستان بدران ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪرائڻ جي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرزاق چيو ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ ايشيا ڪپ ڪرائڻ هڪ بهترين آپشن آهي، ان سان ڪرڪيٽ کي هٿي ملندي. هونئن به پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون صرف آءِ سي سي ايونٽس ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون آهن. هن چيو ته ڀارت کي وڏن ٽورنامنٽس جي ميزباني کان روڪڻ جي تصور سان متفق نه آهيان پر منهنجي خيال ۾ ٻنهي بورڊن کي گڏجي ويهي مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button