رانديون

رونالڊينو جو پٽ پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ لڳو

برازيل: برازيل جي مشهور فٽبالر رونالڊينو جي 17 سالن جي پٽ پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اسپينش فٽبال ڪلب بارسلونا سان معاهدو ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 2 ڀيرا فيفا ورلڊ ڪپ ۾ برازيل ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ رونالڊينو جو 17 ورهين جو پٽ جوائو مينڊس ٽرائل پاس ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هن جو اسپين جي فٽبال ڪلب بارسلونا سان معاهدو به ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوائو مينڊس معاهدو حاصل ڪرڻ لا گذريل مهيني کان ٽريننگ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بارسلونا جي صدر جان لاپورٽا ۽ ايجنٽ رابرٽو ڊي ايسس سندس نگراني ڪئي. اڳوڻي فٽبالر رونالڊينو تصديق ڪئي آهي ته بارسلونا منهنجي پٽ کي سائن ڪندو، ڪلب هميشه منهنجي زندگي جي ويجهو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button